لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

شاهه جي شعرن ۾ گاهن، ٻوٽن، ميون، ڀاڄين، اناج، وڻن ۽ ولين جو ذڪر..!

مٿي بيان ڪيل ڌرتيءَ مان پيدا ٿيندڙ سمورين شين جي حوالي سان مشهور ليکڪ ڊاڪٽر محمد جمن ٽالپر لکي ٿو ته:
شاهه عبداللطيف ڀٽائي سيلاني بڻجي سنڌ جي نه رڳو مختلف ماڳن ۽ هنڌن جي وڻن، ٻوٽن، گاهن، ميون ۽ ڀاڄين کي ڏٺو پر ان سان گڏوگڏ ڪلام ۾ به ان جا نالا ڄاڻايا اٿس ۽ نالا به اهڙا جيڪي اڄوڪي دور ۾ بلڪل اوپرا ٿا لڳن يا ائين ٿو محسوس ٿئي ته ڄڻ ته اهي لفظ ڌارين ٻولين جا لفظ آهن. مثال: “ڦنگي” جنهن کي پاڻ “کُنڀي”، چئون ٿا، تنهن جو استعمال شاهه سائين سُر سارنگ ۾ هن ريت ڪري ٿو ته:
“ميها، چڀڙ، ڦنگيون، ٿين سڀيئي ٿوڪ”

هن سٽ ۾ بيان ڪيل لفظ “ميها” ۽ “چِڀُڙَ” ڀاڄيون آهن ۽ “ڦنگيون” پڻ کائڻ لاءِ ڪتب اينديون آهن ۽ اهي مينهن جي موسم واريءَ جي ميدانن ۾ دڙن تي اڀرنديون آهن.
شاهه سائين جتي ويو، اتي جاگرافيائي حدن ۽ اتان جي آبهوا کي به شاعريءَ ۾ سمائي ڇڏيائين، ان سان گڏوگڏ اتي جي ٻوٽن، وڻن، گاهن، پوکن، گلن ۽ ميون جو به اونهو اڀياس ڪيائين، جنهن جو اندازو سندس هن بيت مان لڳائي سگهجي ٿو.
سَرَ، لوهيڙا، ڳڀيا، ڪُسر نسريا،
تو ڪيئن وسريا، ڍوليا ڏينهن اچڻ جا.

هن مٿي ڏنل بيت ۾ ٽن مختلف ٻوٽن (سَر، لوهيڙا ۽ ڪُسر) جو ذڪر ڪندي ڄاڻائي ٿو ته جڏهن سَر ڳڀيا آهن، تڏهن ڪُسر نسرندا آهن. “ڪُسر” جن کي ڪوڙا سَر به چئبو آهي، تنهن جو اشتقاق ائين آهي ته:
ڪ= ڪوڙا+ سر= سر= “ڪوڙا سر”
شاهه سائين ماروئڙن جي خوراڪ، اناج، ٻاجهر، جوئر، مکڻي، کِهه، سائون، سيارڇ، لنب، مانڌاڻ ۽ آراڙي جي اَنَ بابت پنهنجن بيتن منجهه ان ريت بيان فرمايو آهي ته:
آڻين ۽ چاڙهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
سٿا ڪيو سيد چئي، سائون سُڪائين،
منجهان لُنب لطيف چئي، چانور ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙي سين.

(سُر مارئي)
مارئي بند اندر پنهنجي ديس جي گاهن “جن کي مارو رڌي کائين ٿا” کي ياد ڪندي رهي ٿي ۽ سندس دل اعليٰ طعامن کي نه ٿي هرکي. ڀلارو ڀٽ ڌڻي ٿر جي گاهن جو ذڪر، مارئي واتان انهن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:
چُرن، چُڻڪن چِت ۾، گهارين مٿي گهٽ،
کِهه مانڌاڻو، مکڻي، ڍوئين مٿي ڍٽ،
پنهوارڪي پکڙيين وڃي ڪريان وٽ،
ساڻيهه سامهون سٽ، ڪندس ڀڃي ڪڙن کي.

(سُر مارئي)
ٿر جي ولين ۽ وڻن بابت ذڪر شاهه سڳورو انهن لفظن ۾ ڪري ٿو ته:
ورُ سي وطن ڄائيون، صحرا ستر جن،
گولاڙا ۽ گُگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گهمن ولڙين، جهانگي منجهه جهنگن،
مون کي ماروئڙن، سُڃ ڳڻائي سيج ۾.

ماروئڙن جي کاڄ ۽ اناج جو ذڪر سرتاج شاهه عبداللطيف ڀٽائي انهن لفظن ۾ بيان ڪيو آهي ته:
منهنجو تور تلن ۾، آئون هِت بندياڻي،
مون ڏاڏاڻي ڏيهه ۾، ڦرهه ۽ لاڻي،
ڪندس رهاڻي، مارو پاس ملير ۾.


شاهه سڳورو مارئي واتان ماروئڙن جي کاڌ خوراڪ بابت فرمائي ٿو ته:

کاڄ کئيون سڦرو، سڱر ۽ سائون،
سا ڪيئن کائي کارڪون،
جنهن کي ڏؤنرا ڏيج ڏنئون،
کهه مانڌاڻو، مکڻي، قوت جنين جو سائون.

(سُر مارئي:وائي)
ملير ۾ جيڪي ڦل ڦول آهن، تن جو ذڪر به شاهه سائين پنهنجن شعرن ۾ ڪيو آهي، ملير ۾ هي ڦل ڦول ٿين ٿا، ميها، گولاڙا، ڳاڱا، ڳم، ڳنڍير، ڏٿ، ڏؤنرا، مريڙو، لُلُر، پُسي، پڪا ۽ پڪ وغيره. اهو سمورو کاڌو ملير جا ماڻهو کائين ٿا، اها شاهه سائين جي ڪلام جي خوبي آهي جو پاڻ مارن جي کاڌ خوراڪ کي سهڻي ۽ چٽي نموني بيان ڪيو آهي. مثال طور بيتن جون چند سٽون هيٺ ڏجن ٿيون.
مون جيڏيون ملير ۾، چونڊين موڪ ميها.

ٻئي هنڌ آيل آهي ته:
سرتين ڏٿ سبيل ڪيو، اڱڻ ڍوئي ڍير.

ڏٿ بابت مارئي سڪ منجهان چوي ٿي ته:
ڏٿ چونڊينديس ڏيهه ۾، ساڻ سرتين ساڳ،
هن مند مارو سنرا، کائر ۾ خوشحال،
سائون، سيارڇ مکڻي، جيڏيون آڻين جال.

نه صرف انساني کاڌ خوراڪ جو ذڪر لاکيڻي لطيف جي ڪلام ۾ ملي ٿو، پر جانورن ۽ “ٿر جي جانورن” جي کاڌ خوراڪ جو ذڪر ڀلاري ڀٽ ڌڻي انهن لفظن ۾ ڪيو آهي ته:
کوهر، ٿوهر، ٿر، جت ساٺيڪا ۽ سٽيون،
چارن ات چاهه منجهان، پاسي ڦوڳن ڦر،
ڪيئن لهندم ڪر، جيئن مارو پاڻ اپاريا.

وسڪاري جي مند بعد ڇا ٿو ٿر ۾ اڀري ۽ اُسري، تنهن جو ذڪر شاهه سڳوري هنن لفظن ۾ ڪيو آهي:
پڪا پنوهارن ڏي، ميوا، مَڃَر، مڪ.

ٻئي بيت ۾ انهن نالن جو استعمال ڪيل آهي ته:

جت کرڙ، کٿا، کاهيون، پال، پڪا، پڪ.

لنب ٿر جي جانورن جو کاڄ آهي، جنهن بابت ڀٽ ڌڻي هنن لفظن ۾ چوي ٿو ته:
هن مند مارو سنرا، جيائي جالين،
چاريو لنب لطيف چئي، واڳيين وهارين.

مارئي پنهنجي ديس جي وڻن کي ياد ڪندي چوي ٿي ته:
کارا کٻڙ ڏيهه ۾، ٻيا واريءَ منجهه وٿاڻ.

ٻئي هنڌ سُر مارئي ۾ ڀٽائي سڳورو فرمائي ٿو ته:
ساريم سيد چئي، گاڏيليون گوندا.

اهڙيءَ ريت هڪ ٻئي ميويدار ٻوٽي جو ذڪر شاهه ڀٽائي سُر مارئي ۾ هن ريت ڪيو آهي:
هن مند مارو سنرا، ڍنگر ڍار رهن،
کاٽونبا کاڄن، مينهن وسندا موٽ تون.

مارئي وطن وڃي ڪهڙا ميوا ۽ ڀاڄيون کائيندي، تن جو بيان هن ريت شاهه سائين فرمايو آهي ته:
سڱر ساهيڙين سين، ساڙيهه منجهه سٽيندي،
عمر! انهيءَ ڏيهه جا، ڪوڏر قوت ڪريندي،
گولون گولاڙن جيون، جهپي ساڻ جهٽيندي،
ڪوڪڙ ڪنڊيرن ۾، ڦوڪيو ڦڪ ڀريندي،
عيدن برادن تي، کِههِ مانڌاڻو کيندي،
پسي کائي پيٽ ۾، ڏؤنرا ڏن ڏيندي،

ڏيهه ڏاڏاڻين پکڙين.

(سُر مارئي: وائي)
حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي بيتن ۾ استعمال ڪيل شيون هر هڪ قسم ۾ جدا جدا ڪري لکجن ٿيون.

[b]گاهن جا قسم:
[/b]کِههِ، مکڻي، آراڙي، مانڌاڻو، لُنب، ڳم، ڳنڍير، چيهو، پاهه، آنر(لؤنش به چئجي ٿو)، ڪپور (ڪافور)

[b]ٻوٽن جا قسم:
[/b]لاڻو يا لاڻي، ڦوڳ، ڪرير، کوٽونبا (واحد: کاٽونبو)، جَرُ، اڪ، کٽڻهار، تُورُ، سر، چاهڪ، ڪانهن، ڪنؤر،

[b]ولين جا قسم:
[/b]گولاڙا، سيارڇ، ڪوڏر (ڪوڍير)

[b]ڀاڄين جا قسم:
[/b]ساڳ، ميها، ڏؤنرا، چڀڙ، لُلُر، پُسي، ڦنگيون (کنڀيون)

[b]ميون جا قسم:
[/b]پڪا/پڪ، پپون، مڪ، ٽوهه، کارڪو، ڳاڱيون يا ڳاڱا، گوندا، آما (انب)، ليما، راڱا، ڦاروها، پاٻوڙا،

[b]اَنَ جا قسم:
[/b]سائون، ڏُٿ، ڦرهه، سڱر، مڃر

[b]وڻن جا قسم:
[/b]گُگريون (گُگري/کنؤر جو وڻ)، ٿوهر، ساڏوهيون، ڪرڙ، کارا کٻر، ڪريڙ، ليار، ڪنڊا، ڪانڊيرا، لوهوڪا (لوهيڙي جو وڻ)، ليون، جائو (لئي جو جابلو وڻ)، جمر (بيد جو وڻ)،چندن، سرکنڊ (صندل جو خوشبودار وڻ)، کٿوري، اگر.
سُر سهڻي ۾ شاهه سائين مهراڻ جي موجن، درياهه جي دڌڪن، سهڻي جي سڪ ۽ اُڪير ۽ ميهار جي مينهن جي چڙين جو گهڻي قدر ذڪر ڪيو آهي، ان سان گڏوگڏ شاهه سائين ڪٿي ڪٿي گاهن ۽ ٻوٽن جو ذڪر پڻ ڪيو آهي، مينهن جي چاري جو ذڪر ڪندي شاهه سائين فرمائي ٿو ته:

چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي آر،
ڪوڙيين ڪر کڻنديون، سڻي سڏ ڌراڙ،
مينهون ساڻ ميهار، پرچي پار لنگهيون.

[b]چاهڪ[/b]: ڪانهه جو قسم جيڪو مينهون گاهه جي طور چرن ٿيون. اهو ساڳيو لفظ چاهڪ شاهه سائين ٻئي هنڌ هنن لفظن ۾ استعمال ڪيو آهي ته:
چاهڪ چري تار تري آيون مٿي ٻيٽ.


ٻئي بيت جي مصرع هن ريت آهي ته:
چاهڪ چري، تار تري، آيون مٿي ڪُنن.

ساڳيو چاري جو لفظ انهن ۾ استعمال ڪيل آهي ته:
چاهڪ چري تار تري، آيون مٿي کوهه.

ٻئي بيت ۾ شاهه سائين سُهڻيءَ جي واتان هي سٽ ادا ڪرائي ٿو ته:
ڪنڌيءَ جهليو ڪانهن، عاشق اڀو آهون ڪري.
مطلب ته سندس ان سر جي پڙهڻ سان درياهه ڪنڌي بيٺل ڪانهن ۽ سرن جي ٻوٽن جي ڄاڻ ملي ٿي.
(نرتي تند نياز سين، مرتب: عبدالجبار جوڻيجو/ڊاڪٽر قاسم ٻگھيو)
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام جو جائزو وٺبو ته اسان کي چڱي طرح معلوم ٿيندو ته سندس ڪلام جو تمام گهڻو حصو وطن جي حب، ساڻيهه جي سڪ، ملڪ جي وڻن، جهنگن، جهرن سان پيار، ڀِٽن سان ڀرم ۽ مسڪين ماروئڙن سان موههُ ۽ پنهوارن سان پريت جو پيغام نظر ايندو، سُر مارئي جي ھر هڪ بيت بلڪ هر ڪنهن سِٽ ۾ سانگين جي سڪ، وطن جي حُب ۽ ديس جي وڻن جي هُٻڪار محسوس ٿيندي.
عمر سومري جي ڏاڍائي تي، مارئيءَ کيس هونئن ته هزارين ميارون ۽ مهڻا پئي ڏنا پر ملڪ جي وڻن ٽڙن به جيڪي عمر حاڪم ڏانهن مهڻا ۽ ملامتون موڪليون، ان جي تصوير شاهه صاحب هيٺيئين بيت ۾ چٽي آهي.
اڄ پڻ آنديون اوٺيين ڪِتابتون ڪي،
ڳالهيون ڳوٺ وڻن جون، سُڻ تون عمر سي.

(سُر مارئي)
بيت جي مضمون مان معلوم ٿو ٿئي ته حق ۽ سچ ڳالهائڻ لاءِ سنڌ جي وڻن کي به زبان آهي، مگر اها زبان جنهن ۾ تشدد نه آهي، تِيسو نه آهي، انسان کي انسان جي هٿان قتل ڪرڻ جي هُشي نه آهي، بلڪ پيار ۽ محبت جون ميارون آهن، وقت جي حاڪمن کي مسڪين رعيت جا ويڻ آهن، جيڪي تاريخ جو وهڪرو ميساري نه سگهندو!

شاهه صاحب جي وقت ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ ۾، آباديءَ جو گهڻو حصو مَنَهَن، پکن ۽ کبڙَن جي ويڙهين ۾ رهندو هو، انهن مارن ۽ جهانگيئڙن جي رهڻي ڪهڻيءَ جو ذڪر شاهه صاحب ڪيو آهي.
جهُڙ ڦُڙُ جِت ٿيا، اُت اڏيائون پکڙا.

(سُر مارئي)
شاهه صاحب جڏهن پنهنجي ڪلام ۾ سنڌ جي رهڻي ڪهڻي جو ذڪر ڪري ٿو ته اهو اڪثر ٻهراڙيءَ جي ماڻهن جي ڳالهه ڪري ٿو، جيڪا هڪ سگهڙائپ آهي. هيٺئين بيت ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جي عورت جي گهرو زندگي ۽ سندس ڪم ڪار سان لڳاءَ جو بيان ڪندي شاهه صاحب مڪمل طور هن جي سماجي جيوت جو نقش چِٽيو آهي.
بَرَ وُٺا، ٿر وُٺا، وٺيون ترايون،
پرهه جو پٽن تي، ڪِن ولوڙا وايون،
مکڻ ڀرين هٿڙا، سَنگهاريون سايون،
ساري ڏُهن سامُهيون، ٻولايون رايون،
ٻانهيون ۽ ٻايُون، پکي سُهن پانهنجي.

(سُر سارنگ)
هن بيت ۾ لطيف سائين سنڌ جي اڪثريت وارن جو ذڪر ڪيو آهي، جن جي توڪل ۽ تڪيو خدا تي ئي هوندو آهي، مينهن وسڻ کانپوءِ جهانگي ماڻهو تمام گهڻو خوش هوندا آهن، زمين گلن ۽ گاهن جي ويس ۾ ملبوس ٿي پوندي آهي، سنگهارن جو چوپايو مال اُهي ويءَ چري جهجها کير ڏيندو آهي، انهيءَ کير مان مکڻ ولوڙي سنڌ جا مالدار ماڻهو پاڻ به کائيندا هئا ۽ وڪرو به ڪندا هئا، مگر اهي عورتون جن کي کير، مکڻ جي نعمت نصيب هوندي هئي، تن کي ماڙين ۽ محلن جي اصل حسرت ڪانه هوندي هئي. هو ته پنهنجن پکن ۾ به موچاريون لڳنديون هيون، ڇوته انهن مسڪينن جو اوڇڻ ۽ آجڪو ڪيترين ئي پيڙهين کان مَنَههَ ۽ پَکا رهندو ايندو آهي. سندن مسرتون ۽ غم انهن ئي ماروئڙن جي مَنَهن ۾ اُسرندا ۽ اجهامندا رهندا آهن، کين عزت وقار جو اونو، توڙي معاشرتي ترغيب انهن ئي ڪکائن گهرن جي مليل هوندي آهي، ان ڪري ماڙين ۽ محلن کي آزاد زندگي گذاريندڙ قيد سمجهندا آهن، سچ ته جيڪي پاڪ خوشيون ۽ مسرتون مارن جي مَنَهَنَ ۾ آهن، اهي ماڙين ۾ ڪٿي؟ محل ۽ ماڙيون ته معصوم انسانن جي رت ۽ پگهر سان جوڙيون وينديون آهن ۽ انهن جي سنڀال لاءِ به رت ۽ پگهر گهرجي، ان ڪري اهڙي محل ۾ قرار ڪٿي هوندو؟
(سنڌي ثقافت ۽ شاهه لطيف: ڊاڪٽر شاهنواز سوڍر)