لطيفي فن ۽ فڪر جي پرچار! : فقير علي ڏنو خان نظاماڻي
سهڻي سنڌ ڌرتيءَ جي هن انقلابي شاعر جو شعر انهيءَ منزل تي پهتل آهي، جنهن جي پروڙ به پوري پئجي نٿي سگهي. سگهڙن جي امام ۽ شاعرن جي سرتاج ڪي اهڙا لفظ به قلمبند ڪيا آهن. جن جي مقصد تي پهچڻ لاءِ وڏي دماغ جي ضرورت آهي . حقيقت ۾ شعر جي صحيح معنيٰ شاعر جي سيني ۾ ئي هوندي آهي ۽ ٻيا وري عقلي دليل پيش ڪندا آهن.
حال جي حقيقت کي ڏسئون ٿا ته اڄ اسان سنڌي لوڪ ڇڙوڇڙ آهيون.
“واٽون ويهه ٿيون، ڪهه ڄاڻان ڪيهي ويا”
اسانجي سوچ ۽ عمل ۾ ٻڌي ڪانهي، جڏهن ته سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌو، سنڌي لوڪ ۽ انهن جا وسيلا اسان کان هڪ ٿيڻ جي وينتي ورجائي رهيا آهن پر ڪوبه گڏيل ۽ مڃيل ميدان ڪونهي جو سڀ گڏ ٿي سگهون پر اسانجي آفاقي شاعر ۽ سگهڙن جي امام حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو پيغام ۽ فڪر ئي آهي جنهن سان اسان سڀ هڪ ٿي سگهون ٿا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اسان پنهنجو قومي ڪردار سنوارڻ لاءِ پنهنجي ثقافتي، تهذيبي، تاريخي ۽ قومي سڃاڻپ کي شاهه سائينءَ جي مهان شخصيت سان سلهاڙيون ۽ شاهه سائينءَ کي پنهنجي فڪري ۽ نظرياتي ٻڌيءَ جي نشان جو مان ڏيون جنهن ۾ نه رڳو اسان سنڌ واسين لاءِ پر سڄي سنسار لاءِ چڱائي ، خير ۽ خوشي سمايل آهي.
قومن جو عروج ۽ زوال، انهن جي تهذيب، ثقافت ۽ علم ادب سان سلهاڙيل آهي ۽ پڻ دنيا ۾ اهي ئي قومون خوش نصيب ليکجن ٿيون، جن وٽ پنهنجو ادبي سرمايو موجود آهي پوءِ ڀلي ته انهن جا خزانا هيرن ۽ جواهرن جي چمڪ دمڪ کان خالي هجن.
ان ادبي سرمايي مان اڄ هي ڪتاب “شاهه جي شاعريءَ ۾ سگهڙائپ جو رنگ” اوهانجي هٿن ۾ آهي جنهن کي سهيڙي سموهي ترتيب ۽ تحقيق جي رنگ ۾ رنگيندڙ کي بظاهر ڪنهن ڊاڪٽريٽ جي ڊگري نه به کڻي هجي پر سندس ڪم کي تاريخي طور اوليت ملڻ کپي.
عاجز رحمت الله لاشاري هڪ سگهڙ ٿي ڪري لطيف سرڪار جي سگهڙائپ کي عام ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. هن کان اڳ شاهه سائينءَ جي سگهڙائپ واري فني موضوع تي ڪوبه ڇپيل ڪتاب نظر مان نه گذريو آهي، پر جي ڪنهن ٻئي عالم، اديب، محقق يا دانشور ان موضوع تي ڪم ڪري پاڻ تائين محدود رکيو به هجي ته سنڌ واسين کي ڪهڙو فائدو ؟!
هن ڏات ڌڻي سگهڙ انهن کي آرسي ڏيکاري ان طرف ڌيان ڇڪايو آهي ته لطيف سائين جيڪو آهي ئي سگهڙ ته ان جي سگهڙائپ تي تحقيق ڇو نٿي ٿئي ؟ جي ٿئي ٿي ته ظاهر ڇو نٿي ڪئي وڃي.
عاجز رحمت الله کان اڳ پڳون پائيندڙ، اجرڪون اوڍيندڙ ۽ پاڻ کي شاهه جو شيدائي سڏيندڙ کوڙ سارا سگهڙ ٿي گذريا آهن ۽ ڪي اڃا به انهن دعوائن جا ٻول ٻولي رهيا آهن پر انهن سڀني کي حام جي حد تائين ڇڏيندي لاشاري صاحب عملي ڪم ڪري ڏيکاريو ڇو ته سندس فڪري سوچ اقربا پروري کان الڳ، درٻاري خوشامد کان پاڪ ۽ صوفيانا آهي ۽ اهڙن صوفين لاءِ صوفين جي سرتاج حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رحمةالله عليه فرمايو آهي ته؛
صوفي لاڪوفي، ڪونه ، ڀائينس ڪير،
منجهان ئي منجهه وڙهي، پڌر ناهيس پير،
جنين جو ساڻس وير، ٿئي تني جو واهرو.
(شاهه)
صوفين جي پوئواري ڪندڙ هن ڏاهي ڏات ڌڻيءَ لاءِ ڌڻيءَ در دعاگو آهيون ته الله پاڪ کيس اڃا به قلمي سگهه کي سگهارو ڪري ته جيئن مرشد هادي لطيف سائين جي فن ۽ فڪر کي عام ڪرڻ سان گڏ اسانجي قومي ادب جي آبياري ٿيندي رهي آمين.
سرها ڏٺم سي، جنين ساڃاهه سراڻ جي،
تيغ تنين جي کي، ڪٽ نه لڳي ڪڏهين.
(شاهه)
رهبر لطيف سائين جو فڪري پوئلڳ
فقير علي ڏنو خان نظاماڻي
ڳوٺ فقير غلام حيدر نظاماڻي، هالا، ضلعو مٽياري سنڌ