لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

پنهنجي پاران : لوڪ ادب مشاهدو ...! (عاجز رحمت الله لاشاري)

ڏٺو وڃي ته سنڌ جي ھر ادب شناس پنھنجي ٻوليءَ جي عوامي يا قومي ادب لاءِ جاکوڙيو آھي ۽ لوڪ ادب جي سھيڙ ۾ ڪنھن نه ڪنھن طرح سان نالو ڳڻايو آھي پر انھن سڀني ۾ زياده “لوڪ ادب” جي کوج ڪرڻ ۽ ڳوٺن ۾ وڃي ڪچھريون ڪوٺائي، لوڪ ادب جا جدا جدا روپ سھيڙڻ سان گڏ ان جو تنقيدي اڀياس ڪرڻ جي حوالي سان جن عالمن باقائده شروعات ڪئي تن ۾ مُحسنِ سنڌ علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي جا نالا سونھري اکرن ۾ درج ٿيل آھن. جن جاکوڙين ڏونگر ڏوري، رڻ پٽ روڙي، ڪَمرڪَڇي سنڌ جو چپو چپو گُھمي، سنڌي لوڪ ادب جا املهه ماڻڪ گڏ ڪيا آھن ۽ انھن جو چونڊ حصو ڇپائي ظاھر به ڪيو آھي، جنھن وسيع پيماني تي تحقيقي ڪم ڪري پاڻ ملھائڻ ۾ ھنن ھزار ڀيرا کيرون لھڻيون.
سنڌ اندر لوڪ ادب بابت تحقيق ۽ ترتيب ۾ ٻين به ڪيترن ئي مسلمانن توڙي غير مسلم اديبن ۽ ڏاهن پاڻ ملهايو آھي، انهن ۾ ڊاڪٽر عبدالمجيد ميمڻ، ڊاڪٽر مرليڌر جيٽلي، انجنيئر عبدالوهاب سهتو ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، سيد ميران محمد شاهه اول، ڪوڙو مل چندن ور، نندي رام، ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ، عطاحسين شاهه موسوي، محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، پروفيسر زيب ڀٽي، عبدالحسين شاهه موسوي، پروفيسر فهميده حسين، الله بخش نظاماڻي، ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، ڊاڪٽر نياز همايوني، ولي محمد طاهر زادو، قاضي مقصود گل، معمور يوسفاڻي، ڊاڪٽر پرسو گدواڻي، ڊاڪٽر نارايڻ ڀارتي، ڄيٺو لالواڻي، ڪلاڌر متوا، لالجي همٿوجي سوٽهڙ، ڊاڪٽر ٻل ديو مٽلاڻي، ڀيرومل مهرچند، گل محمد گلاڻي، رُخمان گل پالاري ۽ ٻين ڪيترن ئي ان جاکوڙ ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي.
ڏسجي ٿو ته سنڌ جي قومي ادب “لوڪ ادب” کي سهيڙڻ جي پهرين تجويز ان وقت جي سنڌي ادبي بورڊ جي سرواڻ مخدوم محمد زمان طالب المولى کي سائين جي. ايم. سيد ڏني هئي جنهن بعد سنڌي لوڪ ادب کي سهيڙڻ بابت تفصيلي تجويز 1955ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ سامهون آندي وئي. جنهن کي هڪ سال جي وٿيءَ کانپوءِ 1956ع ۾ بحال ڪرڻ بعد “لوڪ ادب اسڪيم” جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ کي مقرر ڪيو ويو ۽ سنڌ يونيورسٽي ۾ “سنڌي لغت آفيس” سان گڏ لوڪ ادب جي مرڪزي آفيس قائم ڪري سرڪاري طور منظور ٿيل هڪ ڪروڙ جي گرانٽ سان جنوري 1957ع کان سهيڙ جو باقاعدي سان ڪم شروع ٿيو ۽ علائقائي طور ڪارڪن مقرر ڪيا ويا. جن مان ڪجهه ڪارڪنن آفيس ۾ ويهي ڇپيل ڪتابي ذخيري مان ضروري مواد اتاريو ۽ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاڻ سان گڏ ڪجهه ڪارڪنن کي ساڻ ڪري هر ڳوٺ، ڳلي، واهڻ، ۽ وستي سنڌ جي هر ڀاڱي جو گشت ڪري سڄاڻ سگھڙن سان ڪچهريون ڪيون ۽ لوڪ ادب جي هر پهلو کي سمجهڻ ۽ ان جي خاص ذخيري کي قلمبند ڪرايو. ياد رهي ته “لوڪ ادب اسڪيم” جي منظوريءَ وقت چاليهن ڪتابن جي سهيڙڻ ۽ تحقيق لاءِ پنجن سالن جو مدو رکيو ويو هو پر تنهن جي جاوجود به ان ڪم ۾ لڳاتار ڇٽيهه سال لڳي ويا ۽ مخدوم طالب المولى جي ٻيهر سنڌي ادبي بورڊ جو چيئرمين مقرر ٿيڻ بعد سندس ذاتي دلچسپي سبب اها اسڪيم جاري رکي وئي. جڏهن ته لوڪ ادب جو سڄو ذخيرو گڏ ڪرڻ ڄڻ اٿاهه سمنڊ سوجهي مڙني موتين ۽ ماڻڪن کي ميڙڻ برابر هو. ان ڪري لوڪ ادب جي جملي جنسن جو مثالي مواد گڏ ڪري مجموعي طور 40 ڪتاب 1991ع ۾ ڇاپي مڪمل ڪيا ويا ۽ آخر ۾ شايع ڪيل سڀني ڪتابن جو تفصيل فهرست (ڄاڻ) بابت ڪتاب پڻ جدا شايع ڪيو ويو.
لوڪ ادب اسڪيم تحت سنڌي ادبي بورڊ، سنڌ يونيورسٽي، زيب ادبي مرڪز ۽ سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري طرفان سنڌ جي معروف اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي تحقيق ۽ ترتيب هيٺ جملي 45 ڪتاب لوڪ ادب جي موضوع تي پڌرا ٿيا. جن ۾ ان عنوان جو پهريون ڪتاب “ٻيلاين جا ٻول” آھي، جيڪو 1951ع ۾ سنڌ يونيورسٽي شايع ڪرايو. ان کانپوءِ 1958ع ۾ “لاکو ڦلاڻي” پڻ ڇپيو ۽ آخوند عبدالرحيم وفا عباسي جي محنت سان تيار ڪيل ڪتاب “هر گنيو” سنڌي ٻوليءَ جي بااختيار اداري ڇپيو، جنهن جو مقدمو ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي هئي. جڏهن ته باقي 40 ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ ڇپيا، انهن ۾ مداحون ۽ مناجاتون، مناقبا، معجزا، مولود، ٽيهه اکريون، هفتا، ڏينهن، راتيون ۽ مهينا، جنگ ناما، واقعاتي بيت، مناظرا، سنڌي سينگار شاعري، پروليون، ڏٺون، معمائون، ٻول، ڳجهارتون، ڏور، ڳيچ، لوڪ گيت، بيت، نڙ بيت، ڪافيون، سنڌي لوڪ ڪهاڻيون، مشهور سنڌي قصا، سنڌ جي سورهيائي ۽ هنرمنديءَ جو داستان، رسمون، رواج، سوڻ ساٺ، سنڌي هنر شاعري شامل آھن. جن جي ڇپائي جو سلسلو 1959ع کان شروع ٿي 1991ع دوران پڄاڻيءَ تي پهتو، ياد رهي ته مٿي ڄاڻايل لوڪ ادب جي ڪتابن ۾ ڪجهه موضوعن جو مسودو تمام گھڻو ۽ جدا جدا پهلوئن تي هو، ان ڪري ٽيهه اکريون ٻن جلدن ۾، ڪافيون ٽن جلدن ۾، سنڌي لوڪ ادب ڪهاڻيون ستن جلدن ۾، مشهور سنڌي قصا دودو چنيسر، موکي متارا، مري ۽ مڱ ٿر، اڍو ڪيهر ۽ هوٿل، پري، ڦل وڌوئو ۽ ڀوري، لاکو ڦلاڻي، سهڻي ميهار، نوري ڄام تماچي، ليلان چنيسر، سسئي پنهون، مومل راڻو، سورٺ راءِ ڏياچ، هير رانجهو، عمر مارئي، ڍول مارو، مورڙو ۽ مانگر مڇ تي ٻڌل داستان ٻارنهن جلدن ۾ پڌرا ڪيا ويا آھن.
ان سلسلي ۾ سنڌ جي نوجوان محقق ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙي جي محنت کي به وساري نٿو سگهجي، جنهن لوڪ ادب ۽ ثقافت بابت کوڙ سارا ڪتاب سنڌي قوم کي ڏنا آهن، انهن ۾
1. سنڌي ثقافت جا امر آواز
2. سنڌوءَ جا گيت (سنڌي لوڪ گيتن جو تحقيقي جائزو)
3. سنڌي لوڪ ادب (مضمون ۽ مقالا)
4. ڪچهريءَ جا مور
5. لوڪ رنگ لقمان جا (سگهڙ محمد لقمان کوکر جو ڪلام)
6. پاڪستاني زبانون ڪا لوڪ ادب (اردو)
7. رسالو ڳجهارت
8. سنڌي لوڪ ادب جو اڀياس
سنڌي قوم کي ڏئي پنهنجو نالو لوڪ ادب جي خيرخواهن ۾ ڳڻايو آهي.
اھا به ھڪ حقيقت آھي ته جيڪو علم ۽ ادب، ڳوٺاڻن، ھارين، نارين، پورھيتن جي سيني ۾ سانڍيل ۽ سمايل آھي، اھو اسانکي ڪنھن به شھريءَ ۾ اصل ڪو نه ٿو ملي.
ٻھراڙين ۾ رھي ڪري لوڪ ادب جا بي مثال ۽ بيشمار خزانا سينن ۾ سانڍيندڙن جي سڃاڻپ سگھڙ طور ٿيندي آھي، معنى، سٺو، سھڻو يا سليقي مند جنھن جي ڏات ۽ ڏاھپ جا گوھر نرالا ۽ نوان ھجن، جنھن جي اکرن جو اچار نج ۽ لفظن جو گھاڙيٽو وزندار توڙي خوش اصلوبيءَ وارو ھجي نون نقطن جي پلٽار جي باني کي سگھڙ سڏبو آھي.
سگھڙ لفظ کي مختلف معنائن ۾ بيان ڪيو ويو آھي، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلي موجب سگھڙ سنسڪرت جي شوگھٽ مان ورتل آھي. شو+ گھٽ گھڙيندڙ- سيبتو. ٻئي معنى آھي، سؤگھڙ، معنى سوين قسمن جي گھڙت ڪرڻ وارو، سگھڙائپ جي فن کي پرکڻ مان پتو پوي ٿو ته واقعي به ان وٽ سوين گھڙون (جوڙون+تخليقون) آھن. لوڪ ادب جي رنگ ۾ سگھڙن سنڌي ٻولي کان سواءِ ڪيترين ٻولين ۾ شاعري ڪرڻ، ڳجھارتن جي ڪيترن ئي قسمن ۾ پروليون يا ٽه ڳڻا، (گروچيلو) چوڻ، ھُنر جا لاتعداد گھاڙيٽا بڻائڻ، بيت بنا نقطي، ھڪ لفظ تي واسع الشفتين (چپُ چَپَ سان نه ملي) وغيره جھڙا کوڙ سارا عنوان لوڪ ادب شاعري ۾ لکن ٿا جيڪي، “سؤگھڙ” جو دليل آھن.
عوامي راءِ موجب سُگھڙ کي “سو ئي گھڙ” ڪرڻ وارو به چيو ويو آھي، سوئي = چونڊي، گھڙ = ٺاھڻ، جنھن جي معنى چونڊي ٺاھيندڙ ٿئي ٿو، ته سگھڙن جون ڳجھارتون ھجن يا ڏور جا بيت ان ۾ ڳجھارتن جا بند يا پاوا، توڙي ڏور بيتن ۾ ڳُجھن، لڪيل لفظن جا انبار به ڏات ڌڻين پاران ھڪ ھڪ لفظ ڪري چونڊيا ويندا آھن، ساڳيءَ ريت سينگار شاعريءَ تي “ڏھس” وارن بيتن ۾ پڻ سوئڻ کان ڪم ورتو ويندو آھي.
اڃان جڏھن سنڌ اندر ڪڙمڪي ڪم لاءِ مشينون ايجاد نه ٿيون ھيون ۽ نه ئي وري سئنيما ڪلچر جو عروج يا ڪئبل توڙي ڊش اينٽينا پھتي ھئي، بس خلائي رفتار ذريعي ريڊيو ئي ملڪي صورتحال جي واءُ سواءُ جو ذريعو ھو، تڏھن اڃاتائين انٽرنيٽ ۽ موبائل فون جو آزار نه ھو ته ان وقت ڳوٺن ۾ رھندڙ عام لوڪن لاءِ “ڪچھري” وندر ۽ ڄاڻ جو مکيه وسيلو ھو. سنجھو پلاڻي ھرڪو ڪڙمي، ڪاسبي، ڪم ڪار کان واندو ٿي، رات جي مانيءَ جو اونو لاھي اچي ڪنھن اوطاق ۾ ڪٺا ٿيندا ھئا، جنھن ۾ ھڪڙا ھوندا ھئا ٻڌائڻ جا ملوڪ ته ٻيا وري سُڻڻ جا سالڪ، وچ ۾ رکيل چلم يا حُقو به ڇڪيندا ۽ ڪچھريءَ ۾ پنھنجي پنھنجي نموني جي سوکڙي به ٻڌائيندا جيئن جيئن ڪچھري پئي مچندي ھئي تيئن تيئن پيا باغ بھار ٿيندا ھئا، من ۽ تن کي ملوڪ گفتن ۽ سھڻن سُخنن توڙي سچن ٻولن سان پيا تازو ۽ توانو ڪندا ھئا ۽ ايترا ته محو ٿي ويندا ھئا جو سڄي ڏينھن جي ٿڪاوٽ جو احساس به کين نه ھوندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ ٻئي ادبي ماحول سان گڏ کل ڀوڳ ۽ راڳ رنگ به ٿيندو ھو، ان ڪچھريءَ ۾ وڏا چاھي ننڍا، ٻار چاھي ٻڍا، عالم توڙي اڻ پڙھيل بلڪل سڀئي ھڪ ئي سليقي سان با ادب رھندا ھئا، ڪچھريءَ ۾ پنھنجائپ ۽ ڀائپيءَ وارو ماحول ھوندو ھو، غير دستوري طور ڪجهه به ٻڌائي سگھبو ھو، ڪچھريءَ ۾ ھنر، فن جي اظھار جي عام اجازت ھوندي ھئي، ڪچھريءَ جي فضا ۽ ماحول ايترو ته وڻندڙ ھوندو ھو جو گھڻن ڏينھن تائين ان جي ياد تازي ھوندي ھئي شريڪ سُريلا ۽ سيبتا سگھڙ پنھنجن لوڪ ادب جي لاتين ذريعي پنھنجو لوڪ ثقافتي ورثو قائم ۽ دائم رکندا پئي آيا.
ڏٺو وڃي ته وقت جي وھڪري نج سنڌي ٻوليءَ جي چيرڦاڙ شروع ڪري ڇڏي آھي، جنھن سبب اسان کان اسانجي برجستي ٻوليءَ جا اصلي لفظ منسوخ ۽ متروڪ ٿيندا پيا وڃن، جنھن کي ڏسي ھانءُ ڇڄي رھيو آھي.
اھو به ڪو وقت ھو جو اسانجا ڪُڙمي ڪاسبي نار ۽ ھُرلا ھلائي ڏاندن جا ھر ڪاھي، پوک پوکيندا ھئا ۽ نسري نروار ٿيڻ تي کانڀاڻيءَ جا پيھي مٿان ويھي ٺڪاوَ ڪڍي جھار ھڪليندا ھئا پر جڏھن کان مشيني دؤر اچي سھڙيو آھي تڏھن کان اباڻي ڪرت ۾ ڪتب ايندڙ ھزارين نج لفظ وڇوڙي جي ورلاپ ۾ اچي موڪلائيندا پيا وڃن، جنھن سبب اسان جي عوامي ٻولي غير مُروج گفتن جي ور چڙھي رھي آھي ۽ قديم ڪارائتا تُز اکر جملن مان نڪرندا پيا وڃن.
پر ڏيھي ٻولين جي والار سبب اسانجي اُسرندڙ عُروج مند ٻوليءَ کي نپوڙي، گھوگھاٽيو پيو وڃي پر اسيمبلين ۾ پھتل اسان جا ميمبر صاحبان سڻڀي گرھ جي لالچ سبب ٻڙڪ به ٻاھر نٿا ڪڍن، اسان وٽان قديم رسم ۽ رواج وارا پراڻا سئوڻ ساٺ به ڳجھارت جو روپ ڌاريندا پيا وڃن، اسيمبلي ميمبرن سميت، اڄ جي استادن توڙي جديد ادب جي جاکوڙيندڙ اديبن جي نوجوان اولاد سامھون جڏھن پراڻي تھذيب يا ثقافت جي ڪا ڳالهه ڇڙي ٿي ته اھو ان جي اصلي حقيقت کان واقف نه ھجڻ ڪري ان جي ذري ذري بابت پڇاڻو ڪري ٿو. جيئن ڪنھن بنا سُر جي ڏنل ڳجھارت کي ڳولڻ لاءِ سيبتا سگھڙ ان ڳجھارت جا بند ۽ پاوا ڳوليندا آھن تيئن ھي نوجوان به فلحال ان ڪشمڪش ۾ گم ٿي ٿو وڃي. نئين نسل جا نوجوان ويچارا ته انھن اسڪولن ۽ ڪاليجن اندر پڙھيا ۽ ڪڙھيا آھن جن ۾ ته سنڌي ٻوليءَ جو اير نه ڀير، نالي ڪاڻ ٻه ٽي انڌا منڊا، اجايا سجايا ڪتابڙا پڙھي آئي بلا سمجھي ڪم ٽپايو، اصل ٻولي سکڻ جا اھي طريقا، لفظ معنائون، اُچار ۽ اڻانگا اکر ته سمجھيائي ڪو نه، پوءِ مادري ٻولي ڇڏي ٻي ٻوليءَ جا پڙھندڙ ته اھو به نه سمجھندا ته “رَٻ” ۽ “چٻ” ۾ ڪھڙو فرق آھي.
ان ڳالهه کي کولڻ ضروري ٿو سمجھان ته اسان وٽ ڳجھارت جو روپ ڌاري ويل سنڌ جي ثقافت توڙي تھذيب سان لاڳاپيل سنڌ جو لباس، اوڏڪيون اوساريون، ڇپرا، لانڍيون، مَنَھَ، مَڏَ، جھوپڙا، پيھا، ڪنواٺي، ساندارا، نار، ھُرلو، ٽِڀو، کارو، مارنگ، گُنديون، ليڙو، وڃڻو، گُگھيون، مَٽَ، ماٽوڙا، دلا، گھڙا، دليون، گَڏون، ڪرمنڊل، چئونري، وٽا، وٽيون، ڪٽورا، ڪٽوريون، تاسريون، ٿالهه، ٿالھيون، ڍاڪون، پاٽ، پاٽڙو، تس، جَمني، جَمن، ٽڦڻي، ڏوئي، چمٽو، پُرڻ، ڪڙاھي، روھي، مُبري، پائُڪي، اُکري، مُھري، ويلڻ، ڇڄ، دَٻڪي، پنڊي، چوٿائي، پاٽي، ٽويو، ڪاسو، ساھمي، کٽون، کٽولا، پيڙھا، صندليون، بُجڪي، داٻڙو، ڏونڱري، صندوق، رليون، رلڪا، پٿرڻيون، کٿيون، ٽٻڻيون، ڊڳڙي، ڦُلڪا، تنجڻ، مُھن رکي، مانڌاڻي، منڌيڻو، چاڏي، دَکي، چلم، حُقو، چٺ، ٺھڪڻ، ڳٽار، ٻُچڪار، ونگار، بيگر، گھاڻا، چيچڙا، دانگي، ٿوٻي، ڪَنڍي، ٻُنڀو، سميت ھزارين لفظ آھن جن ۾ ٻوليءَ جي حُسنا ڪي سمايل آھي تن تي به لَٽ چڙھندي پئي وڃي ۽ اھي خوبصورت لفظ به موڪلائيندا پيا وڃن.
جديد علمي دنيا جي ڌُٻڻ ۾ ڦاٿل ڪجهه ترقي پسند اديبن، پاران سگھڙن کي دھقاني ۽ اڻ ڄاڻ سڏي لوڪ ادب تي ڳنوارن، ٻڪرارن ۽ ريڍارن جي ادب جي تُھمت مڙھي، مورڳو “لوڪ ادب” کي ئي ادب تسليم نه ڪرڻ جا ھَر با ھلي رھيا آھن. پنھنجي مُنھن ڀُڻڪا ڪرڻ وارن کي سگھڙن جي لکيل “سينگار بيت” جي معنى به سمجهه ۾ ڪا نه ايندي آھي، حالانڪ سگھڙائپ جا گفتا ڪي سؤلا ناھن، لوڪ ادب جي ھڪ ھڪ صنف لاءِ سگھڙن پاران خون پسينو ھڪ ڪري ادبي زمين کي رت مان ريج ڏيڻو پوي ٿو ته جيئن اسانجو قومي ادب سدائين سکيو ۽ ستابو رھي.
جديد ادب واري سوچ ۽ فڪر جي حامين پاڻ سدائين پرڏيهه کان آيل غزل ۽ قطعه جي قيد ۾ رھي ڪري نثر کي به آزاد نظم سڏيو آھي، کين اھا خبر به ناھي ته شعرٿيندو ئي سالم آھي جنھن ۾ قافيه ۽ رديف جي پابندي لازمي آھي، ساڳئي وقت ڪجهه جديد ادب جي ماھر سڏائيندڙن، سگھڙن کي ان ڪري به شاعر تسليم ناھي ڪيو ته انھن وٽ بحر ۽ وزن ناھي، پر مان انھن کي ٻڌائڻ گھران ٿو ته ڀٽ ڌڻيءَ جي بيتن ۾ اوھان جو ٻڌايل فاعل مفعول وارو قانون ته ڪونھي! پوءِ ان کي به شاعرن جي صف مان خارج ڪريو. ڇو ته اھو آھي ئي پنھنجي رنگ جو شاعر، سندس تعلق نسبي طرح سان الله جي آخري رسول ڪريمﷺ جي ذات سان آھي.
مان ائينءَ چوندس ته سچل ھجي يا سامي، دلپت ھجي يا روحل، ڇاجاپد، ڇاجون ماترائون، جذبي کي ڪير روڪي؟ اندر جو آواز نڪرندو ۽ وڌندو ويو جيڪڏھن پاڻ کي بحر وزن جي قيد ۾ قابو ڪن ھا ته ايترو اثر شايد نه ھجي ھا.
لوڪ ادب جي لاتين سان واڳيل ڏات ڌڻي سگھڙن جي لاکيڻي ۽ من مُھڻي ٻوليءَ ۾ سليس ۽ سادا، مٺا ۽ ملوڪ گُفتا ھوندا آھن، ھنن جا نماڻا سُخن به عقلمديءَ سان ڀريل ٿين ٿا. سپورنج سگھڙن جي فني اُڏام به اعلى درجي جي آھي،ڳجھارت جي ڳھيرن آڏو ڳجھارت جھل ئي ڪانه ڏئي، آئي ۽ وئي. ڏور کي ڏورڻ ڇا جو؟ آيو ۽ ويو، ڪامل ذھن ۽ يگانه خيال جي ماھرن وٽ پھاڪا به تمام پُختا ھوندا آھن. جن کي ٻوليءَ جو مغز چيو وڃي ٿو، جي کڻي سوچجي ٿو ته سنڌي ٻوليءَ جو علم حقيقت ۾ آھي ئي انھن وٽ، جن پنھنجن سينن ۾ ٻوليءَ کي تڏھن کان سانڍيو آھي جڏھن کان اڃان تائين سنڌي ٻولي ڪاغذ ۽ قلم جي وچ تي ھئي، ٻوليءَ جي صورتخطي به نه ھئي تڏھن به ھي سگھڙ ھئا جن جا نقل نظير بادشاھن جي درٻارن ۾ تمام وڏي خوش اصلوبيءَ سان پيش ڪبا ھئا جن ۾ فھم ۽ فضيلت جي جوت جَر ڪندي ھئي.
ڏٺو وڃي ته ماضيءَ ۾ سنڌي ادبي بورڊ پاران لوڪ ادب اسڪيم ۾ چاليهه جلد، زيب ڪتاب گھر، سنڌي ساھت گھر، مھراڻ اڪيڊمي، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، اڪادمي ادبيات يا سنڌالاجي جھڙن ادارن ڪجهه ڪتاب شايع ڪرائي، ادبي تاريخ ۾ نالو ڳڻايو آھي ڄاڻايل ادارن سميت سڀني لاڳاپيل ادارن کي سمجھڻ کپي ته لوڪ ادب مرتب ڪرڻ جي اھا بنيادي ڪڙي ھئي. اصل ترقي ته ھاڻ ٿي آھي جو سگھڙن بابت اڻ پڙھيل واري ڇاپ ھٽي چڪي آھي ۽ لکيا پڙھيا عالم توڙي استاد سگھڙ ھن ڪڙيءَ ۾ داخل ٿيا آھن. جيڪي ٻولي ۽ ادب جي واڌاري لاءِ منظم تنظيمون ٺاھي ميدان تي لٿل آھن ۽ اوطاقن جي صحنن کان شروع ڪيل جدوجھد کي ادبي ادارن توڙي علمي مرڪزن جي ايوانن تائين پھچايو آھي، ڪميونيڪيشن جي جديد سھولت جو فائدو وٺندي سال، مھيني يا ھفتن جي ڪچھرين کي ڪال ڪانفرنس ذريعي ھر روز نئون رنگ رچائي ٻوليءَ ۾ جديد دؤر جا رنگ ڀرين ٿا، ھڪ خبر لاءِ صحافين پٺيان ڊوڙون پائيندڙن اڄ پاڻ صحافتي ايوانن ۾ جاءِ والاري آھي ۽ پنھنجي جاڳرتا جون پاڻ اخبارون شايع پيا ڪن. نه رڳو ايترو پر سرڪاري ادارن توڙي وس وارن ڏي نماڻيون نگاھون کڻي نھارڻ بدران پنھنجي مدد پاڻ جي جذبي تحت ڪتاب پڻ ڇپرائي رھيا آھن.
حڪومت سنڌ يا ثقافت کاتو ڪنھن موقعي تي سنڌ فيسٽيول يا سگھڙ ڪانفرنس منعقد ڪرائيندو آھي پر ھي ڏات ڌڻي ته ھاڻي “لوڪ ادب ميلا” “صوفي سگھڙ ڪانفرنسون” “روحاني سگهڙ ڪانفرنسون” صوبائي سطح جا “بين الصوبائي سگھڙ ڪنوينشن”، “گريجوئيٽ سگهڙ ڪانفرنس”، “صاحبِ ڪتاب سگهڙ ڪنوينشن”، “مڃتا سگهڙ ڪانفرنس” ، سدا حيات سگهڙ ڪانفرنس” توڙي گذاري ويل استاد سگھڙن جون ورسيون پڻ پنھنجي پيرن تي بيھي ملھائي رھيا آھن. جن پروگرامن ۾ ڪنھن اعلى ڪاموري يا وزير، مشير جي صلاحڪار جي شرڪت نه ھجڻ سبب وقتي ڪوريج يا پذيرائي نه به ملي پر تاريخي حيثيت ضرور ھوندي آھي جنھن کي ٻوليءَ جا قدردان وقت اچڻ تي سونھري اکرن ۾ ضرور لکندا.
آخر ۾ سنڌ واسين، لطيف شناسي جي پارکُن ۽ تحقيق نگارن جي خدمت ۾ عرض آهي ته آئون نه ڪو علم جو ڊاڪٽر آهيان نه ٻوليءَ جو پارکُو، بس لطيف سائينءَ جي مُريدن ۾ نالو ڳڻائڻ خاطر سندس سُگهڙائپ جي فن تي هي ٿوري ٿڪي محنت ڪئي اٿم جنهن تي جامع طور لکڻ جي سخت ضرورت آهي.
نقاد شخصيتون هن منهنجي محنت تي تنقيد سان گڏ منهنجي اصلاح به ڪن ته جيئن ايندڙ ٻئي ڇاپي ۾ ان کي سنواري سُڌاري سگهان. ان ڪري منهنجي عاجزانا عقل جي ڪوتاهين کي معاف ڪري پنهنجي عالمانه راءِ سان نوازيندا.
هن اداري “حسن درس اڪيڊمي” جي نوجوان جاکوڙين انور سولنگي، غلام علي سولنگي ۽ محمد امين لاءِ دلي دعا ڪري سگهان ٿو جن مرشد لطيف سائين جي فن بابت ڪيل منهنجي هن مختصر محنت کي ڇاپڻ جي قابل سمجهيو ۽ اڄ هيءَ محنت ڪتابي شڪل ۾ اوهانجي هٿن تائين پهتي آهي.
جن سڄڻن منهنجي هن ٿورڙي محنت تي وقت ڪڍي پنهنجي پاران لکيو آهي انهن جو پڻ احسانمند آهيان، جن ۾ محترم سائين ڊاڪٽر ڪمال ڄامڙو، محترم سائين سليم ڀٽو لطيفي، محترم رئيس علي ڏنو خان نظاماڻي، محترم سائين آغا ظفر، محترم سائين استاد سُگهڙ گل حسن “گُل” ملڪ
شامل آهن.

عاجز رحمت الله لاشاري
باني چيئرمين
سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم (سلات)
سنڌ، پاڪستان
رجسٽرڊ 8070
0346-3685474
0301-3566707