شاهه جي شاعري ۾ مهانتا...!
مون اڪثر محققن، اديبن ۽ عالمن وٽان ٻڌو آهي ته شاهه سائين کان پهرئين دور جا سگهڙ خاص ڪري درٻارن جي زينت بڻيل وزيرن ۽ اميرن جي شان ۽ مان ۾ ڳڻ ڳائيندا هئا، نه انهن کي ڪُڇڻ جي اجازت هوندي هئي ۽ نه ئي معاشي مامرن جي عڪاسي ڪري سگهندا هئا. سواءِ چند عارف باالله ۽ تصوف ڏانهن لاڙو رکندڙن جي، باقي اڪثريت جو شمار بادشاهي ڪچهريون مچائڻ ۽ سندن خوشامد جا بيت چئي پيٽ گذر ڪرڻ ئي زندگيءَ جو مشغلو هوندو هو. جن جي باقيات مان ڪي سگهڙ اڄ به ان روايت موجب ڪامورن جي قصيده گوئي ڪندي نظر ايندا آهن ۽ ڪيترن جا ته لوڪ ادب جي نالي تي شايع ڪيل ڪتابن اندر ڪيترائي داستان اهڙي درٻاري شاعريءَ سان ڀريل آهن. پر جڏهن حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جهڙو ڀرجهلو آيو ته ان سگهڙائپ کي نوان رخ ۽ لاڙا ڏنا، جي چاهي ها ته اڄ جي عام رسمي پيرن وانگر انهن کان عقيدت جي اظهار طور پنهنجي شان ۾ قصيده لکرائي ها، ڇوته سيد اڳ ئي هو، بس حڪم جي دير هئي. پر شاهه سائين ائين ڪرڻ بدران ان وقت جي طاغوتي قوتن خلاف ڪڏهن ظاهري ته ڪڏهن مخفي مام اندر قلمي جهاد ڪيو. ان مرحلي ۾ لطيف سائين پاڻ هٿ ۾ تلوار ته ڪانه کنئي پر ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جي ڏاڪارين سان مهاڏو اٽڪائڻ لاءِ هڪ علمي ۽ عملي مزاحمت جو بندوبست ڪيو، پنهنجي فن ۽ فڪر جي تخليقي عمل ۽ ڪردار سان هڪ سياسي مدبر وانگر رهنمائي ڪئي، نه رڳو ايترو پر پنهنجي ڌرتي تي رهندڙ انتهائي سادن ماڻهن جي ڳالهه ڪري پنهنجي آفاقي شاعريءَ ۾ مهانتا بخشي، جن ۾ ککيءَ کوڙ ۽ ککيءَ کاريون ڏٺائين، تن کي آٿت ۽ اتساهه بخشيائين، جن جي هٿن ۾ قُم، ڪوڻيون ۽ ڪالوڙا هئا، جن جا ڇڄ ڇڇيءَ هاڻا هئا، مُنهن جن جا ميرا، بدن جن جي بوءِ، هٿين پيرين ڇيڳرا، رنگ ۽ روءِ ۾ بي رونق، مڇيءَ سان محبت ڪندڙ ڪمذات ۽ ڪمزور، پاٻوڙن جي پوشاڪ پهريندڙ، گند جن جي گود ۾، تن کي تسليون ڏئي ايترو ته مان بخشيائين جو سدائين لاءِ سرها ٿي ويا.
ايران کي حافظ تي ناز آهي ته عرب کي امراءُ القيس تي بانور ٿي سگهي ٿو، هندستان کي ڪاليداس، انگلستان کي ملٽن ۽ آمريڪا کي لانگمن تي فخر آهي ته سنڌ به شاهه ڀٽائيءَ تي بهار ٿي سگهي ٿي. ڀٽائي ڀلارو جنهن ساري عالم جو خير گهريو، ان جو مثال سر سارنگ جو هي بيت آهي.
موٽي مانڊاڻن جي، واري ڪيائين وارَ،
وِڄون وسڻ آئيون، چوڏِسيين چَوڌارَ،
ڪي اُٺيون اِستنبول تي، ڪي مَڻيون مَغرب پارَ،
ڪي چمڪن چين تي، ڪي لَهن سَمر قنديَن سارَ،
ڪي رَمي ويون روم تي، ڪي ڪابل ڪي ڪنڌارَ،
ڪي دِلي ڪي دَکن پورب پَڇَم، ڪي گُڙنِ مٿي گِرنارَ،
ڪن جُنبي جيسلمير تان، ڪيو بيڪانير بهارَ،
ڪني ڀُڄ ڀِڄايو، ڪي ڍَٽين پَٽين ڍارَ،
ڪي پُريون پَنجاب ڏي، ڪي هلن مٿي هالار،
ڪن اچي عمرڪوٽ جا، وسايا ولهارَ،
سائينمِ سدائين، ڪرين مٿي سِنڌ سُڪار،
دوست مِٺا دلدارَ، عالم سڀُ آباد ڪرين.
(شاهه جو گنج/مرتب: محمد قاسم راهمون)