’عربيت‘ جو فڪري بنياد
سنڌيڪار: سراج
’عربيت‘ جو فڪري بنياد
وَطَنِي هِي الفُصَحيٰ فَڪُلُ بِلادِ هَا،
فِي مِصر اَفِي الشامِ بِلاديِ،
هَذا هُو الوَطَنُ الَذِي اَحيالَـﮣ،
وَلـﮣ اُوَلِي صَادقاً و اَعادِي.
[منهنجو وطن آهي، ’فصيح عربي زبان‘، مصر ۽ شام ۾-
جتي به اها زبان آهي، اهو ئي منهنجو ملڪ ۽ منهنجو وطن آهي. اهو ئي منهنجو وطن آهي، جنهن جي لاءِ آءٌ زنده آهيان. ان جي خاطر ئي منهنجي سچي دوستي آهي، ۽ ان جي ئي خاطر آءٌ دشمني ڪريان ٿو.]
مٿيان شَعر هڪڙي مصري شاعر محمود ابوالوفا جي هڪ مشهور قصيدي جا آهن، جيڪو هن 1932ع ۾ پَيرس جي هڪ وڏي مجمعي اڳيان پڙهيو هو. ساڳئي قصيدي ۾، شاعر انهيءَ ميڙ کي مخاطب ٿيندي، چيو هو: ’اي ض‘اکر اچارڻ واريءَ مغزز برادريءَ جا ڀائرو، عظمت ۽ بلنديءَ ڏانهن وک وڌايو! ’ض‘ اُچارڻ وارن جون آسون ۽ اُميدون اوهان سان ئي وابسته آهن؛ اوهين ئي انهن جا واهر وسيلا آهيو؛ ۽ بلندين کي سر ڪرڻ جو واحد ذريعو اوهين ئي آهيو!‘
’ض‘ اچارڻ وارن جي اها يڪدلي، يڪجهتي ۽ يڪجائيءَ جي دعوت، ڪا محض ٺلهي سياسي نعريبازي نه آهي؛ ۽ نڪي اهو ڪو وقتي هٿيار آهي. مخالفن سان وڙهڻ لاءِ ’عربيت‘ جي اها دعوت، پنهنجي اندر اها سموري روحانيت ۽ مثاليت رکي ٿي، جنهن مان هڪ فڪر حيات يا آئيڊيالاجي جُڙي ٿي. حقيقت ته اها آهي ته اڄ جي عربي دنيا ۾ ’عربيت‘ جي اها ’آئيڊيالاجي‘ هڪ مذهب جو درجو حاصل ڪندي وڃي. انهيءَ مان ماڻهن جي دلين ۾ اهو ئي جوش ۽ گرمي، ۽ ارادي ۾ اها ئي ڪردار جي جرائت پيدا ٿئي ٿي، جنهن کي مذهب جو خاص فيضان سمجهيو وڃي ٿو. انهيءَ عربيت جو بنياد مذهب جي انڪار تي ڪين رکيو ويو آهي. نه اسلام کان انڪار تي، نڪي عيسائيت کان انڪار تي، بلڪ انهن ٻنهي مذهبن کي، جي حسن اتفاق سان انهيءَ ئي ساڳيءَ سرزمين ۾ پيدا ٿيا ۽ وڌيا ويجهيا، انهيءَ عربيت ۾ سموهڻ ۽ ان سان انهن کي سنوارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. انهيءَ عربيت ۾ محمد صلي الله عليه وسلم ۽ مسيح عليه والسلام، ٻنهي کي بلند ترين مرتبو ڏنو ويو آهي. ماضيءَ کان انڪار جي ڪائي ضرورت نه سمجهي وئي آهي. انهيءَ جو هڪ مقصد هي به آهي ته اُنهن ملڪن جي عيسائيت کي، جيڪي انهيءَ مذهب جا اصل پيدا ڪندڙ ۽ وطن آهن، يورپ جي عيسائيت سان گڏجي مسجي وڃڻ ۽ خلط ملط ٿيڻ نه ڏجي؛ ۽ ساڳئي وقت اسلام کي پڻ عربي تاريخ ۽ عربي ماحول کان الڳ ٿيڻ نه ڏجي.
مرحوم سعد زغلول جو هڪ گهرو رفيق ۽ ٻانهن ٻيلي هڪ نوجوان قبطي ’مڪرم‘ نالي هو. موصوف ’وفد پارٽيءَ‘ جو هڪ وڏو ليڊر هو. ڪافي عرصو ٿيو، هڪ ڀيري هن کان پڇيو ويو ته ’اوهين پهرين عيسائي آهيو، يا پهرين مصري؟‘ هن جو جواب، جو عربي ڳالهائيندڙ نئين نسل جي انهيءَ نئين رجحان جي بلڪل صحيح صحيح ترجماني ٿو ڪري، سو هي هو:
’اَنَا مُسلمِ وَطناً و مَسِيحِي دِيناًَ‘
(آءٌ وطن جي لحاظ کان مسلمان آهيان، ۽ دين جي لحاظ کان عيسائي!)
اها ڳالهه ته ٿي پنجويهه ورهيه اڳ جي، پر اڄ جيڪڏهن ڪنهن عرب عيسائيءَ کان اهو ساڳيو سوال ڪيو وڃي، ته هن جو نهايت ئي واضح ۽ سنئون سنواٽو جواب هي هوندو ته ’آءٌ عرب آهيان!‘
اردن ۾ ڪمال ناصر نالي هڪ عيسائي عرب شاعر آهي، جنهن آزاديءَ جي جدوجهد ۾ وڏو حصو ورتو آهي، ۽ انهيءَ سلسلي ۾ هن کي ڪيترائي ڀيرا جيل پڻ ڀوڳڻو پيو آهي. اڄڪلهه هو اردن جي پارليامينٽ جو ميمبر آهي، ۽ گلب پاشا (انگريز ڪمانڊر، جنهن کي تازو اردن مان تڙيو ويو) ۽ نوري سعيد (عراقي وزيراعظم) جي خلاف هن جا ڪيترائي شعر عام توڙي خاص، ننڍي وڏي جي وات آهن. هن جو هڪ هم مذهب، ٻيو عيسائي شاعر رشيد سليم فوري آهي، جنهن جو هيءُ بند ڏسو:
مُحَمَد اِبنِي شَريِفُ النَسَب،
وَلَدَتـﮣ اُمـﮣ فِي رَجَبِ،
اُمـﮣ مَا وَلَدَ تـَﮣ، مُسلِماً،
اَو مَسِيحِياً ولــٰڪن عَرَبِي.
(منهنجي پٽ جو نالو محمد آهي، ۽ هو شريف النسب آهي. هن جي ماءُ هن کي رجب جي مهيني ۾ ڄڻيو. هن جي ماءُ هن کي نه مسلمان ڄڻيو، نه عيسائي- بلڪ هن کي ’عربي‘ ڄڻيو اٿس.)
شام جي هڪ عرب عيسائي شاعر نقولـﮣ معلوف ’انقلاب مصر‘ تي هڪ قصيدو لکيو آهي، جنهن ۾ هڪ هنڌ چوي ٿو ته ’ڪو زمانو هو، جڏهن اسان جا جهنڊا مشرق کان مغرب تائين فضا ۾ جهولندا هئا ۽ اسان جي ئي ڪري مشرقي قومن کي وحدت نصيب ٿي هئي. انهن قومن ئي گذريل وقت ۾ وڏين وڏين ۽ عظيم تهذيبن کي جنم ڏنو. انهن ۾ عيسيٰ (عليه والسلام) ۽ محمد مصطفيٰ (صلي الله عليه وسلم) پيدا ٿيا، جيڪي دين ۽ دنيا، ٻنهي لاءِ شرف ۽ ڪمال جا صاحب هئا.‘
عربيت جي انهيءَ آئيڊيالاجيءَ (فڪري بنياد) جي آخري شڪل اڃا متعين نه ٿي آهي. انهيءَ ۾ ڪو شڪ نه آهي ته انهيءَ آئيڊيالاجيءَ جي زبان عربي آهي، ۽ عربي زبان، ۽ انهيءَ اعتبار کان عربي ادب ئي انهيءَ جو سڀ کان اهم ۽ وڏو بنياد آهي. مراقش کان وٺي مسقط ۽ ايراني نار تائين، انهيءَ وسيع ايراضيءَ جي فقط اها ئي هڪ زبان آهي. جيتوڻيڪ انهيءَ ۾ هن وقت مختلف ٻوليون ۽ مختلف لهجا به موجود آهن، پر تعليم ۽ سياسي شعور وڌڻ سان، خواص وانگر، انهن سمورن علائقن جي عوام جي پڻ هڪ ئي زبان ٿيندي وڃي. انهيءَ ۾ شڪ نه آهي ته زبان وانگر هتي مذهب جي وحدت ۽ يڪسانيت ڪانهي، ليڪن هتي جا ٻه وڏا مذهب، اسلام ۽ مشرقي عيسائيت، جهڙيءَ ريت هڪ ٻئي جي قريب اچي رهيا آهن، ان بابت مٿي اشارو ڪيو ويو آهي. انهن علائقن جي گذريل ڏيڍ هزار ورهين جي تاريخ گهڻي ڀاڱي هڪجهڙي آهي ۽ انهيءَ تاريخ جا ’باقيات صالحات‘ عربيت جي انهيءَ آئيڊيالاجيءَ جا ضروري جزا آهن، ۽ انهن کان انڪار ڪرڻ يا بغاوت جو جهنڊو بلند ڪرڻ جا بظاهر ته ڪي به آثار نظر ڪين ٿا اچن. خوش قسمتي ته اها آهي جو هن وقت اسان جي ملڪ جي جماعت اسلاميءَ جي زبان ۾ نڪي اتي جو ’اسلام پسند‘ عوام، نه ڪي ’عيسائيت پسند عوام‘ ئي انهيءَ ’عربيت‘ کي پنهنجي پنهنجي مذهبن جي خلاف ٿو سمجهي، ۽ نه وري اتي جا ’اسلام پسند‘ حڪمران ۽ ’عيسائيت پسند‘ حڪمران ئي مذهبي طور انهيءَ جي خلاف آهن. ايتري قدر جو جتي مصر ۽ شام وغيره جي ’اخوان مسلمين‘ جهڙي مذهبي جماعت به پنهنجي سموري ’اسلام پسنديءَ‘ جي باوجود عربي قوميت ۽ عرب اتحاد جي مخالف نه هئي، اتي موجوده شاهه سعود ۽ سندس نامور پيءُ عبدالعزيز ابن سعود مرحوم جهڙا ڪٽر ۽ قدامت پسند مسلمان، جيڪي قرآن ۽ سنت کان سواءِ ٻيءَ ڪنهن چيز کي پاڻ لاءِ سند ڪين ٿا مڃين، سي به پنهنجيءَ هر تقرير ۾ مسلمان کان اڳ ۾ عربن جو ذڪر ٿا ڪن، ۽ ’عربيت‘ کي پنهنجو قومي شعار ٿا سمجهن. ٻئي طرف، لبنان جا عيسائي ۽ اتي جا حڪمران عيسائي طبقا به عربيت کان منڪر ڪينهن ۽ اهو ته عالم آشڪار آهي ته هن دور ۾ عربي زبان جي ترويح ۽ عربي ادب جي واڌاري ۾ لبنان جي عرب عيسائين جو تمام وڏو حصو آهي.
حقيقت هيءَ آهي ته هتي جي قوميت، ۽ انهيءَ لحاظ کان عربيت جو نظريو يورپ وانگر معاشي استحصال ۽ سياسي توسيع مان پيدا ڪين ٿيو آهي، بلڪ انهيءَ جو محرڪ غيرن جي غلاميءَ کان آزادي حاصل ڪرڻ جو جذبو هو. انهيءَ ڪري، جيڪو به شخص آزاديءَ جي جدوجهد ۾ اڳيان هوندو هو ۽ مغربي سامراج جي ڏاڍ ۽ ظلم جو نشانو بنيو هو ته عوام، اهو ڏسڻ کان سواءِ ته هن جو مذهب ڪهڙو آهي، هن جي عزت ڪرڻ ٿي لڳو، ۽ هو عوام ۾ بيحد مقبول ٿيو ٿي ويو.
مثال طور، 1930ع ۾ قاهري ۾ مون هڪ عيسائي طبقي ليڊر ويصا واصف جو جنازو ڏٺو، جنهن کي هزار ها ڪلهو ڏيندا پئي ويا. ظاهر آهي ته انهيءَ ۾ وڏي اڪثريت مسلمانن جي ئي هئي. سندن جوش و خروش جي حالت ئي نه پڇو. بس ڄڻ ته انساني سِرن جو هڪ سيلاب هو، جو وهندو ٿي ويو ۽ سڀني جي زبانن تي اهو ئي نعرو هو. ’الي الجنة! الي الجنة!‘ (بهشت ڏانهن.... بهشت ڏانهن!)
انهيءَ جي ابتڙ، جامع ازهر جو ڪو نهايت وڏو شيخ ڇو نه هجي، پر جيڪڏهن پڌري يا ڳُجهِي سندس همدردي سامراج سان هوندي، ته اهو عوام جي نظرن ۾ بنهه ڪري پوندو ۽ ماڻهو هن جي ڳالهين کي ٻڌندا به ڪين!
پر انهيءَ جو اهو مطلب نه آهي ته انهن ملڪن ۾ مذهب،
وقت بوقت، فرقي پرستيءَ جو چولو ڍڪي، آزاديءَ جي راهه ۾ رنڊڪون ڪين وڌيون آهن ۽ مختلف نالن سان قومي ۽ وطني تحريڪن ۾ رخنو وجهڻ جي ڪوشش ڪين ڪئي آهي. ان جي برعڪس، عراق ۾ شيعه-سنيءَ جو جهڳڙو کڙو ڪيو ويو. مصر ۾ قبطي ۽ مسلمان جو سوال پيدا ڪيو ويو؛ شام ۽ لبنان ۾ مسلمانن ۽ عيسائين، ۽ خود مسلمانن ۾ شيعه-سني، زيدي ۽ دُروزي ڏڦير پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڇاڪاڻ ته سڀني جو مقابلو، بنا مذهبي ڀيد ڀاوَ جي، سامراج سان هو، ۽ سامراج سڀني کي هڪ ئي طرح سان ڦريو ماريو ۽ دٻايو ٿي، ان ڪري اهي فرقيوارانه فتنا وڌيڪ ڪامياب نه ٿي سگهيا، ۽ ’قوميت ۽ عربيت‘ جو قافلو اڳتي وڌندو رهيو.
سڀ کان پهرين هر عربي ملڪ ۾، فرداً فرداً، قوميت جي تحريڪ هلي، ۽ مذهب کي ماڻهن جي وچ ۾ اختلاف جو سبب بنائڻ جي مخالفت ڪئي وئي. ان ۾ شاعر ۽ اهل قلم سڀ کان پيش پيش هئا. مصر جي هڪ شاعر ’شوقي‘ جنهن کي ’امير الشعراءِ‘ جو لقب ڏنو ويو هو، هڪ ڀيري مصرين کي مخاطب ٿيندي، پنهنجو هيءُ شعر پڙهيو هو:
’موجوده دَور، جيڪو هاڻي شروع ٿي رهيو آهي، سو تمام خير ۽ برڪت جو دور آهي؛ ان کان محمد صلي الله عليه وسلم به پنهنجيءَ لحد ۾ خوش آهي، ۽ مسيح عليه السلام به پنهنجيءَ جاءِ تي مطمئن آهي. اي ’نيل‘ جا فرزند! سڀ کان پهرين تون مصري بڻج، ان کان پوءِ وڻيئي ته تون مسلمان ٿي، ۽ وڻيئي ته قبطي!‘
محمود ابوالوفا، جنهن جا شعر شروع ۾ ڏنا ويا آهن، پنهنجي هڪ قصيدي ۾ چوي ٿو:
بَارڪَ الله فِيڪِ يَا مِصر دارا،
لَيسَ فِيڪ الغَريِب عَن اَوطانِـﮣ،
وَطَنءََ ڪُلـﮣ، هُديء و سلامءٌ،
جَرَس نَاقُوسِـﮣ و صَوتُ اذانـﮣ.
(اي مصر، تو تي الله جي برڪت هجي! تو ۾ ڪو پرڏيهي به پاڻ کي اوپرو نٿو محسوس ڪري. تون اهڙو وطن آهين، جو ان ۾ گرجا جي گهنڊ جي صدا ۽ اذان جو آواز، ٻئي سرتاپا هدايت ۽ سلامتي آهن!)
1931ع جي ڳالهه آهي: مصر ۾ ڪن مسلمان ٻارن کي امريڪي مبلغن، ريب فريب سان عيسائي بنائي ڇڏيو. جڏهن اها ڳالهه کُلِي، ته سڄي ملڪ ۾ هڪ ٽاڪوڙو پئجي ويو، ۽ عيسائين جي خلاف مسلمان عوام جا جذبات ڀڙڪي اٿيا. اهو نهايت ئي نازڪ موقعو هو. ٿورڙي ئي بي احتياطيءَ سان، مصر جي مسلمانن ۽ عيسائين ۾ خونريز تصادم ٿي سگهيو ٿي، جنهن مان قومي وحدت کي سخت نقصان پهچي ها، ۽ انگريز ان مان خوب فائدو وٺي ها. انهيءَ موقعي تي شاعر ۽ اديب اڳتي وڌيا. بجاءِ اُن جي، جو هو پنهنجي هم قوم عيسائين کي سندن روش تي نندين ها، هنن نهايت بردباريءَ سان پنهنجي احتجاج جو رخ غير ملڪي غاصبن ڏانهن موڙي ڇڏيو. هڪ شاعر محمود غنيم، انهيءَ واقعي جو ذڪر ڪندي، چوي ٿو:
’اسان جي ملڪ ۾، (حضرت) ’مسيح‘ ۽ (حضرت) ’مريم‘ جي نالي جي آڙ وٺي، هڪ تمام وڏو خطرو پيهي آيو آهي. آءٌ ڊڄان ٿو ته ان منجهان متان اسان جي وچ ۾ جيڪو محبت جو رشتو آهي، اهو ٽٽي پوي! ياد رکو، جنهن مصر سان غداري ڪئي، ان ڄڻ ’احمد‘ (صلي الله عليه وسلم) ۽ ’مسيح‘ (عليه السلام) ٻنهي سان غداري ڪئي!‘
پنهنجي انهيءَ ڊگهي قصيدي ۾، اڳتي هلي، شاعر چوي ٿو:
’ماڻهن کي پنهنجي عقيدن تي ڇڏي ڏيو، اُهي جيڪڏهن بُت کي پوڄڻ ٿا گُهرن، ته پوڄڻ ڏيو. حضرت عيسيٰ (عليه السلام) جو دين، احمد (عليه الصلواة والسلام) جي دين وانگي ڏوهه ڪندڙن جي پٺڀرائي نٿو ڪري. جيڪو به شخص بيت المقدس ۾ خلوص ۽ عقيدت سان حاضر ٿئي، ۽ جيڪو مڪي ۾ احرام ٻڌي ٻئي برابر آهن!‘
ان کان پوءِ، شاعر فتنيبازن کي مخاطب ڪندي، هيئن ٿو چوي:
’ڇا اوهين هن وقت پٺتي موٽڻ ٿا چاهيو؟ جڏهن زمانو گهڻو اڳتي وڌي ويو آهي، ۽ تعصب جي دوَر جا رهيا کهيا پاڇولا به گم ٿي چڪا آهن! انهيءَ اوندهه سان ڀريل زماني کي هاڻي قبر مان ٻيهر ٻاهر نه ڪڍو. جڏهن ته مذهب جي نالي سان خدا تعاليٰ کي ورڇي ورهائي ڇڏيو ويو آهي ۽ ’صليب‘ ۽ ’هلال‘ جي نالي سان ماڻهن کي غلام بنايو پيو وڃي!... ۽ هڪ انسان کي الله اهو اختيار ڏئي ڇڏيو آهي ته هو وڻيس ته ماڻهن سان ظلم ڪري ۽ وڻيس ته انهن سان انصاف ڪري! ۽ الله هن کي جنت عطا ڪئي آهي ته هو جنهن کي چاهي تنهن کي بخشي ڇڏي، ۽ جنهن کي چاهي تنهن کي ان کان محروم رکي. هاڻي ماڻهن جون اکيون انهيءَ انڌپڻ جي مرض کان صحتياب ٿي چڪيون آهن ۽ اڄ جي علمن، ’قضا و قدر‘ جي مڙني بيهودين ڳالهين جو خاتمو ڪري ڇڏيو آهي!‘
شام جو ملڪ انهيءَ تحريڪ جو سڀ کان وڏو مرڪز هو. اتان جا شاعر ۽ اديب، شروع کان ئي علاقائي قوميت جي بدران عربي قوميت جي دعوت ڏيندا رهيا. کين انهيءَ معاملي ۾ وڏي مدد ان ڳالهه کان ملي، جو شام ۽ لبنان جا لکين باشندا، امريڪا جي گڏيل رياستن، خاص طور ڏکڻ آمريڪا ۾ وڃي لڏي ويٺا آهن. اتي انهن جون ڪيتريون ئي روزانيون ۽ هفتيوار اخبارون ۽ ماهوار رسالا آهن، بلڪ هاڻي ته اتي جي عربي ادب ۾، آمريڪي-عربي ادب جو هڪ خاص مڪتب فڪر وجود ۾ اچي ويو آهي. نئين دنيا جي انهيءَ ادبي اسڪول جي سڀ کان نمايان خصوصيت آهي ان جي عربيت ۽ قوميت، جنهن جو اثر شام ۽ لبنان جي اديبن ۽ شاعرن تي پڻ پئجي رهيو آهي.
عراق ۾ شيعا سني اختلافن کي هوا ڏيڻ لاءِ برطانوي سامراج پنهنجون خفيه ڪوششون برابر جاري رکندو آيو. آزادي چاهيندڙ ۽ محب وطن عراقين ان جو اُپاءُ عراقي ۽ عربي قوميت ۾ ڳوليو. عراق جي عربي شاعريءَ ۾ ڏاڍو زور ۽ اثر آهي ۽ ان جو محبوب ترين موضوع اهو ئي قوميت ۽ عربيت آهي. تازو ئي عراق ۾ هڪ تمام وڏو شاعر
’جميل الزهاري‘ ٿي گذريو آهي، هو سڄي ڄمار ڏاڍي جوش ۽ گداز ۾ ’ليلى‘ جا گيت ڳائيندو رهيو، ان جي اها ليلى ’عراق‘ هو. هڪ دفعي کيس جلا وطن ڪيو ويو، جلا وطنيءَ جي حالت ۾ ليلى جو ذڪر ڪندي ’الزهاري‘ چوي ٿو.
زڪرت مواطني و ذڪرت الهي
و ليلى والصبابة و الشباب
وَ لو اَني رجعت الى بلادي
لقبلت المنازل والرابا
[مون جلا وطنيءَ ۾ پنهنجي وطن وارن ۽ عزيزن کي ياد ڪيو ۽ ’ليلى‘ پنهنجي ننڍپڻ ۽ پنهنجي جوانيءَ کي ياد ڪيم. جيڪڏهن آءُ هاڻي پنهنجي وطن وريس، ته آءٌ ان جي ڀتين ۽ ان جي مٽيءَ کي چمندس!]
’الزهاري‘، عورتن جي آزاديءَ جو حامي هو، هو ان باري ۾ پنهنجيءَ قوم کي سدائين اتاترڪ جي نقش قدم تي هلڻ جي تلقين ڪندو رهيو. هن رجعت پسنديءَ ۽ توهمن پرستيءَ جي خلاف مسلسل جهاد ڪيو. هن جي ڪجهه شعرن جو ترجمو ٻڌو:
”غصي ۽ نفرت سان ڀريل انسان جيان، پراڻين عادتن جي مخالفت ڪرڻ لاءِ اٿو: اٿو، ۽ بغاوت ڪريو – قضا ۽ قدر جي خلاف به بغاوت ڪريو! پنهنجي مقصدن جي طرف جرئت سان وک وڌايو، انهيءَ سيلاب جيان، انهيءَ تيز ۽ تکي طوفان جيان، جو وڌندو ئي رهندو آهي!دنيا ۾ ڪاميابي هڪ جراتمند ۽ مضبوط دل واري لاءِ آهي ۽ ڪمزور جي لاءِ تباهي آهي، تباهي ۽ تباهي!
”اي ضعيف ٻڍڙؤ! اوهين لڙائيءَ جي لائق نه آهيو، پٺتي هٽي وڃو... ۽ اي جوانو! اڳتي وڌو، جلد اڳتي وڌو! اوهين هر انڌي عقيدي جي زنجير کان آزاد ٿي وڃو، جنهن ۾ راهه تي هلڻ واري لاءِ ڪابه هدايت ڪانهي!
”ڇا اها عجب جي ڳالهه نه آهي، جو جيڪو بيهودن ڀرمن ۽ ويساهه ۾ نه ايندڙ ڳالهين تي قناعت ڪري، اهو ته ’مومن‘ ۽ جيڪو انهن تي شڪ ڪري، اهو ’ڪافر‘ ڪري ڄاتو وڃي ۽ مرڻ کانپوءَ آخر ۾ ’جاهل‘ کي جنت ۾ پهچايو وڃي، جتي نعمتون هجن، ۽ عالم کي باهه جي آڙاهه ۾ اڇلايو وڃي!“
عرب علاقائي قوميت تي هاڻي اڳي جيترو زور نه ٿو ڏنو وڃي، پر ان کان انڪار هن وقت به ڪينهي: عراقي اڃا به ’عراقي‘ آهي، مصري به پنهنجو پاڻ کي ’مصري‘ ٿو سڏائي. پر مصر جي تازي انقلاب کانپوءِ، جمال عبالناصر جي نئين ملڪي دستور ۾، مصر کي
”جزو من الامة العربية“ (عرب امت جو جزو) ٺهرايو ويو آهي ۽ اهڙيءَ طرح عراق، سعودي عرب، شام وغيره ملڪ به پنهنجو پاڻ کي ’عربي امت جو جزو‘ چون ۽ چوائين ٿا. عراق جو ’بغداد ريڊيو‘ ۽ اتي جون اخبارون پنهنجي عربيت جي سڀني کان وڌيڪ پروپئگنڊا ڪن ٿا. ايتريقدر جو هو انهيءَ شوق ۾ اها شڪايت ڪن ٿا ته ”ناصر ۽ ان جو مصر، عربي قوميت جي وڌڻ ۽ ويجهڻ ۾ رڪاوٽ بڻجي رهيا آهن ۽ اهو صرف عراق ئي آهي، جنهن عربيت کي ڦهلائن لاءِ ايتري ڪوشش ورتي آهي!“ مطلب ته جيسيتائين ’عربيت‘ جي نصب العين ۽ آئيڊيالاجيءَ جو تعلق آهي، سڀني جو اُن تي پوريءَ طرح سان اتفاق آهي.
بيشڪ عرب ملڪن، عربيت ۽ عربي قوم جي آئيڊيالاجيءَ کي عملي طرح پنهنجو بڻائي ورتو آهي. قاهرا ريڊيو جي
’صوت العرب‘ پروگرام وانگي، بغداد ريڊيو به انهيءَ عربيت جا سر آلاپڻ ۾ اڳرو آهي. ليڪن جيئن مٿي اشارو ڪيو ويو آهي، انهيءَ آئيڊيالاجيءَ اڃا پنهنجي آخري ۽ مڪمل شڪل اختيار ڪانه ڪئي آهي ۽ انگريزي محاوري مطابق اها اڃا ‘Melting Pot’ ۾ آهي.
سوال هي آهي ته انهيءَ عربيت جي سياسي ۽ معاشي شڪل ڪهڙي ٿيندي؟ عربيت جي آئيڊيالاجيءَ جي لاءِ اهو سوال نهايت ئي اهم، بلڪ اڄڪلهه جي حالتن ۾ بنياي حيثيت رکي ٿو ۽ عربيت توڙي عربن جي مستقبل جو سمورو دارومدار انهيءَ سوال تي آهي. هن وقت صورتحال اها آهي، جو آفريڪا جي عرب ملڪن کي ڇڏي خود مشرق جي عرب ملڪن جي سياسي ۽ معاشي نظامن جو پاڻ ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هڪ طرف مصر ۽ شام جا ملڪ آهن، جتي جمهوريت سان گڏوگڏ اشتراڪيت جو معاشي نظام به اڀري رهيو آهي ۽ وڏيون وڏيون زمينداريون ختم ٿي ۽ وراهجي رهيون آهن. عرق ۽ لبنان م پارليامينٽري نظام ته آهي، پر اڌوراڻو. ٻئي طرف سعودي عرب ۾ صرف سعودي خاندان جي حڪومت آهي. ملڪ جي سموري دولت ان جي آهي. نه اتي موجوده معنائن ۾ حڪومت جو ڪو دستور آهي، نه حڪومت ڪنهن جي اڳيان جوابدار آهي ۽ نه ان کان ڪو ان باري ۾ پڇا ڳاڇا ڪري سگهي ٿو. سعودي عوام کي عملي توڙي اصولي طرح حڪومت جي ڪار وهنوار ۾ دخل ڏيڻ جو ڪوبه حق ڪونه آهي. بس بادشاهه آهي، ان جو خاندان آهي ۽ ملڪ سعودي عريبيه، هو ملڪ جي دولت کي جيئن وڻيس تيئن صرف ڪري، ڪير به ان تي اعتراض نه ٿو ڪري سگهي. وري تيل جي پيدائش سبب، ملڪ جي دولت جي ڪا حد ۽ حساب ڪونهي. ساڳي حالت وري يمن ۽ يمن جي حاڪم امام جي آهي. پر هڪ ته اهو ملڪ ننڍو آهي ۽ ٻيو ته اهو بيحد غريب ملڪ آهي.
هاڻي ڏسڻو هي آهي ته اهي عرب ملڪ، سياسي ۽ معاشي لحاظ کان ڪهڙو ٿا رستو اختيار ڪن، ڇا انهن جي عربيت جي هيءَ آئيڊيالاجي سياسي ۽ معاشي معاملن ۾ ان طرح مبهم ۽ غير معين رهندي، يا انهيءَ معاملي ۾ هو اسلام جي صحيح روح کي، جيڪو سياسي ۽ معاشي انصاف تي مبني آهي، پنهنجي عمل جو آئينو بڻائيندا؟ حالت اها آهي، جو ڪي عرب ملڪ اڄ معاشي نا همواري ۽ سياسي زبردستين جو بدترين مثال بڻيل آهي. جتي جيڪڏهن هڪ طرف لکين خدا جا بندا بکيا ۽ اگهاڙا آهن، تي ٻي طرف ڪي چند ماڻهو ايڪڙن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل محلاتن ۾ رهن ٿا. عوام جي حالت ڍورن کان به بدترين آهي، سياسي آزاديءَ جو ته نالو نشان ئي ڪونه آهي.
اهي معاشي ظلم ۽ سياسي زبردستيون گهڻو وقت نه هلي سگهندا، عرب دانشورن کي هاڻي يا پوءِ ان جو فيصلو ضرور ڪرڻو پوندو. جيڪڏهن ’عربيت‘، سياسي آزادي ۽ معاشي انصاف کي نه اختيار ڪيو ۽ عوام جي حقيقي بهبوديءَ ۽ انهن جي آزاد مرضيءَ تي حڪومتن جو بنياد نه ڄمايو، ته پوءِ اڳتي هلي انهن کي اسرائيل کان ڪئي ڀيرا وڌيڪ خود پنهنجن ئي اندروني خطرن جو مقابلو اڳيان ايندو .
-