مختلف موضوع

تُنهنجي تند تَنوار....

ڪتاب ”تنهنجي تند تنوار“ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري اديب، ليکڪ، ناولنگار ۽ جديد صحافت جي اهڃاڻ ”سراج“ جي شاعري، ناٽڪ ۽ ترجمن جو مجموعو آهي. فهميده حسين لکي ٿي:
”سراج ادبي دنيا ۾ هڪ تخليقي فنڪار جي حيثيت ۾ قدم رکيو، هڪ ڪهاڻيڪار جي حيثيت ۾ پاڻ مڃايو، وقت جي اڪثر رسالن ۾ هڪ شاعر جي حيثيت ۾ شامل ٿيندو رهيو، هڪ مضمون نگار جي حيثيت ۾ ڪيترائي تخليقي مضمون ۽ تاثر لکيائين، ٻين ٻولين ۾ ڇپجندڙ تخليقي ادب کي ترجمو ڪري سنڌي ٻوليءَ جي دامن کي وسيع ڪيائين، تخليقي انداز ۾ تاريخي ناول لکيائين. ڪو وقت اهڙو به آيو، جو سنڌ ۽ سنڌي ٻوليءَ جي وجود، حيثيت ۽ رُتبي تي سوال ٿيا، تڏهن هن پنهنجي قلم جو رخ تحقيق ڏانهن موڙيو ۽ سنڌي ٻوليءَ جي قدامت، عظمت ۽ شاهوڪاري ثابت ڪرڻ لاءِ موهن جي دڙي جي مهرن کان وٺي، تاريخ جي مختلف دورن ۾ ان جي اوسر ۽ ارتقا جا پيرا کنيائين،“
Title Cover of book تُنهنجي تند تَنوار....

پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا!

[ٽن چهچٽن جو هڪ ناٽڪ]
ڪردار:
چنيسر: سنڌ جو مهاراجا
ليلا: چنيسر جي پٽ راڻي.
جکرو: چنيسر جو وزير.
راءِ کنگھار: ڪڇ جو راجا
مُرڪي: ڪڇ جي راڻي، راءِ کنگهار جي جوءِ.
ڪونئرو: راءِ کنگهار جي ڌيءُ
ڪونئروءَ جون سهيليون، ليلا جون ٻانهيون، پهريدار، خذمتگار ۽ ٻيا.
چهچٽو پهريون:
زمانو: تيرهين صدي عيسوي

ڏيک پهريون
(وقت: منجهند کان اڳ).
[ڪڇ جي راجا راءِ کنگهار جو عاليشان محل ’ڪڇ ڀوَنَ.‘ اُهو سڄو ڳاڙهي پٿر جو ٺهيل آهي ۽ ان جا اوچا ستون ۽ محراب پريان ئي دلڪش نظارو پيش ڪن ٿا. پردي کڄڻ تي راءِ کنگهار جي درٻار جو منظر سامهون اچي ٿو. چانديءَ جي وڏي تخت تي راءِ کنگهار ويٺو آهي. سندس پويان ٻه چوبدار وڏا وڃڻا کڻي واءُ ڪري رهيا آهن. تخت کان ڪجھه هيٺ ڀرو راجا جا وزير ۽ امير ويٺل نظر اچن ٿا، ۽ مک دروازي تي ساڄي پاسي کان سائي ريشم جي پردي سان ڍڪيل دروازو نظر اچي ٿو، جو اندر زنانخاني ۾ کلي ٿو ۽ انهيءَ دروازي مان ڪونئرو ٻن ٻانهين سان گڏ داخل ٿئي ٿي.]
راجا: (مرڪندي) ڪونئرو مٺڙي، تون اچي وئينءَ، پر ٻڌاءِ ته ايتري دير ڇو لاتئي؟ اسان تنهنجي لاءِ سيڙيا ويٺا هئاسون.
ڪونئرو: راجا جو حڪم اکين تي، پر راجا پنهنجي هن ٻانهيءَ کي ڪيئن ياد ڪيو آهي؟ (ٿورو ٽوڪ سان) ڇا وري ڪو اکين سڄو راجڪمار، مڱڻي جي درخواست ته ڪين کڻي آيو آهي؟ جي ائين آهي، ته ٻانهيءَ جو جواب اوهان کي اڳئي معلوم آهي.
راجا: پر مٺڙي، منهنجي مانَ جو به ڪو خيال ڪيو اٿئي؟ ماڻهو ڇا چوندا ته اُٺ جيڏي ڇوڪري، خود راجا جي گهر ۾ ڪُنئاري ويٺي آهي. اوهين ڌيئرون پرايو ڌن، آخر ڪيستائين ماٺ ڪجي. آءٌ جيڪڏهن وچن هارائي نه چُڪو هجان ها، ته توکان پڇڻ کانسواءِ تنهنجو ويانهن ڪري ڇڏيان ها. ٻيو ته اسان سنڌين ۾ اصل کان نياڻين جي مرضي پڇڻ جي ريت آهي، تڏهن ٿو تو کان پڇان، نه ته ...
ڪونئرو: ها بابا! پر آءٌ ڀليس، اوهين منهنجا پيءُ نه پر ان داتا آهيو، ۽ آءٌ اوهان جي ڌيءُ نه، پر اوهان تي بار آهيان، ۽ اهو بوجو، جڏهن مرضي پويوَ ته هوند لاهي ڦٽي ڪريو. اسين ويچاريون ڪرمن جون ماريون ...
راجا: بس بس بس، تون وري اهي پِٽڻا پاراتا کڻي ويهي رهينءَ. هي ايشور، هي ڪهڙو زمانو ايندو ٿو وڃي. پنهنجي اولاد کي جيترو پيار ڏي، اوترو هو مٿي تي چڙهن ۽ مائٽن کي پنهنجو دشمن ڄاڻن. هي ڪلجڳ نه آهي ته ٻيو ڇا آهي. آءٌ، ڪڇ جو راجا، سنڌ جي مهاراجا ڏاهر جو تڙ پوٽو، پنهنجي ڌيءُ اڳيان بيٺو ليلايان- ۽ هوءَ آهي، جا مون کي ليکي ۾ ئي نه ٿي آڻي. ڀلا ٻڌ ته ڪونئرو، تنهنجي لاءِ هڪ سوکڙي گهرائي اٿم ... وينجھر کي حاضر ڪريو.
(چوبدار آواز ڏئي ٿو، ۽ هڪ ٻڍڙو، ٽن رنگن جي واسڪوٽ پهريل، اٿي اڳيان اچي ٿو ۽ ڪورنش ڪري ادب سان بيهي ٿو رهي.)
وزير: اي ٻڍڙا وينجهر، اڄ تنهنجي آزمائش آهي. ڏسون ته اڄ راجڪماري تنهنجي سوکڙي پسند ڪري ٿي يا نه، جنهن جي تو ايڏي واکاڻ پئي ڪئي.
وينجھر: حاضر سائين! اي راجائن جا راجا، شل سنڌ سدا سائي رهي! شل ڌن دولت جا ديوتا هميشه اوهان مٿان پاڇو ڪن. مون هڪ سوکڙي آندي آهي، جا پيش ڪرڻ گهران ٿو. ]هڪ سوني جي دٻلي پنهنجي واسڪوٽ جي کيسي مان ڪڍي ٿو.[ هن دٻليءَ ۾ نون نيلمن جو هڪ نو لکو هار آهي، جنهن جي چمڪ دمڪ سج چنڊ کي مات ٿي ڪري. اولان اول هي هار راجا اندر جي ڳچيءَ جو هار هو، ۽ اتان وري تنهنجي تڙ ڏاڏي مهاراجا ڏاهر کي ورثي ۾ مليو. اهو هار محمد بن قاسم کي هٿ لڳو، جنهن خليفي کان لڪائي، پنهنجي ٽجوڙي، ۾ رکي ڇڏيو، پر ويچاري کي هار نصيب نه ٿيو. خليفي کي کڙڪ پئجي ويئي ۽ هار هٿ ڪرڻ لاءِ محمد بن قاسم جھڙي جوڌي جوان کي ڍڳي جي کل ۾ سبائي، ٻُوساٽي مارائي ڇڏيائين. ۽ پوءِ هي هار ڳچ وقت خليفي جي محبوبڙين جي ڳچيءَ جو زيب رهيو. هن هار هٿ ڪرڻ ۾ مون کي ٽيهه سال لڳي ويا، ۽ جيترو سون مون اُن جي عيوض ڏنو آهي، ان جو ته ڪاٿو ئي ڪونهي. هاڻ آءٌ اهو هار اُن جي اصلي وارثن کي پيش ٿو ڪريان. مونکي اُن جي بدلي ۾ فقط پنهنجي جوانيءَ جا ٽيهه سال ۽ ڏنل سون ملي، ته هار اوهان جو آهي!
(ايتري ڊگهي تقرير ڪرڻ سان ٻڍڙو سهڪي ۾ اچي ٿو وڃي ۽ کنگهندو ويهي ٿو رهي.)
راجا: تون بغداد جو رهندڙ آهين؟
ٻڍڙو: (اٿي بيهي سهڪندي) سائين، ٻيا هزار حرف پٽي ڪڍوم، پر ائين نه چئوم. خدا جا هزار شڪرانا، جو مون کي به سنڌ جي سوني مٽيءَ مان خلقيو اٿس. منهنجا ابا ڏاڏا، خود اوهان جي وڏڙن جا درٻاري وينجهر هئا. سنڌ جي مهاراڻي لاڏيءَ جي ڪنن جا پنڙا منهنجي تڙ ڏاڏي جوڙيا هئا. مون کي پنهنجن وڏن تي فخر آهي؛ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان جي ڌنڌي کي پوين سنڀاليو نه آهي:
ويا سي وينجهار، هيرا لال ونڌين جي.
اڄ جي زماني جي چال ئي نرالي آهي. الائجي ماڻهن کي پاڻ سنڌي سڏائيندي شرم ڇو ٿو اچي؟ جنهن کان پڇ، سو چوي ته منهنجا ابا ڏاڏا يا ايران کان آيا، يا عربستان کان، توران کان آيا يا هرات کان آيا. سچي ڳالهه ته اها آهي ته جڏهن ڌارين جو راڄ هو، تڏهن ته اها ڳالهه ڪا ڪارائتي هجي به کڻي، پر پنهنجي وطن ۾، پنهنجي راڄ ۾ اهي ڳالهيون سُونهَن ڪونه ٿيون!
راجا: پر تون مسلمان آهين نه؟
ٻڍڙو: هائو سائين، الله پاڪ جا لک لک شڪرانا آهن. منهنجي تڙ ڏاڏي کي عربن مسلمان ڪيو هو، سو آءٌ به مسلمان آهيان. ۽ مون کي پنهنجي مذهب تي ايمان ۽ فخر آهي، پر سائين، ان جو منهنجي وينجهرڪي ڌنڌي سان ڪهڙو ڪم؟
راجا: برابر ٿو چئين. مذهب سمورا چڱا آهن ۽ سڀني کي پنهنجو ڌرم ڪرم نيبهه هجي. شل ماڻهپو هٿئون نه وڃي. انسان ۽ ان جون روايتون وڌيڪ مانائتيون آهن ... پر اهي ڳالهيون جدا، هاڻ ڪڍ ان هار کي ته ڏسون ته برابر اسان جي اکين کي کيرو ٿو ڪري، يا رُڳي ٻٽاڪ پيو هڻين. ياد رک ته جيڪڏهن تنهنجي ڳالهه هلڪي ٿي ته هن درٻار جا دروازا تو تي هميشه بند رهندا.
وينجهر: سنڌ سدا سائي! حاضر سائين، اکين تي .
(وينجهر دٻلي کولي ٿو ۽ جيئن ئي دٻليءَ جو پڙ کڄي ٿو، ته ڪمري ۾ هڪ نيري رنگ جي تيز روشني ڦهلجي وڃي ٿي.)
راجا: (عجب مان) هي ايشور!
ڪونئرو: بابا، ڏسو ته سهين ڇا سوجهرو اٿس، ڇا چمڪ اٿس. هي جادو ته نه آهي؟ بابا، هيءُ هار وٺي ڏيوم. هن هار لاءِ آءٌ هوند ڇا ڇا نه ڪريان!
راجا (مرڪي): هون، هن هار لاءِ تون سڀڪجهه ڪندينءَ ؟ ائين نه؟
ڪونئرو (ڪوماڻجي): ويانهن کانسواءِ، ٻيو سڀ ڪجهه.
راجا: ويانهن ۾ سڀڪجهه ڪونه ٿو اچي ڇا؟
ڪونئرو: نه، ويانهن سڀڪجهه نه آهي. اهو ته ’ڪجهه به نه‘آهي. اوهين منهنجي خوشي انهيءَ هار جي بها ۾ ڳنهڻ ٿا گهرو، سو آءٌ پنهنجي من جو واپار هار سان ڪانه ڪنديس. اهو سودو هلڪڙو ۽ بنهه سستو آهي.
راجا: مٺڙي، تون برابر ٿي چئين. من جي ڪلپنا هيرا جواهر ڇا خريد ڪري سگهندا ۽ انهيءَ گفتي ٻڌائڻ سان تو هار کٽيو. وزير، هن وينجهر کي نون لکن سونين مهرن سان گڏ سروپاءِ ڏني وڃي.
وزير: جو حڪم، جيئندا قبلا!
(وزير ۽ وينجهر ڪورنشون ڪري وڃن ٿا ۽ پردو ڪري ٿو.)

ڏيک ٻيو:
وقت: ساڳئي ڏينهن شام جو.
[ڪڇ ڀَوَن محل جي اندر جو خوبصورت باغيچو. محل جي اندران ڪي جوانڙيون پاڻ ۾ چرچا ڪنديون ٽلنديون ٿيون اچن ۽ پريان ڪونئرو به پنهنجي ٻانهيءَ سان ايندي ڏسجي ٿي.]
هڪ سهيلي: (گهنگهرن جو آواز ٻڌي) ائي چپ، ڪونئرو پئي اچي.
ٻي سهيلي: (حيرت وچان) هي ڀڳوان، هو نئون هار ته ڏسو! ڄڻ ته نيري نيري باهه ڄمي موتين-داڻا ٿي پئي آهي!
ٽين سهيلي: هي ايشور! انهي نيري نيري تيج ۾ ڪونئرو ڪهڙي نه سندر ٿي لڳي، ڄڻ ته خود ارويشي اپسرا سرڳ مان لهي آئي آهي، ڄڻ ته ڪاليداس جو سپنو جاڳي پيو آهي. ائي ماٺ، هوءَ اچي ويئي، ٻڌي نه وٺي!
ڪونئرو: (مرڪي) هي اوهين ٽئي ڄڻيون ڪهڙيون ڪن جون ڳالهيون پيون ڪريو ... اوهان جي منهن تي هيڊ ڇو هارجي ويئي آهي؟ ڳالهه ڇا آهي؟ ... اڙي ڳالهايو ڇو نه ٿيون! ٻڌايو ته هنن نيلمن ۾ آءٌ سهڻي لڳان ٿي، ڪي نه؟
پهرين سهيلي: ها ڪونئرو، تون بي انت سندر ٿي لڳين ... پر ...
ڪونئرو: پر ڇا؟
ٻي سهيلي: هي شرم، لڄايل سجايل ڳاڙها ڳل، اهي ڪنولن کان وڌيڪ نيريون اکيون، اهو سندر نڪ، اهي ڏڪندڙ چپن جون مکڙيون، ۽ اها سرڳ جي اپسرائن جھڙي ڳچي، جنهن نيلمن کي به سونهن بخشي آهي، ۽ هي جوڀن جون اٿندڙ ويرون- اهي ڇا لاءِ آهن؟ ڪهڙو ڪارج آهي انهن جو ؟
ٽين سهيلي: ۽ هي سمورا بيت، جي تون ڳائيندي آهين، اهو ستن سرن سان تڙپندڙ آواز ... اهي ڪنهن لاءِ ؟
ڪونئرو: (ڪاوڙجي) اوهان اهي ڳالهيون طوطي وانگر ايترا ڀيرا واريون آهن، جو منهنجا ڪن پچي پيا آهن. (ڪنن ۾ آڱريون وجهي) پيون بڪو، آءٌ ته ڪانه ٻڌنديس!
پهرين سهيلي: (ڪونئرو کي ڳراٽي پائي) منهنجي مٺڙي ڪونئرو، تون نيٺ ڪهڙي خيال ۾ آهين؟ ڇا کان ٿي دڄين؟ اسين تنهنجيون سهيليون آهيون. اسان کي پنهنجي من جو ڀيد ڇو نه ٿي ٻڌائين؟
ڪونئرو: (پاڻ ڇڏائيندي، هٺيلي انداز ۾) ڪهڙو من جو ڀيد؟ ۽ ڊپ ڪهڙو؟ آءٌ ڇو ڊڄنديس؟ اوهان پاڻ سويمبر ڏٺو هو. کڻو سنڌو ديوتا جو قسم ۽ چئو ته انهن راجڪمارن مان منهنجي لائق ڪير هو؟ ها، مون کي پنهنجي سندرتا تي مان آهي، گهمنڊ آهي. هر هڪ نينگري، ڪيتري به بڇڙي منهن جي هجي، پاڻ کي سندر سمجهي مان ڪندي آهي.
(سهڪندي) ٻڌاءِ تون، تون ئي چئو، تون انهيءَ هاٿي جھڙي راجڪمار سان هوند شادي ڪرين، جنهن سويمبر کٽيو؟ منهنجو ته ڊپ کان ساهه ئي ٿي نڪتو: مڇون ڏسوس ته هڪڙي ڪن کان ٻئي ڪن تائين نوڙيءَ جان وٽيون پيون هئس؛ ۽ مئي جو پيٽ هو ڪين اَن جي گُندي، ۽ ڳل تي جيڪو ترار جي ڌڪ جو نشان هوس، نڪ کان وٺي ڪن تائين، ان ته هن کي ڀوائتو بڻائي ڇڏيو هو. مون ته ائين ٿي سمجھيو ته مهاراجا جو مڪنو هاٿي، پاڻ ڇڏائي درٻار ۾ گهڙي آيو هو. هاڻ ڳالهائين ڇو نه ٿي؟ چپ ڇو ٿيون ويون آهيو؟ چوان مهاراجا کي ته اوهان مان ڪا انهيءَ راجڪمار سان پرڻجڻ لاءِ تيار آهي؟
پهرين سهيلي: ڀڳوان جو سنهن اٿئي، ڪونئرو، متان اِهو انياءُ ڪيو اٿئي. مئي ڳورس! وڃي کڏ ۾ پوي، ماريو.
ڪونئرو: (کلي) ڏس ڪيئن نه ناني ٿي سيءَ ڏڪئي! ٺهيو، ڇڏيو انهن ڳالهين کي، اچو ته چوپڙ کيڏون.
(ٻانهي کي) او ندوري، تون بيٺي ڇو آهين!. هن کيرول جي هيٺان، وڃي چوپڙ وڇاءِ.
(ٻانهي وڃي ٿي).
ٻي سهيلي: پر ڪونئرو، ٻڌ ته، تون نيٺ اڃا ڪيترو سمو پنهنجي سپنن جي راجڪمار جي اچڻ لاءِ ترسندينءَ؟
ڪونئرو: جڳ پرئي تائين! هاڻ ته خوش ٿينءَ.
ٽين سهيلي: ڇڏيوس کڻي؛ هن کي ته ايترو گھمنڊ کڻي ويو آهي، ڄڻ چنيسر سان پرڻجي، سنڌ جي مهاراڻي بڻجندي!
ڪونئرو: (ڇرڪ ڀري) چنيسر؟ ڪهڙو چنيسر؟
ٻي سهيلي: نه نه، ڪڇ به نه. ڀل ٿي ويئي، ائين ئي اکر نڪري ويوسون!
ڪونئرو: چنيسر! ... متان سنڌ جي مهاراجا، چنيسر جي ڳالهه ته ڪونه ٿيون ڪريو؟
پهرين: جي ان جي ڳالهه هجي به ته توکي ڇا. اسان ته رڳو چرچو ڪيو.
ڪونئرو: (جوش ۽ حيا کان ڳاڙهي ٿي) ته پوءِ آءٌ چنيسر سان پرڻبيس. ڌرتي اٿلي پوي، پر جي ويانهن ڪنديس ته چنيسر سان. اوهان مون کي ويڻ ڏنو ۽ آءٌ ويڻ سان پريت ونڊيندس! پر ٻڌايو ته سهي، چنيسر پريت ڪرڻ جھڙو آهي به ڪي ...
ٻي سهيلي: (بيت) ”چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري.“
ڪونئرو: ڇو ڀلا؟
ٽين سهيلي: تون آهين هٺيلي ۽ چنيسر ... (بيت)
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني ڳچيءَ هس
پسڻ ڪارڻ پرينءَ جي، وڏا ڪيائون وس
ڍول تنين جي گس، هيٺاهيون هلن جي!

پهرين سهيلي: (بيت)
سڀئي سهاڳڻيون، سڀني منهن جڙاءُ
سڀڪنهن ڀانيو پاڻ کي، ايندو مون ڳراءُ
پيٺو تن دراءُ، جي پسي پاڻ لڄائيون!

ڪونئرو: بس بس ... پريتم ڪجي ته اهڙو ... وڃو، وڃو، مون کي سوچڻ ڏيو.
[سهيليون وڃن ٿيون. ڪونئرو گلن جي ٻارين ۾ گهمڻ ٿي لڳي، ۽ هلڪي سر ۾ جهونگارڻ ٿي لڳي:
چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري،
چنسير سان چاڳ ، متان ڪا منڌ ڪري.
(پنهنجي منهن) چنيسر ... چنيسر، نالو ته ڪهڙو نه مٺو آهي، سڀني راڳڻين ۾ پورو: ڪلياڻ ۾، ايمن ۾، سارنگ ۾، بسنت ۾، درپد ۾ به ته بلمپت ۾ به ... چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري.
راجا ۽ راڻي مُرڪي داخل ٿين ٿا.]
راجا: مهاراڻي، اڄ تنهنجي ڌيءُ کي ڇا ٿيو آهي، جو چوپڙ وڇائي پئي آهي، ۽ هيءَ رابيلن سان رهاڻ ڪندي وتي!
راڻي: (سڏ ڪري) ڪونئرو، جيجل، ڇو منهن ڳاڙهو ٿي ويو اٿئي؟ چڱي ڀلي ته آهين؟
ڪونئرو: ها امان، ها (وري جهونگارڻ ٿي لڳي) چنسير سان چاڳ...
راڻي: چنيسر؟ هي ڇوري، چوين ڇا پئي؟
ڪونئرو: امان، جي آءٌ پرڻبيس ته چنيسر سان، نه ته منهنجي بس اٿوَ. (جهونگاري ٿي) چنيسر سان چاڳ، متان ڪا منڌ ڪري!
راجا: مهاراجا چنيسر! ڪونئرو، هوش ۾ ته آهين؟ ڪٿي تون، ڪڇ جي هڪ ننڍڙي راجا جي ڌيءَ، ۽ ڪٿي سنڌ جو مهاراجا چنيسر!
ڪونئرو: بابا، ڪڇ به ته سنڌ آهي ۽ ويانهن ۾ ڪڇ ۽ سنڌ جو ڇا؟
راجا: (دل ۾ ٿورو خوش ٿي) پر مٺڙي، هو مسلمان، اسين راجپوت ...
ڪونئرو: بابا ڌرم ته دنيا لاءِ آهي، دلين ۾ ڌرم ڪهڙي وٿ آهي!
راجا: پر مٺڙي، دنيا ڇا چوندي؟ ٻيا راجپوت ڇا چوندا؟ نه نه ... ائين ڪونه ٿيندو. منهنجي دل ۾ ته ڌرم جي ڪري ڪو ڀيد ڀاءُ ڪونهي، سنڌين ۾ اصل کان ڪونهي؛ پر به، ٻي دنيا ڇا چوندي!
ڪونئرو: ڪي ڌرم جي ڀؤ کان، ڪي دنيا جي سَنسن کان ته ڪي ذات پات جي ڀيت کان، پريت ۽ پريم سان انياءُ ڪندا آهن! آءٌ پرڻبيس ته چنيسر سان، نه ته وِهه کائي پاڻ ماري ڇڏينديس.
راڻي مُرڪي: هيء هيء، مٺڙي اهڙا ٻول ته نه ڪڍ مک مان. تون سوچ ته سهي: جيڪڏهن چنيسر سڱ وٺڻ کان ناڪار ڪئي ته اسان جي اڇن جي پت ڌوپجي ويندي ...
ڪونئرو: آءٌ پنهنجو من چنيسر کي اڻ ڏٺي ارپي چڪي آهيان، جي چنيسر نه قبوليو ته پوءِ جيون ڪهڙي ڪم جو. هي منهنجون ڪلپنائون، هي منهنجي اندر ۾ ستل راڳڻيون، رکي رکي چنيسر جي نالي جو جپ ڪرڻ ٿيون لڳن. مُئي من کي ڇا ڪريان جيجل! (اکين ۾ لڙڪ ڀرجي ٿا اچنس، جن کي لڪائڻ لاءِ گلن ۾ منهن لڪائي ٿي ڇڏي.
راڻي ۽ راجا پاڻ ۾ ڪجهه وقت هري هري ڳالهيون ڪرڻ ٿا لڳن. پوءِ راڻي ٿڌو ساهه ڀري، ڪونئرو ڏانهن وڌي ٿي.)
مُرڪي: (ڪونئروءَ جي منهن تي هٿ ڦيرائيندي) ڌيءَ ، تنهنجي من جو سک ئي اسان جو جيون آهي، پر هاڻ ٻڌ، سڌو سنئون چنيسر کي سڱ ڏيڻ ته لوڪ کلائڻو ٿيندو. پاڻ ٻئي ويس بدلائي هلون ٿيون سنڌ. هلي ڏسون ته ڪم ٿيندو يا نه.ڪا اٽڪل ويڙهائي، چنيسر جي محل ۾ پهچون سهي، پوءِ مڙئي ايشور سهائتا ڪندو.
ڪونئرو: (خوش ٿي) منهنجي جيجل، تو مون کي ڄڻ نئون جنم ڏنو آهي، هل ته هينئر ئي نڪري هلون. مون کان هاڻ گهڙي به گهاري نه ٿي ٿئي (آهستي جهونگاريندي) چنيسر سان چاڳ ...!
(راجا، ڪنهن خيال ۾ ٻڏل، اندر محل ڏانهن وڃي ٿو، مرڪي ۽ ڪونئرو به وڃن ٿيون. پردو ڪري ٿو.)