بازگشت
[آزاد نظم]
اڄ وري روح جي تارُن کي جهنجهوڙي ڇڏيهءِ!
اڄ وري زخم تي دل جي تو ڇو آڱر آ رکي؟
مون وسائي ڇڏيون فُرقت جون سموريون شمعون،
ٿي جليو جن ۾ اميدن جو خون-
جن ۾ روشن هئا سندءِ ياد جا داغ!
آتشين آهه ذريعي مون هٽائي ڇڏيا،
تنھنجي جلون جا حسين ڪوهيڙا:
توکي سمجهيو هو مون کِڙيل تارو،
جو محبت کي ٿُڏي گم ٿي ويو!
راهه ويندي تو شرارت سمجهي
پنھنجي اکڙين جي ڪنارن ۾ ڏٺو-
عجب انداز سان مرڪي ڪو اشارو هلڪو؛
۽ جڏهن آءٌ بنا ڄاڻ ٿي آيس اڳتي،
طيش مان پنھنجون اکيون مِٽڪائي
تو ڏٺو مون ڏي عجب قھر ڀري نظرن سان.
تنھنجي چپڙن تي جا مون مرڪ ڏٺي،
تنھنجي سا مرڪ اڃا تائين پئي دل کي ڏَنگي_
مُرڪ جنھن منجهه اڃا تائين ٿي شوخي جهلڪِي،
جنھن ۾ روشن ٿا ڏٺا ڏوراپا؛
جنھن ۾ ٿي منھنجي وفا، تنھنجي جفائن جا هزارين ئي فسانا جليا؛
جنھن ۾ ڪنھن رات جا اهڃاڻ ڏٺم:
_رات، جنھن روح جي تارُن کي هو ڇيڙي ڇڏيو؛
_رات، جنھن زخم سبيا، زخم اکيڙيا منھنجا؛
_رات، جنھن تنھنجي چپن جي هئي چانڊاڻ جي
خيرات ڪڍي!
مون هئي جهولَ جهلِي پنھنجي چپن جِي، ڏڪندي،
مون کي خيرات مِلي، جهولَ ڀرِي......
هاءِ، ان رات مون سمجهيو
ته اهي چنڊ سدا منھنجا ئي رهندا،
ليڪن.......
سوچَ ڪيڏي نه غلط ٿي ثابت!
_وقت هڪ وار ڪيو پوءِ ڀرپور.......!
اڄ وري روح جي تارن کي جهنجهوڙي ڇڏيهءِ!
اڄ وري زخم تي دل جي تو ڇو آڱر رکِي؟
[مھراڻ 2_1959ع]