لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

لطيفي لات ۾ عوامي ادب...!

مشرقي توڙي مغربي شاعرن جا شعر پڙهيل ماڻهو سمجهي سگهن ٿا پر هن سگهڙ ۽ عوامي شاعر جو شعر عام خاص، جاهل عالم، جهنگ جي جهانگيءَ کان ويندي وڏي ۾ وڏي علامه تائين مقبول ۽ پسند آهي. سادن ۽ سليس لفظن ۾ اعليٰ خيال، دقيق ۽ اونها پيچيده مسئلا اهڙي نموني سان ڪَتب آندا اٿس، جو ارسطو جهڙا استاد اڄ به اگر پيدا ٿين ته حيران ۽ دنگ رهجي وڃن.
مثال طور! چنڊ، سج، تارا، ڪَتيون، جبل، هوائون، سمنڊ، درياهه، ڍنڍون، ٻيڙيون، جهاز، رڇ، مڇ، سڙهه، بيرقون، درياءَ جا وهڪرا ۽ وهه، ان جي دهشت ۽ ڌُم، لهريون ۽ سَپ، آڇاڙا ۽ عميق، لوهار جي ڌنوڻي ۽ سانداڻ، مترڪا ۽ سراڻيون، رک ۽ ڪوئلا، ڪُتا ۽ مِرون، پنجوڙ ۽ ڪناتون، لڪ ۽ پيچرا، اُٺن جا گس ۽ گُپس، ٽِليون ۽ ٽونئر، چرخو ۽ پُوڻيون، ڪپهه ۽ سُٽ، کپُر ۽ ڪاريهر، مطلب ته ڪا به شيءَ ناهي ڇڏي.
توهان ڏسو شاهه سائين جي شاعريءَ ۾ پنهنجن ماروئڙن جي ماڳ سان محبت، ساڻيهه سان سڪ، ڪلچر سان قرب، جُوءِ سان جيءُ لڳائڻ، ديس سان دل ڳنڍڻ ۽ وطن جي هر شيءَ سان محبت ڪرڻ توڙي ان سان وفادار رهڻ جو سبق ملي ٿو:

“ايءُ نه مارن ريت، جيئن سيڻ مٽائن سون تي.”

شاهه ڀٽائي جي شاعري ۾ اُجري ۽ اڇي انسانيت، سورهيائي شُجاعت، صديقاڻي صداقت، شريفاڻي شرافت، دليراڻي ديانت، ذوقي ذهانت، محبوبي محبت، سچائي ۽ سخاوت، مهرباني ۽ مروت، نياز ۽ نوڙت، ڀائپي ۽ اخوت، عدل ۽ اخلاقيت، وحدانيت جي واکاڻ ۽ سنڌ جي ثقافتي سرهاڻ، چڱيءَ ريت پَسي سگهجي ٿي.
سگهڙ جو بنيادي تعلق سنڌ سان آهي ۽ سگهڙائپ جي فني ارتقا به سنڌ سان ئي لاڳاپيل آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڀٽائي ڀلاري جون سورميون جن ۾ سسئي، مارئي، مومل، سورٺ، سهڻي، نوري، ليلان به سنڌ جون ئي آهن. سندس تشبيهاتي تصور توڙي مشاهدو پسجي ٿو ته لطيفي لات ۾ عوامي ادب جا جذبا ۽ جُولان چڱي طرح سان پَسي سگهجن ٿا، جن ۾ ساڻيهه جي سونهن، ساوڪ جي سُرهاڻ، ڪينجهر جو قرب، منڇر جي محبت، آڙين جي اُداسي، ڪارونجهر جي ڪور، مورن جي مهڪار، ڀٽن جي بهاري، تاڙي جي تنوار، ڪڪرن جو ڪارونڀار، کنوڻين جا کيل، وڄڙين جا واڪا، پَلر جي پالوٽ، گاهن جي گلزاري، سامونڊين جي ساروڻي، سِپُن جي سِڪ، درياهه جا دڌڪا، ڇولين جا ڇڇڪا، ڪُنن جا ڪڙڪا، ڪاتياري جو ڪَتڻ، ڪاپائتي ڪار، چرخو چورڻ جهڙا لاتعداد نمونا پَسي سگهجن ٿا. جن ۾ لوڪ ادب جو نجپڻو نظر اچي ٿو.
پر جي کڻي پرکجي ٿو ته لطيف سائين پنهنجي اعليٰ ۽ آفاقي سگهڙائپ جي ذريعي هڪ هڪ شيءِ جا لاتعداد نالا آندا آهن، جيڪو لوڪ ادب يا لوڪ رنگ آهي. تحقيقي تشريح مطابق هيٺ مختصر نالا ڏجن ٿا.

[b]جيئن اُٺن لاءِ استعمال ڪيل نالا:
[/b]اُٺ، توڏو، موڏو، مَيو، متارو، مهري، موڏ، توڏ، ڪَرهو، ڪنواٽ، ڪَڪو، ڪيڪاڻ، ڳوڌو، ٻُهاڻ، چوسالو، دوڪ، دايو، ليڙو، لَلو، چانگو، پانگُر، گئونرو، گُنگو، ڏاگهو، بوتو، ٻُور، ڀُور، ڀٽارو وغيره.

[b]تير لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]تير، ٻاڻ، ٻُنگو، نائُڪ، سيلو، پيلو، بانُ، ڪانُ، ڪمان وغيره.

[b]سورهيه يعني بهادر لاءِ آندل مختلف نالا:
[/b]بهادر، بانڪو، بورائو، پانڊپ، پهلوان، پانو، وِيرُ، ونڪو، وَرنَهه، هاتڪ، ڪُوپو، ڪنڌار، ڪؤنر، ماهي، مانجهي، مير، متارو، مُڇڙ يارو، مَل، سائو، سَڌر، شير، وريام، جهونجهار، جوڌو، جُنگ، جوان، پاونگ، راوت، دلير، دودو، ماچ، جُود، ڳڃُڙي، شاهُو، سورهيه، گهوٽ وغيره.

[b]شراب لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]ڪڪوهه، قاتل، ڪڙو، ڪڪاڻ، ڪلاڙ، مئه، مَدُ، مَنڌُ، سَرو، سُرڪي، وِههُ، ٽوهه، زهر وغيره.

[b]طبيب لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]ڏاهو، حڪيم، طبيب، ويڄ، دارون، ٻُڪي، ڊڀُ، ڊبڙا، حاذق وغيره.

[b]ساز لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]ساز، سُرندو، سُرود، ڪماچ، ڪِينَرو، ڪِينَر، ڪَنجهو، تُنبي، تُنبير، تنبورو، تانُ، تندُ، تَنبور، دنبورو، چنگ، واڄو، وَڏاڻ، ولايتي، بِين وغيره.

[b]مڱڻهار لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]مَڱتو، مَڱڻو، ميراسي، ماچ، مڱڻهار، ڀانُ، ڀَٽُ، ڀاٽُ، ڀُوڻو، سائل، سيڪڙُو، سُرنديو، سورٺيو، ڪِيرتيو، قوال، ڪامل، جاجڪ، چارڻ، ڏاني، پينار، پاٽ، ربابي، راڳائي، عليل، عطائي، ٻيجلئو، ٻيجل، ٻارٽ، ٻاٽُ، لنگهو وغيره.

[b]راجا لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]راجا، راءُ، راڄيو، راڄاڻُ، راهوُ، جادم، جکرو، جَسکرو، جڳ سکرو، ڏياچُ، ڏاتار، سخي، سورٺ ور، صاحب، حاڪم، پانڊپ، ٻاجهاڻو، دولهه، درٻار ڌڻي، مير، ملوڪ، مانجهي، مِيون، مُلڪ ڌڻي، مَڻيارو، ڪامل، سَپڙ، سَٻر، کنگهار، گهوٽ، حڪمدار، ريسارُو، حاتم وغيره.

[b]جوڳين لاءِ استعمال ڪيل مختلف نالا:
[/b]جوڳي، جلالي، جلپتي، جناتي، بابو، بيکاري، بيراڳي، پُوربي، پوربيا، واٽيا، ويراڳي، مهيسي، لانگوٽيا، لال، لاهوتي، صابري، سوامي، سامي، سامٽيا، سنياسي، سامِيڙا، ساڃارُو، سيڪڙُو، آديسي، آڌوتي، ڀڀوت، ڀڀوتيا، ڀوڳي، راول، رَند، رملي، روڳي، نانگا، نپٽا، نِسورا، قُوت، ڪڙايا، ڪاپڙي، ڪلپتي، ڪَن وٽيا، ڪَن چير، ڪَن ڍار، ڪَن ڦوڙ، ڪَنوسريا، ڪَن ڪٽ، ڪاپَٽ، ڪاراٽيا، آگهوري وغيره. مطلب ته ڪافي لفظ ملن ٿا، جيڪي ڀٽائي گهوٽ سگهڙن واري سهڻي گهڙ ڪري ڪتب آندا آهن.