لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

شاهه جو لوڪ رنگ...!

سگھڙ ۽ سگھڙائپ جي فن تي نظر رکندي سڀ کان پهريان دنيا جي عظيم سگھڙ ۽ شاعر حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي آفاقي شاعري تي نظر رکي اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي ته سمورا سگھڙ لطيف سائين جا پوئلڳ آھن ۽ بنيادي سگھڙائپ جي تاريخ ته نه ملي سگهي آهي پر ان فن کي نئين نڪور نجپڻي واري ٻوليءَ ۾ عروج عطا ڪندڙ هن فن جو باني “لطيف سائين” آھي. ان عظيم شاعر، انسانيت جو آواز، مفڪرن جي منزل، گوهرن جي گفتار، سڄاڻن جي ساڃاهه، صوفين جي صداقت، اديبن جو عشق، فاضلن جو فڪر، عالمن جو علمي خزانو، ڏاهن جو ڏانءُ، ننگدارن جو نانءُ، سگهڙن جي سونهن، شاعرن جو سرتاج، جنهن تي لکڻ لاءِ ڪيئي ڏينهن ۽ راتيون کپن.
ڀٽائي گهوٽ جي شاعري کي پڙهڻ ۽ پُرجهڻ، پرکڻ ۽ پروڙڻ، ڳائڻ ۽ هنڊائڻ، سمجهڻ ۽ سُڻائڻ، سهيڙڻ ۽ سموهڻ، لکڻ ۽ لکائڻ، ٻڌڻ ۽ ٻڌائڻ وارا، اهي پياسي پتوئڻ وارا، گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪيئي آيا، ڪيئي ويا، ڪيئي آهن، ڪيئي ايندا، ڪيئي ويندا، پر سندس سوچ ۽ الاهي راز مڙني کان مٿڀرو آهي.
لطيف سائين پوري دنيا جو شاعر آهي، پوري دنيا جي تصوير پر خصوصي طرح پوري سنڌ جي تصوير پنهنجي ڪلام ۾ وڏي خوبصورتيءَ سان سهيڙي، سينگاري، چاهه سان چِٽي آهي، جنهن جو ڪو مثال نه آهي. لطيف سائين سنڌي عوام جي مروجه سليس، سادي ۽ سلوڻي زبان ۾ هڪ عوامي شاعر طور بلند خيالي، نفسيات جي نائڪ سان فڪر جي ڦرهيءَ تي نقش نگاري ڪئي آهي، سا انساني دلين جي عميق گهرائين تائين پهچي، عجيب رقت، جدت ۽ محويت پيدا ڪيو ڇڏي. سندس لفظن ۾ ڪرت بابت هاري، هر، ٻج، ڇيڙ، پوک، ڪُت، ناڙي، ڪانڀو، ڪڻا، ڊنگهر استعمال ڪيل آهي ته ڪٿي پکين جي پچار ۾ ڪونجون، ڪونج، ڪونجڙيون، ڪونجڙي، ڪونجل، ڪانگ، ڪبوتر، ڪانيرو، ڪانگو، ڪانگل، ڪانگيرو، چٻ، اُلو، دُدو، بورائو، باز، ڳجهه، گُرڙ، لکيو اٿائين. جڏهن ته جانورن ۾ روجهه، هرڻ، اٺ، وڇڙو، گهوڙو، شينهن، قيصر، هاٿي، سيارڙو (گدڙ)، کانپوءِ موتي، سگبان، پونچو، اُلير، گُلر، جنبور، شڪاري، چوهڙو، ڏاڪاريو، چئي ڪُتي لاءِ ڪيترائي نالا آندائين. ساڳئي وقت جڏهن ندين کي نروار ڪري ٿو ته سنڌو، مهراڻ، مياڻي، ڪينجهر، ڍورو، هاڪڙو، پٽيهل، ٻليار، ڍاڪو، ولاسو ۽ پُراڻ جي پيارن نالن کي نشانبر ڪري لکيائين. ان کانسواءِ هر قسم جي پيشي سان تعلق رکندڙ مختلف ڪاريگرن جي عادتن، اطوارن ۽ رسم رواجن جي احوالن ڏيڻ سان گڏ لطيف سائين سندن جذبن، اُڌمن، خوبين ۽ خامين جو ذڪر پڻ اهڙي پيرائتي نموني سان ڪندو هليو آهي، جيئن ڪو ڪامل مرشد پنهنجي سُلوڪ جي سالڪ کي اشارن ۽ استعارن، تشبيهن ۽ تمثيلن سان فطرت جي ڪتاب جا سبق پڙهائيندو هلندو رهندو هجي.
شاهه هر ان شيءِ جو ذڪر ڪيو، جا سندس نظرن مان گذري، جيئن قرآن شريف ۾ ڪوريئڙي (عنڪبوت) جهڙي خسيس جيت جو به ذڪر آهي، تيئن رسالي شريف ۾ به ڪُتي کان وٺي سيارڙي ۽ شينهن تائين، ڪنگ ۽ ڳِجهه کان ويندي هنج تائين جا مثال ڏنل آهن. انهن ۾ اُٺ، گهوڙا، گڏهه، مينهون، مڇ، مور، هرڻ، هُماءَ، هنج، تاڙا، تتر، باز، ڪٻرون، ڪونجون، ڪرول، سَپ، سِپون، چَڙيون، چَتون ۽ چيها سڀ اچيو وڃن ٿا، مثالن سان انهن جي فطرتي خوبين ۽ خامين جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ کانپوءِ سڳوري سيد سِڪ، صلح ۽ سلامتيءَ سان، باعزت ۽ پرامن نموني ۾ زندگي گهارڻ جا جيڪي گُر ڏسيا آهن، اهي ديس وارن لاءِ هڪ حتمي حڪم جي حيثيت رکن ٿا.
لطيف سرڪار عوامي ادب جو شاعر يعني سگهڙ هو، ان بابت فقير محمد قاسم راهمون جا سندس مرتب ڪيل رسالي “شاهه جو گنج” ۾ شايع ٿيل اهي اکر به شاهدي ڏين ٿا ته:
دراصل لطيف سرڪار جا پارکو، اهي پياسي ۽ اداسي ماڻهو، توهان کي جهنگن توڙي جهرن، ٿرن توڙي برن، بيابانن توڙي بيرانن، جبلن توڙي لڪن، ڍنڍن توڙي ڍورن، دريائن توڙي سامونڊي پٽيءَ تي رهندڙ سرويچن ۽ ڀِٽن تي رهندڙ ڀلارن، ڪڇ تي رهندڙ ڪوهيارن، لاڙ جي رهندڙ لاکيڻن، وچولي جي رهندڙ ولهارن، اتر جي وسندڙ اوتارن، سَرو جي رهندڙ سٻاجهن ماڻهن وٽان ئي شاهه صاحب جي شاعري جي سڃاڻپ، ڄاڻ ۽ پرک ملندي، اصل ۾ شاهه صاحب کي سُڻڻ وارا، اهي سچا صحبتي ماڻهو، اهي مٺا ۽ محبتي ماڻهو، اهي هنر مند ۽ هاري، اهي ڪوري ۽ ڪنڀار، اهي ساڻيهه جا سنگهار، اهي ويڙهيچا ۽ وينجهار، اهي سٻاجها ۽ سانگي، اهي جيءُ چوندڙ جهانگي، اهي بحر جا بادشاهه، مير مهاڻا، اهي نماڻا ناکئا، اهي لوهه ڌمڻ وارا لوهار هئا، اهي سٻاجها ۽ صدورا، اهي وڙائتا وينجهار هئا، جن وٽ سچائيءَ جي سرهاڻ، روح واري رِهاڻ، محبت واري مانڊاڻ متل هئي، جيڪي هر وقت عشق ۽ اُڪير، سڪ منجهان سَرير ۾، صدما ۽ سور سانڍڻ، اندر ۾ اورڻ، جيءُ ۾ جذبا رکندڙ روح جا راڻا هئا.
(شاهه جو گنج، مرتب: محمد قاسم راهمون)
مطلب ته شاهه صاحب خود انهن سان گڏ ويهي انهن جا ئي سور سُڻائڻ شروع ڪيا ۽ انهن کي ئي سندن ڪهاڻيون ٻڌائڻ شروع ڪيائين، پاڻ سنڌ ۽ هند جو ڳچ حصو گهمي پاڻ کي سنڌ جي واهڻ، ڳوٺ، شهر ۽ هر آبادي سان سلهاڙي ڇڏيو، سنڌ جي ڪِرت ڪار، ڌنڌي داڙي، کيٽ کري ۽ چَپي چَپي جا حوالا مشاهدي هيٺ آڻي بيتن ۾ بيان ڪري پنهنجي ڪلام ۾ مٽيءَ جي محبت، مهانتا، ڌرتي جي عظمت، ساڻيهه جي سونهن ۽ سڳنڌ، ڀلاري ڀونءِ جي تخليقي قوتن کي ڳايو آهي.

لطيف سرڪار پنهنجي بيتن ۾ سماج جي عوامي ڪردارن سميت جنهن ڪرت جو ذڪر ڪيو آهي، سو سڀ سگهڙائپ وارو رنگ آهي، ان ڏيٺ ۽ مشاهدي موجب شاهه سائين شراب ٺاهيندڙ ۽ پيئندڙ، حڪيم ۽ مريض، اوٺي ۽ پانڌي، شڪاري ۽ تماشائين، وينجهر ۽ صراف، ٻيڙيائتا ۽ سوداگر، ڪنڀر ۽ سونارا، پنڃارا ۽ رنگريز، هاري ۽ ڪاسبي، ٽوٻا ۽ مڇي مار، موتين ۽ سِپن جا ڳوليندڙ توڙي واپاري، پير ۽ مريد، جوڳي ۽ مانڊا، سنياسي ۽ ويڄ، ڪاتيار ۽ ڪوري سميت جن به هنرن ۽ هنرائتن ماڻهن جو ذڪر ڪيو آهي، تنهن کي سگهڙائپ چئجي ٿو. لطيف سائين سماج سان لاڳاپيل ڪرت توڙي قصا ۽ ڪهاڻيون، جيڪي ڏٺيون ۽ ٻڌيون، انهن سڀني کي پنهنجي رنگ ۾ رنگي عوامي طرح سان بيت لکيا. سندس اکين ڏٺي مشاهدي ۽ قلب جي ڪارب ۾ جو ڪجهه آيو، ان کي پنهنجي لازوال لفظن ۾ امر بڻايائين.