لوڪ ادب جو اوسيئڙو...! : گل حسن گُل ملڪ
سنڌ جي اڻ ڳڻين ڏات ڌڻين ڌرتي سان محبت جي ترجماني ڪندي تاريخ ۾ پنهنجو نالو ڳڻايو آهي جنهن جي تسلسل تي نظر پوندي ته سندن ئي ڇانوءُ ۾ ڏات جي ڏاوڻ تي اڳتي اڀري آيل انيڪ سگھڙن ، ثقافت ۽ تهذيب جي ترجماني ڪندي اوطاقون آباد ڪرڻ توڙي نڪور تخليقون ايجاد ڪرڻ کان وسان ناهي گھٽايو، تنهن جي باوجود به سنڌ جي ڏات ڌڻي سگھڙن توڙي لوڪ ادب کي اڃا تائين سرڪاري سطح تي ڪابه گهربل موٽ نه ملي سگهي آهي. سرڪاري توڙي ادبي ادارن جي بي ڌياني سبب ڪجهه سگهڙن ته پنهنجو فن سيني ۾ سانڍي هن دنيا کي الوداع چيو، پر ڏکن، سورن ۽ دردن جي ديس ۾ همت ۽ حوصلي کان ڪم وٺندڙ باقي رهيل سگھڙن جون اوطاقن تائين محدود ٿيل ڪچهريون ۽ ذهني تخليقون جيڪي هزارين بيتن تي مشتمل آهن سي اُڏيهي جي ور چڙهي رهيون آهن.
انتهائي حد درجي جي نظر اندازي سبب لکيل لوڪ ادب جي حفاظت لاءِ ڪي به واسطيدار ادارن طرفان جوڳا قدم ناهن کنيا ويا، جنهن سبب سگھڙن ۾ سخت پريشاني جي لهر ڇانيل آهي، ٻئي طرف اڪثر ٻهراڙين جي ڳوٺن سان واسطو رکندڙ هارپي تي گذر سفر ڪندڙ هنن سپورنج سگھڙن جي تنگ دستي ۽ پريشان حال کين چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، سگھڙ ڪچهرين مان عوام جو شوق گهٽجي وڃڻ سبب اوطاق ڪچهريون زوال طرف وڌي رهيون آهن، جنهن سبب ڏات ڌڻين جي هن صورتحال کي ڏسندي سگھڙن جي تنظيم “سلات” جديد دور جي سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي سهولتن جو فائدو وٺندي موبائيل فون ذريعي روزانه گهرن ۾ ئي موجود سگھڙن سان ڪچهري رچائي پئي وڃي. سگھڙن جو فن بچائڻ توڙي سندن مالي سهڪار ڪرڻ لاءِ نه ئي سنڌ سرڪار پاران ڪو فنڊ مخصوص ڪيو ويو آهي نه ئي ادبي ادارن، ڪو تحرڪ ورتو آهي. تنهنڪري لوڪ ادب کي تمام ڪاپاري ڌڪ رسيو آهي.
سنڌ جي قديم تهذيب ۽ تاريخي حيثيت رکندڙ سنڌي ثقافت جو مرڪز اوطاق، ڌاڙيل ڪلچر، موبائيل فون، ڪيبل ۽ انٽرنيٽ جي مصروفيتن سبب پنهنجو مان ۽ حيثيت وڃائڻ لڳي آهي، ڌرتي ڌڻين ماضي ۾ هميشه محبت جي امين هجڻ جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجو پاڻ ملهايو آهي پر وقتي حالتن ۽ زماني جي گردشن سبب باشعور قوم جي سڃاڻپ رکندڙ اوطاق ويران ٿيندي پئي وڃي، سنڌ جي ٻهراڙين جي مهمان نوازي کٽ تي ٽُڪ جي رلي مٿان ويهاري آڌر ڀاءُ کانپوءِ سرنهن جي ساڳ، مريئڙي ۽ هرٻي جي ٻوڙ توڙي لسي ماني جو رواج چانهه اچڻ کانپوءِ ختم ٿيندو پيو وڃي، جديد مشينن جي ايجاد سنڌ جي ڏاند گاڏي جو پڻ خاتمو آڻي ڇڏيو آهي، جنهن سبب مڪمل ڪار ونهوار مشينري ذريعي منٽن ۾ حل ڪيو پيو وڃي، ڊالڊا جي دور اچڻ کانپوءِ مکڻ جون ماٽيون ۽ کير جا وٽا ماضي جو اهڃاڻ بڻجي چڪا آهن.
جنهن سبب اڄ جو نوجوان نسل هوٽل جو هيراڪ بڻجڻ توڙي تفريح گاهن تي پڪنڪ ملهائڻ کي اهميت ڏئي ٿو، ساڳئي وقت ڪيبل، انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون ماڻهن جا خيال مٽائي ڇڏيا آهن جنهن سبب محبتن جا ميلا ۽ قربتن جا ڪٺ ختم ٿيندا پيا وڃن.
هوڏانهن بدامني جي باهه جي نتيجي ۾ اوطاقي ماڻهو پنهنجا ماڳ ڇڏي ڪنهن شهر جي ڀر ۾ اچي ويٺا ۽ ڪن ويچارن ته اوطاقن کي مورڳو مال جو وٿاڻ بڻائي ڇڏيو آهي، جنهن سبب ٻهراڙين ۾ اوطاق جي ڪچهري وارو سلسلو نالي ماتر وڃي رهيو آهي.
جڏهن ته قديم تاريخ جو حصو بڻيل ماروئڙن جي ڪاڄن سميت خوشي وارن ڏهاڙن ۾ منفرد انداز سان لوڪ ادب ۾ شامل لاڏا، گيت ۽ سهرا ڳائڻ جو سلسلو نالي ماتر رهيو آهي. جديد دؤر جون عورتون سهرن ۽ لاڏن جي جاءِ تي “مُني بدنام هوئي” ۽ “شيلا ڪي جواني” وغيره جهڙا غيرمهذب گانا ڳائين ٿيون جن سان نه “ادا” ڪجهه ڪڇن ٿا ۽ نه ئي وري اسان جون “اديون” توڙي “نانيون، ماسيون” ڪو شرم محسوس ڪن ٿيون.
ڪو وقت هئو جو سنڌي ثقافت کي اجاگر ڪندي ماروئڙا اجرڪن سان ڪانڀون ٻڌي مٿي تي ٽوپي، پٽڪي جا سهرا سجائي پنهنجائپ جو درس ڏيندا هئا اهو منفرد رنگ پڻ گهٽجي رهيو آهي ساڳئي وقت معاشي حالتن، لاڳاپيل ڪاروبار ۽ وقتن به وقتن پيدا ٿيندڙ بحرانن پڻ اوطاق ڪچهرين کي پٺتي ڌڪي ڇڏيو آهي.
ان سموري صورتحال کي ڏسڻ کانپوءِ اسان پنهنجي قومي ورثي کي بچائڻ لاءِ پنهنجي وس ۽ طاقت آهر جاکوڙ جاري رکي آهي جنهن ۾ توڙي جو وسائلن جي اڻهوند آهي پر اسان ڦُڙي ڦُڙي تلاءَ وانگر ادبي سمنڊ جون ڇوليون پلٽائي عوام کي اڻ ميو لوڪ ادب جو خزانو ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.
اسانجي محسن دوست ۽ سگھڙن جي سرواڻي جو تاج پهريندڙ سائين عاجز رحمت الله لاشاري کي جس هجي جنهن سگھڙن جون سُهمون، ادارن جا اڻ ڍنگا رويا، مخالفن جون الزام تراشيون، طرح طرح جا طعنا ۽ مهڻا پنهنجي سر تي سهي هن ڏات جي ڏيئن کي روشن ڪرڻ ۽ ڏات ڌڻين جي پر گهور لاءِ پاڻ پتوڙيو آهي.
هن کان اڳ اسان جي تنظيم “سلات” نه رڳو ڪچهريون ڪرائڻ تائين محدود رهي آهي پر کوڙ سارن سگھڙن جا ڪتاب پڻ شايع ڪرايا آهن ۽ رسالا توڙي اخبارون پڻ ان جو جيئرو جاڳندو ثبوت آهن. “سلات” تنظيم سنڌ، بلوچستان جي سگھڙن جي نمائنده تنظيم هئڻ جي نه رڳو ٺلهي دعوى ڪئي پر ان ۾ عملي ڪارڪردگي به ڏيکاري آهي جنهن جو هن کان اڳ شايع ٿيل ڪتاب “سهڻل جا سينگار” ۽ “سگھڙن جي جامع ڊائريڪٽري” ان جو پڪو دليل آهي.
حڪومت سنڌ توڙي سرڪاري ادارن جو سهڪار هجي چاهي نه هجي، بس اسان پنهنجي هڙان وڙان واري جاکوڙ انساني همدرديءَ جي بنياد تي جاري رکنداسين ۽ ڪڏهن به الله پاڪ جي ڪامل مدد کان نااميد نه ٿينداسين.
اوهانجو پنهنجو
گل حسن گُل ملڪ
سيڪريٽري جنرل: سلات
مبارڪپور، ٺل، جيڪب آباد