لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

شاهه جي شاعريءَ ۾ ڳوٺاڻو/ سماجڪ منظر...!

سنڌ جي ٿر ۽ ڏاکڻين حصي ۾ ڍنڍون ۽ ڍورن ۾ گڏ ٿيل پاڻيءَ جي مٿان نار يا هُرلو چاڙهي ۽ آبادي ڪئي ويندي هئي، شاهه صاحب پنهنجي سگهڙائپ واري ڪلام ۾ اهڙي نار جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪو مينهن جي پاڻيءَ تي چاڙهيو ويندو هو:

بَر وُٺا، ٿر وُٺا، وٺي ڪڇ ڪِنار،
پوياڙي پٽن تي، ڏس! نايائُون نار،
سٻاجهي ستار، لاٿا ڏَرِتَ ڏيهه تان.

(سُر سارنگ)
شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ هارين جو به ذڪر هن ريت ڪري ٿو ته:

ٻِج کڻي پَٽ هليا، هاري منجهان هيجَ،
راضي منجهان ريج، عالم سڀ آباد ٿيو.

(سُر سارنگ)
سُر سارنگ جي هڪ ٻئي بيت جي سِٽ آهي ته:
هارين هر سنباهيا، سرها ٿيا سنگهار.

ساڳئي وقت لطيف سائين مال ۾ مينهُن جي کير جو ذڪر هن طرح ڪيو آهي:

مينهون پاڻ مراديون، ٿڌا چَرن ٿر،
وڏي اوهه آئيون، پُٺي لائي ڦر،
ساري اچيو سُوا مينهون، ڏين کير سَڄَر،
ساڻ وانڍن ور، پِرين پرچڻ جون ڪيون.

(سُر سارنگ)
لطيف سائين نه رڳو مينهُن جو ذڪر ڪري ٿو، پر ساڳي وقت اسان کي ڀلين مينهُن جا قسم به ٻڌائي ٿو، جيڪا هڪ ڀلي ڀاڳيي جي سُڃاڻپ آهي.
مينهُون هن ميهار جون، الا! سڀ بچن،
ڪاريون، ڪَڪيون، ڪُنڍيون، وارا ڪئو وين،
جوءِ جا جاندارن جي، ٻيلا ٻَههَ ٻَهه ڪن،
اچي ريل رهن، مون سنڀارا سُپرين.

(سُر سارنگ)
اهڙيءَ ريت لطيف سرڪار جانورن ۾ گهوڙن جي اهميت جو ڄاڻو هوندي انهن جو ذڪر به سُر ڪيڏاري ۾ هينئن ڪري ٿو:
گهوٽن ۽ گهوڙن، رِڻِ ۾ لانئون لڌيون.

ڪتو هڪ وفادار جانور آهي ۽ سنڌ ۾ گهڻو آهي، ان جو ذڪر شاهه صاحب هيٺيئين طرح ڪري ٿو:
سَگبان سينڊارئا، بڇئيا تي بَهن،
ڦريا نه فَرمان کان، مُلُ نه موتيئڙن،
ڪونهي ڏوهه ڪُتن، ڏاڪارئا ڏاڙهين ٿا.

(سُر معذوري)
سنڌ جهڙي زرعي ملڪ لاءِ “ڏاند” هڪ اهم جانور آهي، گهاڻو هجي يا نار جي ڳاڌي، هر هجي يا بيل گاڏي، ڏاند سنڌي هاريءَ جو ڏاڍو مددگار رهيو آهي. شاهه صاحب جي وقت ۾ ته خاص ڪري ڄَڃُن توڙي مَڃُن، سُکائن توڙي ميلن ملاکڙن ۾ سنڌ جي ڏاند سنڌيءَ ماڻهوءَ جو ڏاڍو ساٿ ڏنو آهي، شاهه صاحب سنڌ جي ان اهم ساٿيءَ کي به نه وساريو آهي.
ڏاندن ساٿ سيد چئي، ڪي پِياديون پُهچن.
(سُر ديسي)
سنڌ ۾ ڏاند جا به سندس عمر موجب جدا جدا نالا هوندا آهن، کير ڌائڪ کي “گابو” چون، جڏهن جوان ٿئي ته “وهڙو” چونس ۽ هر ڪاهڻ جهڙو ٿئي ته “ڏاند” سڏينس. شاهه به ڏاند کي سندس عمر موجب سڏيو آهي، سُر ديسيءَ ۾ وهڙي جو ذڪر ڪري ٿو:
هڻي چيلهه چراڪئا، وَهه پئي وَهڙن.

(سُر ديسي)
وهڙو جڏهن جوان ٿيندو آهي ته پيرن سان زمين کي ٻُکيون هڻي چرا ڪري وجهندو آهي ۽ اهو زمانو هن جي وهيءَ جو هوندو آهي، جو شاهه صاحب بيان ڪيو آهي:
کٽن کيٽا ڇڏئا، جي مِڙيون ٿي مس،
گابا مٿي گس، ڏک نه ڪندا ڏٻرا.

(سُر سارنگ)
هن بيت ۾ شاهه صاحب “ گابن” کي ڳئن سان گڏ ياد ڪيو آهي، سوائون ڳئون کيٽو ڪري بيهنديون آهن ۽ کير نه ڏينديون آهن. شاهه صاحب جي زماني ۾ جيتوڻيڪ سنڌ جي سڄي علائقي ۾ ڳئون پاليون وينديون هيون. جن مان ڏاندن جي حاصلات سان گڏ هتي جي مالدار ماڻهن کي گيهه مکڻ ۽ ڏُڌ مان گهڻو فائدو پوندو هو، پر ڇاڪاڻ ته اڻاٺ جو شڪار گهڻو ڪري ٿر جو علائقو رهيو آهي. ان ڪري ٿر جي ڳنوارن کي پنهنجي “رزق” خاطر مينهن جي سخت ضرورت ٿيندي هئي، جنهن ڪري شاهه صاحب پنهنجي ڪلام ۾ انهن ڳنوارن جي ڳالهه ڪري ٿو:
وري وڏي وس جون ڪيون، ڳالهيون ڳنوارن،
سيد چئي سڀن آهه، توههَ تنهنجو آسرو.

(سُر سارنگ)
ساڳي وقت شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي ڪلام ۾ ريڍارن ۽ رڍن جو ذڪر پڻ ڪري ٿو ۽ اهو به ٻڌائي ٿو ته ننڍن گهيٽن جي اُنَ ڪهڙي مند ۾ مالدار ماڻهو ڪترائيندا آهن ۽ ڪهڙي ڪم ۾ اها آڻيندا آهن.
پنهوارن پاٻوهيو، ڪي وس واهندن،
لٿو سِيءُ، لطيف چئي، ٻڌو ڦَڻُ ڦَرُنِ،
اوءِ ٿا ڪورن، ڪُنئَري، سرتيون! مٿا سَسَن،
عمر! اُن اگندري، پاسي ڪاندَ ڪَتَن.

(سُر مارئي)
لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ ٻاڪري مال جو به ذڪر ڪري ٿو:
هن مُند مارو سنرا، ويڙيين وَڳ وارين،
ڇِڇئا ڇِيڪارِئو ڇيلڙا، پٽين پَهَرائين.

(سُر مارئي)
شاهه صاحب اها ڳالهه مارئي جي واتان چورائي آهي پر اکين سان به وڃي اها جُوءِ ۽ جانور پاليندي پڻ ڏِٺا اٿس:
اُٺي وئڙا اُڪري، عُمر! اَباڻا،
ٻَڪَر ٻاٻاڻا، پَسان شاَلَ! پر ڪَهين.

(سُر مارئي)
ٻئي بيت ۾ شاهه سائين فرمائي ٿو ته:
ٻُري نه ٻَڪَرَ دانهن، ڀُون ڀُڻڪو نه سُڻان،
ميان! ماروئڙن جا، اوڻا ڏٺم آنهَن.

(سُر مارئي)
ڏڪار سببان جڏهن هي لڏي ويندا آهن، تڏهن ڪنهن به تڙ تي پهر ڪانه هوندي آهي، اوڏيءَ مهل نه ڪا ٻڪر جي دانهن، نڪو ڀوڻ ڀڻڪو ٻڌڻ ۾ اچي، آنهن يعني حوض به سُڪل نظر ايندا آهن. سنڌ ۾ مڇيءَ جي موزون ماحول جو ذڪر به ڀٽائي سرڪار پنهنجي بيتن ۾ ڪيو آهي.
سُر سهڻيءَ ۾ فرمائي ٿو ته:
دائِمَ جا درياههَ ۾، سا مَڇي ڪِني ڪوههَ.

سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جي تعريف به لطيف سرڪار ساڳئي سُر جي هن بيت ۾ ڪئي آهي ته:
لهر مڙوئي لالُ، وَهَڻ کُٿورئا وِترو،
او ٻهارا عبير جا، جَر مان اَچن جال.

(سُر سهڻي)
ان کانسواءِ لطيف سائين مڇي ماريندڙ مڇيرن ۽ مهاڻن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي پورهئي سان محبت ڪن ٿا:
ڄاريون، کاريون، ڇَڄ، ڇپريون، جن جي محبت مڇيءَ ساڻ،
رهن، وِهن، سِر ٻانڌيين، سڀئي بدبوءِ هاڻ،
لُڌڙن جيئن لطيف چئي، پاڻي وجهن پاڻ،
تن ملاحن جو ماڻ، سمي سر ڪئو پانهنجي.

(سُر ڪاموڏ)
کارين ۾ مڇي وجهي مهاڻيون ڳوٺن ۾، سيرن تي، واٽن تي کپائينديون آهن، جيئن شاهه صاحب جي هن بيت مان ظاهر ٿئي ٿو:
ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُوڙيون، مور نه موچاريون،
وٺي ويٺيون واٽ تي، کِکيءَ جون کاريون.

(سُر ڪاموڏ)
شڪار جي شوق خاطر نه رڳو مهاڻا پر ڪڏهن ڪڏهن وقت جا حاڪم به مڇيءَ سان وابستا رهيا آهن، جن جو مشاهدو لطيف سرڪار هئين ڪري ٿو ته:

مَئيءَ هٿ ۾ مڪڙي، ڄام هٿ ۾ ڄار،
سڄو ڏينهن شڪار، ڪينجهر ۾ ڪالهه هيو.

(سُر ڪاموڏ)
شاهه صاحب جي دور ۾ سنڌ ڪپڙي جي صنعت ۽ حرفت ۾ تمام عروج کي پهتل هئي، جنهن کان شاهه عبداللطيف ڀٽائي متاثر ٿي پنهنجي ڪلام ۾ اهڙن ڪارائتن ۽ سيبائتن هنرمندن جو به ذڪر ڪري ٿو:
ڪاپائتي سڀ ڪا، ڪَتي سيباڻي،
ڄاتو جَن ڄاڻي، تن هٿان پَهي نه ڇڏي.

(سُر ڪاپائتي)
لطيف سائين ساڳئي سُر ڪاپائتي ۾ اهڙن سنڌ جي ڪاريگرن جو ذڪر به ڪيو آهي، جيڪي پنهنجي هُنري پورهئي سان وفادار، ذميوار ۽ دل ۾ شوق رکي ڪم ڪندا هئا.

سُٽ اُنِيَن جو سَڦرو، جي پَرِ ۾ پچائين،
آواز اَرٽ جو، ساهه نه سُڻائين،
لڪايو لطيف چئي، ڪنبئو ڪتائين،
جي ماڻڪ موٽائين، ته به مُلهه مهانگو ان جو.

شاهه صاحب سنڌ ۾ ٺهندڙ ٻيڙن جو به ذڪر ڪيو آهي ۽ انهن جي سونهن ۽ نفاست جي ڳالهه اهڙي انداز سان ڪري ٿو، جنهن مان سنڌ ۾ ٺهندڙ ٻيڙن جي خوبصورتيءَ جي خبر پوي ٿي:

سِڙهه سنوان، لاڄو نوان، اولا سَندُن عاج،
ساٿي سفر هلئا، ڀري جُنگ جهاج،
حاصل ڪَرين حاج، واحد! وَڻجارن جي.

(سُر سريراڳ)
لطيف سائين لوهارن جو منظر به اکين سان ڏٺو هو ۽ سنڌ جي سگهڙ هئڻ جي ناتي سان انهن جي ڪِرت کي به ڪين وساريائين. سائين فرمائي ٿو ته:
سِر سنداڻ ڪري، پُڇج گهر لوهار جو،
ڌَڪن هيٺ ڌَري، مانَ گڏنيئي، رُڪ سين.

(سُر يمن)
سنڌ ۾ ڪنڀارڪو هنر تمام قديم زماني کان هلندو پيو اچي، لطيف سرڪار ڪنڀارن جي ڪِرت ۽ محنت کي ڏسندي چوي ٿو:
ڪِي جو ڪنڀارن، مِٽي پائي مَنيو.

(سُر رِپ)
مٽي ڪمائڻ کان بعد، ڪنڀار چڪ تي ٿانوَ ٺاهيندا آهن ۽ جڏهن سُڪي ويندا آهن ته پوءِ “آوي” يا “نهائينءَ” ۾ پچائيندا آهن “نهائين” ڪنڀرن جي ان کوريءَ کي چئبو آهي، جنهن ۾ هو ٺِڪر جا ٿانوَ پچائيندا آهن، شاهه صاحب ڪنڀارن جو اهو سمورو ڪم اکين سان ڏسي هڪ سگهڙ جي ڏِٺ وانگر مشاهدو ڪندي فرمائي ٿو ته:
نينهُن نهائينءَ، جيئن، ڍَڪيو ڪوههُ نه ڍڪيين،
ڄَرَ ڄيري ڇڏي ته رَڇَ پچندا ڪيئن،
تون پڻ ڪريج تيئن، جيئن ڪنڀار ڪن ڪم سين.

(سُر رپ)
سنڌ ۾ اڄ به ڪجهه علائقن ۾ “ٺاٺارو” ٿانون جي تبادلي جو اهڃاڻ آهي، جست ۽ ڪنجهي جي ٿانون جو وڏو ٻوجهو، سندس مٿي تي نظر ايندو ۽ وتندو ڳوٺ ڳوٺ ۾ ٿانون جو ڪاروبار ڪندو، لطيف سائين ان جو به ذڪر هن طرح ڪيو آهي:
ڀلي ڪري آيو، ٺاٺارو ڏيهاءُ،

سي نه پُڄنديون.
ڀَڳي “ڪُٽِ” سَڄي ٿي لٿي، جاڪ ڳِراءُ،
سي نه پُڄنديون.
(سُر سامونڊي_وائي)

لطيف سائين پنهنجي ڪلام ۾ صرافن، موتين جي واپارين ۽ وينجهارن جو ذڪر ڪيو آهي، واپاري ۽ ڪاريگر شاهه سائين ٺٽي ۾ ڏٺا هئا، جن جو واپار انگريزن جي دور ۾ به جاري هو. شاهه صاحب انهن جي ڳالهه ڪندي چوي ٿو ته:

اي گتُ غواصن، جئين سمنڊ سوجهيائون،
پيهي منجهه پاتال جي، ماڻڪ ميڙيائون،
آڻي ڏنائون، هيرا لعل هٿن سين.

(سُر سريراڳ)
سنڌ ۾ اوڏن جو وجود به تمام قديم آهي، لطيف سائين به هن پورهيت طبقي جو سر ڏهر ۾ هن ريت ذڪر ڪيو آهي:
اڏي اڏي اوڏ، ڇڏي ويا ڀيڻيون،
ڪوڏارا ۽ ڪوڏ، پيا آهن پَٽ ۾.

سُر ديسي ۾ لاکيڻو لطيف “پَرٽ” ڌوٻيءَ جو به ذڪر ڪري ٿو، جيڪي پڻ ٻهراڙين جي سونهن هئا.
اَسين پاڻَ پَرٽ، پورهيت پنهون ڄام جا،
هوت کٿوريءَ هيرئون، مون ۾ صابڻ ڇٽَ،
آتڻ منجهه اگُهٽ، ڪانڌُ ڪنهن جي م ڪري!.

(سُر ديسي)
مٿي بيان ڪيل سموري مضمون ۾ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحه جي چونڊ ڪلام کي سگهڙائپ جي فن طور ڏيکاريو ويو آهي، ياد رهي ته علامه دائودپوٽو ۽ مرزا قليچ بيگ سميت ڪجهه نامور محققن ۽ اديبن تمام وڏي بحث کانپوءِ ان ڳالهه کي دليل بڻايو آهي ته شاعر هميشه علم عروض واري ڪاريگري يعني فاعل مفعول جي ڀر وٺندو آهي. پر اسان جي سنڌ جو شاهه لاکيڻو لطيف ان مڙهيل پابندي کان پري ۽ آفاقي پيغام ڏيندڙ “تجنيس حرفي” توڙي “تحت اللفظ” جو بنياد رکي سموري شاعري “بيت” ۾ ڪئي آهي، جڏهن ته سندس سُرن ۾ ڏنل وايون به ان ئي قسم جو تسلسل آهن، اڄ به لطيف سائينءَ جا حقيقي پيروڪار سگهڙ پنهنجي شاعري بيتن ۾ ئي ڪن ٿا. جڏهن ته وقتي نزاڪتن جي مد نظر ساڳين سگهڙن علم عروض واري شاعري غزل توڙي نظم جي گهاڙيٽي کي پڻ قبول ڪري ورتو آهي، پر اصل ۾ سگهڙائپ واري بنيادي شاعري بيت آهي، ان ڪري ان ڳالهه چوڻ ۾ ڪوبه وڌاءُ ناهي ته ڀٽائي گهوٽ آفاقي شاعر سان گڏ سگهڙ به هو.