لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

مُهاڳ : ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو

عاجز رحمت الله لاشاري ءَ جي هن پورهئي کي سمجهڻ لاءِ ضروري آهي ته اسان لوڪ ادب کي سڀ کان اڳ ۾ سمجهون.
اظهار جا مختلف طريقا آهن، اشارن وسيلي به اظهار ڪري سگهجي ٿو ته آواز ۽ عمل ذريعي به اظهار ڪري سگهجي ٿو، رنگ به اظهار ۽ پيغام پهچائڻ جا بهترين وسيلا آهن. روڊ تي ڳاڙهي رنگ جي بتيءَ کان گاڏي بيهارڻ ۽ سائي رنگ جي بتيءَ کان گاڏي اڳتي ڪاهڻ جو به ڪم ورتو وڃي ٿو.
آرٽسٽ رنگن وسيلي تصوير جوڙي پنهنجي اندر جو اظهار ڪري ٿو ٻولي سڀني اظهارن مان سگهارو ۽ عام ذريعو آهي. پنهنجيءَ ٻوليءَ ۾ نه رڳو احساس ۽ جذبن جو اظهار ڪجي ٿو پر ضرورتن جو به اظهار ڪيو وڃي ٿو. ٻوليءَ ۾ وري ادب کان وڌيڪ بهتر ۽ مؤثر اظهار جو ٻيو وسيلو ناهي. اندر جو اظهار پنهنجي لاءِ نه پر ٻئي ڪنهن هڪ يا هڪ کان وڌيڪ انسانن لاءِ هوندو آهي . ادب ۾ نثر هجي يا نظم اهو عام ماڻهن يا لوڪ لاءِ هوندو آهي. جڏهن سمورو ادب لوڪ لاءِ آهي ته پوءِ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته رُڳو “لوڪ ادب” سان ئي لوڪ لفظ ڇو ٿا ڳنڍيون؟ اظهار جي لحاظ کان سمورو ادب لوڪ ئي هجڻ گهرجي پر اسان جي عالمن ادب جا مختلف حصا رڳو سڃاڻپ لاءِ جوڙيا آهن جيئن:
لوڪ ادب، اساسي، ڪلاسيڪي ادب، ۽ جديد ادب وغيره.
ادب جي مختلف قسمن کي ٻوليءَ، صنفن گهاڙيٽي ۽ دؤر جو فرق واضح ۽ الڳ الڳ ڪري ٿو. ٻوليءَ مان مراد قديم ۽ ٺيٺ ٻولي / لهجا ۽ هاڻوڪي دؤر ۾ ڪتب ايندڙ ٻولي وغيره آهي.
اسان جي سموري ادب جو بنياد لوڪ ادب آهي جنهن کي زنده رکڻ لاءِ خاص ڪري سگهڙ يا لوڪ شاعر پاڻ پتوڙيندا ۽ اڳتي وڌائيندا پيا اچن لوڪ ادب جي شروعاتي وصف اها هئي ته اهڙو ادب جيڪو عام ماڻهن ۾ تمام گهڻو مشهور هجي ۽ ان جي تخليقڪار جي به خبر نه هجي هر ڪو ماڻهو ان کي پنهنجو سمجهي. اڳتي هلي لوڪ ادب جا تخليقڪار به سامهون اچڻ لڳا. سندن تخليقن ۾ شاعرن وانگر سندن تخلص ۽ ذاتيون ۽ نالا به اچڻ لڳا. لوڪ ادب جنهن جا سرجيندڙ رڳو سگهڙ هئا، ان ۾ عام شاعرن ۽ ليکڪن به پنهنجو حصو ڳنڍيو، عام شاعرن ۽ ليکڪن لوڪ ادب جي صنفن تي به طبع آزمائي ڪرڻ شروع ڪئي. هن دور ۾ جيئن شيخ اياز، استاد بخاري، تاجل بيوس ۽ ٻين لوڪ ادب جون صنفون هوجمالو، مورو ۽ ٻولي وغيره به لکيون، ڪن وري تحقيق وسيلي لوڪ ادب کي ترقي ڏياري جيئن ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو وغيره. انفرميشن ٽيڪنالاجي جي ترقي انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جي وڌندڙ استعمال انساني زندگي ۾ تمام گهڻي تيزي ۽ بهتري آڻي ڇڏي آهي. ان سان ٻهراڙيءَ واري زندگي تيزيءَ سان شهري زندگيءَ ۾ تبديل ٿيندي پئي وڃي. انهن تبديلين جو تڪڙو اثر ٻوليءَ ۽ ادب تي به پئجي پيو.
ان صورتحال ۾ لوڪ ادب جي وصف به ڄڻ تبديل پئي ٿئي. سگهڙ عام شاعريءَ جي صنفن تي ۽ عام شاعر سگهڙائپ وارين صنفن تي طبع آزمائي پيا ڪن. سگهڙ لاءِ جيڪو عام تصور هو ته هُو اڻپڙهيل هوندو آهي اهو به تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي سگهڙ وٽ رسمي تعليم به اچي چڪي آهي ، ڪيترا ته ايم اي يا ان کان به مٿي جي تعليم رکن ٿا. هن وقت لوڪ شاعري اهڙي شاعريءَ کي سمجهيو وڃي ٿو جنهن ۾ ٻهراڙيءَ جي عڪاسي ٿيل هجي ان ۾ ٺيٺ لفظ ڪتب آيل هجن ۽ ان ۾ ڪسوٽيءَ جو عنصر وڌيڪ هجي ڳجهارت يا سوال وارو انداز به هجي. عوام ۾ گهڻي مقبوليت ۽ مشهوريءَ وارو عنصر به ڪمزور ٿيندو پيو وڃي. ڇاڪاڻ ته ميڊيا ۽ تعليم وڌڻ سبب ٻين ٻولين جهڙوڪ انگريزيءَ، اردوءَ ، عربيءَ ۽ هنديءَ جو اثر سنڌي ٻوليءَ ۽ خاص ڪري نئين نسل تي تمام گهڻو پيو آهي، جنهن ڪري سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ لفظ متروڪ ٿيندا يا مرندا پيا وڃن ٽيڪنالاجي سبب زندگيءَ جو ڪار وهنوار ئي تبديل ٿي ويو آهي. هاڻي نه رهيو آهي نار نه ئي هر ۽ پاڃاري ۽ ڏاندن جو جوڙو وغيره. ان ڪري لوڪ ادب سمجهڻ وارا به گهٽجندا وڃن ٿا. جڏهن ڪا تخليق سمجهي ئي نه سگهبي ته اها مقبول يا عام ڪٿان ٿيندي ؟ بهرحال اهو هڪ الڳ بحث آهي جنهن تي ڪنهن ٻئي مضمون ۾ تفصيل سان لکيو ويندو.
مٿي ڄاڻايل ڳالهين بيان ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته جيئن عاجز رحمت الله لاشاريءَ جي ڪيل هن پورهئي کي سمجهڻ ۾ سولائي ٿئي. عاجز صاحب دنيا جي عظيم شاعر شاهه لطيف جي ڪلام مان سگهڙائپ کي نروار ڪرڻ جي ڪامياب ڪوشش ڪئي آهي. شاهه صاحب سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ هي ٻن صنفن بيت ۽ وائي ءَ تي عاليشان طبع آزمائي ڪئي آهي وٽس موضوع خيال فن ٻوليءَ ۽ شاعريءَ جون ٻيون خوبيون اعليٰ ترين درجي واريون آهن. سندس ڪلام کي هر لحاظ کان ڪلاسيڪيت جو درجو حاصل آهي هو هڪ ته سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ واري دور سان واسطو رکي ٿو ٻيو سندس ڪلام اعليٰ درجي وارو يعني ڪلاسيڪي آهي، اهوئي سبب آهي جو شاهه صاحب جي ڪلام تي سنڌي ٻوليءَ ۾ وڌ ۾ وڌ تحقيق ۽ تشريح ٿيڻ جي باوجود اڃا گهڻي کوٽ محسوس ٿئي ٿي.
شاهه صاحب جي ڪلام، پيغام ۽ زندگيءَ بابت ويهن کان وڌيڪ پي ايڇ ڊيون ۽ سوين ڪتاب لکجي چڪا آهن. سندس ڪلام مان قدامت ۽ جدت ڳولڻ جي به وڏي جستجو ٿي آهي. ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر رخمان گل پالاريءَ شاهه جي ڪلام ۾ موجود لوڪ ادب تي پي ايڇ ڊي ڪئي آهي، ڊاڪٽر صاحب جو ڪم اڃا منهنجي سامهون نه آيو آهي عاجز رحمت الله جو شاهه صاحب جي سگهڙائپ بابت مقالو به سال کن پهريان منهنجي نظر مان گذريو هو. عاجز صاحب ان تحقيق کي اڳتي وڌائي ڪتابي صورت ڏني آهي، جنهن تي کيس جس هجي.
شاهه سائين سرتاج الشعراء آهي اسان جو ته هو عظيم شاعر آهي ئي آهي پر دنيا جو به عظيم شاعر آهي سندس سرتاجيءَ ۽ عظمت کي ٻاهرين عالمن نه رڳو مڃيو آهي پر ثابت به ڪيو آهي اهڙن عالمن ۾ ايڇ ٽي سورلي سرفهرست آهي، شاهه صاحب رڳو عام شاعرن جو سرتاج ئي ناهي بلڪه سگهڙن جو سرتاج به آهي سمورا سنڌي سگهڙ کيس پنهنجو مرشد ۽ سردار پڻ مڃيندا آهن هو پنهنجين ڪچهرين ۾ شاهه صاحب جي ڪلام چوڻ کان سواءِ بيقرار ۽ اڻپورا هوندا آهن . لطيف جو ڪلام سندن دل ٺاريندو ۽ پيغام کين سڌي واٽ ڏيکاريندو آهي هو لطيفي پيغام پکيڙيندڙ ۽ ان ورثي جا سچا وارث آهن. اهو ئي سبب آهي ته سگهڙن جي تنظيم “سلات” جي سرواڻ عاجز رحمت الله لاشاريءَ لطيفي لات کي اڳتي وڌائڻ جو بندوبست ڪيو آهي.
اسان جا ڪجهه عالم سڳورا کين لطيف سرڪار ۽ سندس پيغام کان سگهڙن کي پري رکڻ جي پرچار ڪندا رهن ٿا ۽ کين ڌڪا به ڏين ٿا پر هي همراهه به مڙڻ وارا ناهن هي شاهه سائين جا پتنگ آهن جن لاءِ پاڻ فرمايائين ته؛
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ،
پسي لهس نه لچيا، سڙيا مٿي سچ،
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃائيا.

(سُريمن ڪلياڻ)
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته شاهه صاحب هڪ بهترين سگهڙ يعني سٺو گهڙيندڙ يا تخليق ڪندڙ آهي شاعر به هڪ تخليقڪار آهي. سگهڙ ۽ شاعر لفظ ته الڳ الڳ آهن پر معنيٰ ۽ مفهوم ساڳيو اٿن سندن ڪم به ساڳيو آهي سنڌ جا سگهڙ لطيف سائين کي سگهڙ چون ٿا. سڀ پنهنجيءَ جاءِ تي درست آهن شاعريءَ ۽ سگهڙائپ جا سمورا رنگ لطيف سرڪار وٽ موجود آهن. هر ڪو پنهنجي عقل سمجهه آهر پرکي ۽ پروڙي ٿو. عاجز رحمت الله به پنهنجي تحقيق وسيلي علمي ۽ عقلي بنيادن تي لطيف سائينءَ جي سگهڙائپ کي ثابت ڪيو آهي هُن ٻوليءَ، گهاڙيٽي، فن ۽ موضوعن وسيلي ثابتيون ۽ مثال ڏنا آهن.
چوڻي ۽ پهاڪو لوڪ ادب جي صنفن ۾ شامل آهي شاهه صاحب جي ڪلام جا ڪيترائي بيت يا انهن جا ڪجهه بند سنڌي ٻوليءَ ۾ چوڻيءَ طور ڪتب اچن ٿا جيئن؛
1. سڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪنهن اڻاسيءَ وسري.
2. حيف تنين کي هوءِ، وطن جن وساريو.
3. اگهيو ڪائو ڪچ، ماڻڪن موٽ ٿي.
4. اي نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.
اهڙيءَ ريت شاهه صاحب جي ڪلام ۾ لوڪ ادب جي صنفن سينگار، هنر ۽ ڏينهن ۽ راتين وغيره وارا بيت به موجود آهن. عاجز رحمت الله هُنر جي مختلف بيتن جي نشاندهي ڪئي آهي. بيتن ۽ صنفن جون سمجهاڻيون ۽ وصفون به ڏنيون آهن اهڙن بيتن مان هتي به هڪ مثال لاءِ ڏجي ٿو.
جا هَڙ اندر جيءَ ۾ ، ساهَڙَ ٻَڌي ساهه کي،
سا هَڙ ڇڙي نه ساهه جي، ساهڙ ساهڙ ريءَ،
ساهڙ ميڙ سميع، ته ساهڙ ڇڙي ساهه جي.

(سر سهڻي)
هنر جي معنيٰ آهي ڪاريگري يا فن. شاعريءَ ۾ لفظن کي ڪاريگريءَ ۽ مهارت سان ئي ڪتب آندو ويندو آهي پر ڪنهن هڪ لفظ کي اهڙيءَ ته مهارت ۽ ڪمال ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو ويندو آهي جو هڪ لفظ جون مختلف معنائون ۽ مفهوم سامهون ايندا آهن. مٿيئن بيت ۾ به شاهه صاحب هڪ عظيم سگهڙ وانگر لفظ “هَڙَ” کي نهايت ئي ڪاريگريءَ سان ڪتب آندو آهي. بيت ۾ ان جون مختلف معنائون ٿين ٿيون. لفظ “هَڙَ” ۾ “سا” به ڏاڍي ڪاريگريءَ سان جوڙيو ويو آهي. منڊيءَ تي ٽڪ لڳو پيو آهي.
هَڙَ مان “ساهڙ” ۽ ان جون به مختلف معنائون ٿين ٿيون سنڌي سگهڙائپ جي صنف هنر ۾ شاهه صاحب جو هيءُ بيت شاهڪار جي حيثيت رکي ٿو.
هَڙ جون مختلف معنائون هن ريت آهن.
1. هَڙ – ڳنڍ (محبت جو پيچ )
2. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ – ميهار (سهڻيءَ جو محبوب / عاشق ) هڪ ئي لفظ
3. هَڙَ – “سا ” سان گڏ – ساهَڙَ (هتي “سا” جي معنيٰ الڳ يعني جا يا جيڪا ۽ هڙ جي معنيٰ ڳنڍ)
4. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (جيڪا ڳنڍ يا پيچ)
5. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (سهڻيءَ جو محبوب يعني ميهار)
6. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (هتي به ساهڙ هڪ لفظ آهي، جنهن جي معنيٰ سهڻيءَ جو محبوب )
7. هَڙَ – “سا” سان گڏ – ساهڙ (سا- جا يا جيڪا، هڙ – ڳنڍ يا پيچ)
هڪ ئي بيت ۾ ست دفعا لفظ هڙ استعمال ڪيو ويو آهي سڄي بيت جي سمجهاڻي هن ريت آهي، سهڻي ۽ ميهار جو عشقيه قصو مشهور آهي سهڻي ميهار سان درياهه تي ملڻ ويندي هئي ۽ سندس عشق ۾ تڙپندي رهندي هئي. چئي ٿي ته منهنجي من ۾ جيڪو محبت جو پيچ يا ڳنڍ آهي اها مون کي پنهنجي محبوب ميهار ٻڌي آهي، اها ڳنڍ منهنجي ساهه سان ڳنڍجي وئي آهي جڏهن ساهه کي ڳنڍ ايندي آهي ته ڦاهيءَ تي چڙهڻ واري ڪيفيت هوندي آهي، ان ڦاهيءَ کي منهنجي محبوب ميهار کان سواءِ ٻيو ڪوبه کولي نه ٿو سگهي. اهو ملندو ته ڏک ۽ تڪليفون ختم ٿي وينديون اي منهنجا مالڪ اي دانهن ۽ فريادن ٻڌڻ وارا مون کي منهنجو محبوب ميهار ملاءِ ته جيئن منهنجي ساهه جي ڳنڍ ڇُڙي ، کُلي وڃي ۽ مون کي سڪون ملي.
حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
مان عاجز رحمت الله لاشاريءَ ۽ ڇپيندڙ اداري “حسن درس اڪيڊمي حيدرآباد” کي هن بهترين ڪم تي مبارڪون ڏيان ٿو.


ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو
ڪراچي

2016-10-10
فون نمبر: 03012399345