ادب ڇا آهي؟
سنڌيڪار: سراج
ادب ڇا آهي؟
ادبي تنقيد جي تاريخ هڪ اهڙو بار آور مطالعو آهي، جنهن مان جدا جدا نقادن جا مختلف ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ متضاد رايا معلوم ڪري سگهجن ٿا. هر دور جي نقادن ’ادب يا ساهت ڇا آهي‘ جي سوال تي هميشه غور و فڪر پئي ڪيو آهي، ۽ ان سوال جي ڪنهن قدر خاطر خواهه جواب ڏيڻ جون پڻ ڪوششون پئي ڪيون اٿن. جن شخصن ’ادب‘ جي مفهوم ۽ مقصد تي ڳُوڙهو فڪر ڪيو آهي، اُنهن کي چڱيءَ پر ڄاڻ آهي ته انهيءَ سوال جي ڇنڊڇاڻ ۾ جيڪي نُڪتا پيدا ٿين ٿا ۽ مسئلا اڀرن ٿا، سي ڪافي اهميت رکن ٿا؛ ۽ جيستائين ڪو شخص انهن نُڪتن ۽ مسئلن جو ويهي سائنسي اصولن پٽاندر تجزيو نه ڪندو، تيستائين هن لاءِ مٿئين بنيادي مسئلي جي ڪنهن اطمينان جوڳي جواب تائين پهچڻ ممڪن نه ٿي سگهندو. هت منهنجو مقصد اهو ڪونهي ته آءٌ ’ادب‘ جي انهن سمورين وصفن تي تبصرو ڪريان، جيڪي اسان جي ڪن مشهور ادبي نقادن وقت بوقت پئي پيش ڪيون آهن. آءٌ هت جيڪي ڪجهه چوڻ گهران ٿو، سو فقط هيءُ آهي ته جن تحريرن کي حقيقتاً ’ادب‘ يا ’ساهت‘ سڏي سگهجي ٿو، تن جون منهنجيءَ راءِ موجب مکيه خصوصيتون ڪهڙيون آهن.
سڀ کان اول اها ڳالهه خيال ۾ رکڻ گهرجي ته ادب ۾ ’موضوع‘ جهڙي ڪا شيءِ ٿئي ئي ڪا نه، حقيقت ۾، هر ڪا اها چيز جنهن لاءِ ڪجهه نه ڪجهه لکي سگهجي، سا هر طرح ادب جو موضوع بنجي سگهي ٿي، جيئن چيو ويو آهي ته ’هڪ ڪٽ چڙهيل ڪوڪي‘ کان وٺي ويندي ’خدا‘ تائين هر ڪا ڳالهه ادبي ڪاوش جو موضوع بنجي سگهي ٿي. آرٿر ڪئلر ڪؤچ لکي ٿو ته ادب جا موضوع ته اڪيچار آهن. جي ’انسان جو بهشت مان تڙجڻ‘ (1)• انگريزي ادب جو موضوع رهي چڪو آهي، ته ’آئرلئنڊ جي ٽامي جا سڪا‘، (2) پڻ ادب جو موضوع ٿي رهيو آهي؛ ساڳيءَ طرح ’پڪل سوئر‘، (3) ۽ ’مقدس موت‘، (4) به ادب جا موضوع ٿي چڪا آهن؛ ان طرح، ’مسٽر پيپيءَ جي ناپاڪ زندگي‘ کي جيڪڏهن موضوع بنايو ويو، ته ساڳيءَ طرح ’پادرين جي سياست‘ (1) ’مڇين جو شڪار‘، (2) ’قومن جي دولت‘، (3) پاڪيزگي ۽ حسن‘، (4) سلطنت روما جو زوال‘، (5) ’انعامي لڙائيون‘، (6) يوناني مقدس برتن‘، (7) ’جديد مصور‘، (8) ’ٻالڪپڻ ۾ بداخلاقيءَ جا اهڃاڻ‘، (9) ’گڏهه سان مسافريون‘، (10) ٻهراڙيءَ جون سواريون‘ ۽ (11) ’نامنظور ٿيل تقريرون‘، (12) اهي سمورا انگريزي ادب جا موضوع ٿي رهيا آهن. انساني سازشون ۽ منصوبا، جهڙوڪ ’آٿيلو‘ (13) ۽ ’بدمعاشيءَ جو اسڪول‘، (14) به موضوع رهي چڪا آهن. ڪيترين شخصيتن، جهڙوڪ پراميٿئس، ڊاڪٽر جانسن، اموجن ۽ مال فلنڊرس، پيئرس دي پلومئن ۽ مسٽر پڪو ڪِ. جا نالا به ادب جو موضوع بنيا آهن؛ ۽ جاين جڳهين، ’خيالي رياست‘، (15) ’ڪرئنفورڊ‘، ’لئپوٽا‘، ۽ ’ريڊنگ گرل‘، کي پڻ موضوع طور استعمال ڪيو ويو آهي؛ ’ايپيسائڪيڊئن‘ به ادب آهي، ’هڪ ٽَب جي ڪهاڻي‘، (16) به ادب آهي. ان ڪري، ڪنهن خاص موضوع جي لاڳاپي سان ادب جي جامع تعريف ڪري سگهڻ ممڪن نه آهي. انسان جا سمورا ’خيال‘، ’جذبا‘ ۽ ’مسرتون‘ يا ٿوري ۾ کڻي چئجي ته ’جيڪي ڪجهه انسان جي روح يا جسم جي مشغلن سان تعلق رکي ٿو.‘ ان کي ادب جو موضوع تصور ڪري سگهجي ٿو، پر اتي هڪ ڳالهه غور طلب آهي ته هر ڪا لکيت ادب نه آهي. ان ڪري، سوال ٿو اٿي ته اسين ادبي ۽ غير ادبي تحريرن جو فرق ڪهڙيءَ طرح قائم ڪري ٿا سگهون؟
ادب جي نظريي کي جامع نموني ۾ سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته انسان جي ٻوليءَ بابت ڪن عام حقيقتن جو اڀياس ڪجي. سڀ کان اول اهو ياد رکڻ ضروري آهي ته انساني ٻولي به هڪ سماجي پيداوار آهي. علم اللسان جي ماهرن ۾، انساني ٻوليءَ جي وجود ۾ اچڻ ۽ ان جي ارتقا جي سببن متعلق فلسفيانه دليلن ۽ تجربي بابت کڻي ڪيترا به اختلاف هجن، پر انهن مان سڀ کان اهم سبب، جنهن تي سمورا ماهر يڪراءِ ۽ متفق آهن، هي آهي ته ’جڏهن اسان منجهه پنهنجن ذات ڀائين، يعني انسانن کي اطلاع ڏيڻ يا خبر ڏيڻ، وٺڻ جي خواهش پيدا ٿي، تڏهن ئي خبر پهچائڻ جو اهو ذريعو يعني انساني ٻولي وجود ۾ آئي.‘ ٻولي محض ڪن شين جي خاصيتن بيان ڪرڻ يا سندن باهمي لاڳاپن ظاهر ڪرڻ جو ذريعو نه آهي. ٻولي هڪ اهڙو اوزار آهي، جنهن کي زندگيءَ خاص انهيءَ مقصد سان وجود ۾ آندو آهي ته ان جي مدد سان انسان اهڙن ٻين شخصن جو پاڻ ڏانهن ڌيان ڇڪائي، جيڪي ’ڪُل انساني ماحول‘ سبب محض اهو آهي ته اسان وٽ ائين ڪرڻ جا مددگار اسباب ئي موجود ڪين آهن. اسين پنهنجي رواجي مشاهدي جي قوتن جي طفيل جيڪي ڪجهه ڏسي سگهون ٿا، عظيم ادب ان کان گهڻو ڪجهه وڌيڪ ڏسڻ ۾ اسان جي مدد ڪري ٿو.
شايد اهو ئي سبب آهي، جو ادب جي صنفن مان هڪڙيءَ صنف جو نالو ’ناول‘ (يعني ڪا انوکي شيءِ) رکيو ويو. ’ناول‘ انهيءَ قسم جي تحرير کي سڏيو وڃي ٿو، جنهن ۾ انسان جي تصوراتي ماحول کي چِٽيو ويو هجي. جيستائين رواجي ڳالهين کان الڳ ڪا انوکي چيز موجود ئي نه هوندي، تيسين ٻين جي فائدي لاءِ ان جي اطلاع ڏيڻ جي ڪا ضرورت ئي پيدا ڪانه ٿيندي. انهن سمورين حالتن ۾، جڏهن به همڪلامي پيدا ٿيندي آهي، تڏهن لازمي طرح اها زندگيءَ جي ڪنهن بنيادي مقصد لاءِ هوندي آهي؛ ۽ اهو مقصد، جيئن مون مٿي چيو آهي، صرف هيءُ آهي ته ان جي طفيل زندگيءَ ۾ اشتراڪِ عمل پيدا ڪرڻ جي خواهش جي تڪميل ٿئي، ۽ سموريون انساني قوتون هڪ ئي عام ۽ مشترڪ مقصد لاءِ ڪم آنديون وڃن.
شاعرن ۽ پيغمبرن جا زباني گفتا بيحد جذباتي هوندا آهن، ۽ اهو ئي سبب آهي، جو اهي اسان کي ايترو متاثر ڪن ٿا، پر انهيءَ مان اهو مقصد نه سمجهڻ گهرجي ته هنن اهي گفتا يا فقرا ٻڌندڙن کي محض جذباتي طرح متاثر ڪرڻ لاءِ ويهي گهڙيا هئا. هنن اظهار جو اهو طريقو ان لاءِ اختيار ڪيو، جو وٽن ڪو ٻيو رستو ئي ڪو نه هو: زندگيءَ جي ڳُوڙهين حقيقتن سان هو ايترو ته لبالب ڀريل هئا، جو هنن کي انهيءَ کان سبڪدوش ٿيڻ لازمي هو. هنن جي بيان جي طرز ۽ اسلوب جو حسن سندن جذبات جي گهرائي ۽ خيالن جي پاڪيزگيءَ جو نتيجو آهي.
جيڪڏهن منهنجو اهو رايو صحيح آهي ته اسان جي همڪلام ٿيڻ جي ضرورت جي پيدا ٿيڻ جو بنيادي سبب اسان جي پنهنجي ماحول جي ئي ڪنهن چيز جي انوکي هجڻ جو احساس آهي، ته پوءِ ان مان اهو ئي ثابت ٿئي ٿو ته ’ادب‘ فقط انهيءَ تحرير کي سڏي سگهجي ٿو، جا ظاهر ظهور اسان جي احساس ۽ مشاهدي جي قوتن جي ارتقا کي متاثر ڪري ٿي. ادب کي زندگيءَ جي تجربن جو يادگار رڪارڊ به محض انهيءَ ڪري سڏجي ٿو، جو ان جو سڌو سنئون تعلق زندگيءَ جي انوکين ۽ نادر حالتن کي بيان ڪرڻ يا نقش ڪرڻ سان آهي، انهيءَ صورت ۾ ئي ڪنهن فنڪار جي تخليق، حقيقتاً ڪنهن انوکي مشاهدي جي ترجماني هوندي آهي. اسان جي بلڪل رواجي تجربن کي نيون معنائون ۽ نوان مفهوم بخشڻ به، هڪ طرح، انهن تجربن ۽ حالتن کي غير معمولي ۽ انوکي بنائڻ جي برابر آهي. انسانذات جو اعتقادي ادب، جنهن جو مقصد صرف اهو هوندو آهي ته انسان پنهنجي باطني تجربن جو اظهار ڪري، سو پڻ ادب جي انهيءَ وصف سان ٺهڪي ٿو اچي. اهو ان ڪري جو ان جو لکندڙ پنهنجي وجود ۽ پنهنجي خالق جي وچ ۾ جيڪو لاڳاپو محسوس ڪري ٿو، ان کي ڪا ٺوس ۽ قابل احساس شڪل ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. هن جا باطني تجربا هن جي پنهنجي نجي دليل جو هڪ حصو آهن، پر هن جي فن جي مهربانيءَ طفيل اهي ٻين تائين پهچڻ لڳن ٿا. اهي چيزون ٻين لاءِ بلڪل انوکيون ۽ عجيب چيزون آهن، جن کي ذاتي طرح انهن تجربن جو ڪو احساس ڪونهي. بهرحال، هن قسم جي ادب جو مقصد به اهو ساڳيو ئي آهي، جيڪو هر قسم جي اعليٰ شعر، فلسفي يا ناٽڪن جو هوندو آهي. هر حالت ۾، فنڪار اسان جو ڌيان اهڙين ڳالهين لاءِ ڇڪائي ٿو، جيڪي اسان لاءِ غير معمولي ۽ غير رواجي آهن، ته جيئن زندگيءَ جي اهم فرضن کي پوري ڪرڻ لاءِ هر هڪ انسان کي انهن ڳالهين جي وجود جو احساس ٿئي، ۽ انهن کي پنهنجي فهم ۽ عقل سان ڇنڊي ڇاڻي، زندگيءَ جي عظيم مقصدن جي تڪميل لاءِ ضروري عمل تشڪيل ڪري.
مٿيون تجزيو ڏيکاري ٿو ته ادب جو پيدا ٿيڻ ۽ وڌڻ فقط هڪ ردعمل آهي، يا ائين کڻي چئجي ته اسان جي احساس ۽ مشاهدي جي قوتن جي ئي هڪ لازمي صورت آهي. جيڪڏهن ڪنهن چيز جي ’اظهار‘ جي گنجائش نه هوندي، ته ادب پيدا ٿي ئي نه سگهندو. جيسين ڪو شخص انهن پردن کي نه هٽائيندو جيڪي ڪنهن اسرار کي ڍڪيو بيٺا آهن، تيسين هو ڪڏهن به ادبي فنڪار بنجي ڪين سگهندو.
اهو ياد رکڻ گهرجي ته اسان جي زندگي ٻن اسرارن جي هڪ دنيا آهي، هڪڙو ته اسان جي طبعي وجود جو اسرار آهي، جنهن ۾ هيءَ مادي دنيا ۽ ان جون ڦيريون گهيريون، موسمن جون تبديليون، ڏينهن، رات جي مٽاسٽا ۽ ٻيون اهڙيون ڳالهيون سمايل آهن، ۽ ٻيو اسان جو اندروني يا باطني اسرار آهي، جنهن ۾ اسان جون ذهني تحريڪون، اسان جا خيال، اسان جا تصور، اسان جون اميدون ۽ اسان جا ڊپ ڊاوَ سمايل آهن. اسان جي شعور جي مشعل انهن اندروني توڙي ٻاهرين دنيائن جي بي پناهه ڪنارن تي چوڌاري شعاع اُڇليندي ٿي رهي، اهي دنيائون، جن ۾ اسين ٿڪل ٽٽل مسافرن وانگر رڙهندا ٿا رهون. جڏهن اسين ڪنهن ڏورانهين تاري ڏانهن نهاريون ٿا، ۽ ان جي بناوت تي عجب کائڻ ٿا لڳو، تڏهن ائين چوڻ صحيح نه ٿيندو ته اها ڪا اسان جي اندر جي ’روشني‘ آهي، جنهن اسرار جي ٻاهرينءَ دنيا جي ڪنهن حصي کي اسان لاءِ کولي روشن ڪري ڇڏيو آهي؛ پر جڏهن، ويچار، ساگر ۾ وَهندي، آءٌ پنهنجين ذهني قوتن تي سوچڻ لڳان ٿو، يا انهيءَ ترتيب تي ويچارڻ لڳان ٿو، جا منهنجن خوابن کي وجود ۾ آڻي ٿي ۽ جنهن ذريعي انهن ۾ مختلف عڪسن جو تاڃي پيٽو ٺهڻ لڳي ٿو، تڏهن، ڇا، اهو منهنجو شعور نه آهي، جو منهنجي وجود جي اندرين قوتن کي روشن ڪري ٿو؟ جيڪڏهن انهن ٻاهرين ۽ اندرين دنيائن جي سير ڪندي، مون کي ڪا اهڙي چيز ملي وڃي ٿي، جا غير معمولي آهي، يا آءٌ ڪن شين جي ڪن نين معنائن کي وڃي ٿو ڳولي ڪڍان، يا ٻاهرينءَ ۽ اندروني دنيائن جي باهمي لاڳاپي لاءِ ڪي مفروضا يا نظريا ٿو تيار ڪريان، تڏهن ’پنهنجن ذات، ڀاين کي پنهنجين کوجنائن ٻڌائڻ جي خواهش‘ اندروني طرح ضرور مون کي مجبور ڪندي ته آءٌ پنهنجن ساٿين کي انهن ايجادن ۾ ڀائيوار ڪريان. انهيءَ طرح ئي پاڻ ۾ گڏ گذاريندڙ انسان هڪ عالمگير زندگي گذارڻ جي عظيم مقصد جي تڪميل ڪري سگهن ٿا.
ادب پاڪيزه فطرتن جو نپائيندڙ آهي. ’انسانيات‘• جي موضوع جي تعليم شاگردن کي عالمگير زندگيءَ جي دولت ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ جو بهترين موقعو ڏئي ٿي. ادب جو اڀياس (منهنجي پيش ڪيل مفهوم مطابق) اسان کي تنگدليءَ ۽ تنگ نظريءَ جي چنبي مان پاڻ آزاد ڪرڻ ۾ مدد ڏيندو. ادب اسان کي انهن شخصن جي ذهني حالتن ۽ نظرين ۾ جهاتي پائڻ ۾ مدد ڪندو، جيڪي شعوري طرح اسان کان گهڻو اڳتي نڪري آيل آهن، ۽ جيڪي ’زندگيءَ جي تخليقي ارتقا‘ ۾ حصيدار ٿيڻ جا اهل آهن. هر عظيم ادب اسان کي ’سچ جي دنيا‘ سان متعارف ڪرائي ٿو، ۽ اسان کي پنهنجي روحاني مشاهدي جي قوتن کي تيز ڪرڻ ۾ مدد ڏئي ٿو. جهڙيءَ طرح دنيا جي عظيم مصورن جي شاهڪارن کي ڏسڻ ۽ اڀياس ڪرڻ سان اسان جي شڪلين ۽ رنگن جي مشاهدي جي حِس وڌيڪ تيز ٿئي ٿي، تهڙي طرح، اهل شعور هستين سان جيڪڏهن مسلسل تعلق رکندا اينداسون، ته اسان ۾ زندگيءَ جي لڪل پهلوءَ کي ڏسي سگهڻ جي صلاحيت پيدا ٿيڻ لڳي ٿي.
ادب کي ڪڏهن ڪڏهن ’زندگيءَ جو آئينو‘ پڻ سڏيو ويندو آهي، پر اها تشبيهه ڪجهه منجهائيندڙ ٿيو ٿي پوي. آئينو فقط هڪ موجود حقيقت جو عڪس ڏيکاريندو آهي؛ آئينو نه فقط ورتل شيءِ موٽائي ٿو ڏئي، پر فنڪار، ان جي برعڪس، ٻاهران چيزون گڏ ڪري هڪ نئين شيءِ تخليق ڪري ٿو، ۽ ان کي پنهنجي شخصيت جو رنگ ڏئي، ان جي اصلي صورت بنهه بدلائي ٿو ڇڏي. سمورو عظيم ادب تخليقي آهي. ادب جنهن شيءِ يا خيال کي لفظن ۾ آڻي ٿو، ان کي هڪ بنهه نئين حيثيت بخشيو ڇڏي. شاعر، فيلسوف يا ناٽڪ نويس جو ذهن محض هڪ عڪس اُڇليندڙ آئينو نه آهي، بلڪ اهو ته هڪ ’پِرزم‘ يا بلوري شيشو آهي، جو اصلي محرڪ کي ان جي مختلف ترڪيبي جزن ۾ ورهايو ڇڏي؛ مادي جي دنيا کي هڪ نئين شڪل ڏيو ڇڏي، ۽ معمولي ڳالهين کي نيون نيون معنائون بخشيو ڇڏي.
سمورو فن تخليقي آهي، ۽ ادب جو پڻ مڪمل طرح هڪ فن آهي- انتهائي طرح تخليقي آهي. ادب پنهنجن پوڄارين کي شين کي اُونهي جاچڻ لاءِ هڪ ڇهين حِس عطا ڪري ٿو. اهو ’هُتان‘ ۽ ’هِتان کان اڳتي‘ جي وچ ۾ هڪ پُل مثال آهي. اها هڪ اهڙي ڏاڪڻ آهي، جنهن جي ذريعي اسين شين جي ڏٺل وائٺل دنيا مان روح جي
غير رواجي ۽ اڻڏٺل دنيا ۾ وڃي ٿا پهچون. انهيءَ مفهوم مطابق ئي ادب جي مطالعي ڪرڻ ۽ ان مان لطف اندوز ٿيڻ سان انسانذات کي پنهنجيءَ وحدت جو احساس ٿيڻ لڳندو. جڏهن آءٌ چيني، جپاني ۽ هندي ادب مان اوترو ئي لطف اندوز ٿيان ٿو، جيترو پنهنجي ادب مان، ته اها حقيقت ثابت ڪري ٿي ته سموري انسانذات هڪ آهي، ۽ فرق جيڪي انسانذات جي هڪ گروهه کي ٻئي گروهه کان مختلف ڪن ٿا، سي فرق حقيقي نه آهن. ساڳيءَ طرح، اها حقيقت ته رومن ۽ يوناني ادب منجهان به مون کي اهڙو ئي لطف ملي ٿو، جهڙو جديد ادب منجهان، ڏيکاري ٿي ته منهنجي ۽ انسانذات جي انهن قديم ابن ڏاڏن جي وچ ۾ هڪ روحاني رشتو آهي، ۽ اسين، جيڪي هنن جو ئي اولاد آهيون، هنن سان احساس جي وحدت ۾ ڳنڍيا پيا آهيون. انهيءَ ڪري، عالمگير ادب پڙهڻ سان دنيا جي مختلف قوميتن ۽ تهذيبن جا نمائندا اهو محسوس ڪري سگهن ٿا ته سموري انسانذات هڪ آهي؛ ۽ هي جي مفاصلي ۽ وقت جون سرحدون ۽ رنڊڪون آهن، سي ڪي اَمٽ ڪينهن، بلڪ انهن حدن ۽ رنڊڪن کي سندن ’ڪامل انسانن‘ جي شاهڪارن جي همدردانه مطالعي ۽ اڀياس سان سولائيءَ سان هٽائي سگهجي ٿو.
[مهراڻ نمبر: 2 ۽ 3 سال 1959ع]