لطيفيات

شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

ڪتاب ”شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ“ نامياري سگهڙ ، لوڪ ادب جي پارکو ۽ لوڪ ادب تي تحقيقي ڪم ڪندڙ محترم عاجز رحمت الله لاشاري صاحب جي تحقيق تي مشتمل آهي.
لطيف جي فڪر جي پوئلڳ ۽ جاکوڙي انسان عاجز رحمت الله لاشاريءَ پنهنجي طرز جو الڳ ٿلڳ ڪم ڪيو آهي ۽ لطيف جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جا جيڪي رنگ ڏٺا ۽ انهن کي عام تائين پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. حقيقت اها آهي ته هن وقت لوڪ ادب کان وڌيڪ شاهه سائينءَ جو ڪلام مشهور ۽ عوام ۾ مقبول آهي، عاجز رحمت الله جو هيءُ ڪتاب به ان سلسلي ۾ هڪ بهترين اضافو آهي.
Title Cover of book شاهه جي شاعريءَ ۾ سُگهڙائپ جو رنگ

شاهه جي شعرن ۾ سگهڙائپ جون صنفون...!

ڏٺو وڃي ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جو سمورو مذهبي مواد سگهڙائپ آهي، ڇوته اڄ تائين پيدا ٿيندڙ سگهڙن شاهه سائين جي پيروي ڪندي اول الله سائين جي توحيد پوءِ پاڻ سڳورن سان محبت ۽ بعد ۾ پنجتن پاڪن سميت باقي ولين سڳورن جو پڻ شان لکن ۽ پڙهن ٿا.
سينگار:
“سنڌي سينگار شاعري” ۾ مشھور محقق علامه ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سينگار شاعريءَ بابت تمام گھڻو تفصيل ۽ تحقيق سان سمجھايو آھي، جنهن ۾ لکي ٿو ته:
“سنگار رس” لاءِ استعمال ٿيل ھندي ٻوليءَ جي لغت محض سنسڪرت ۽ ھندي محاورن تائين محدود ھئي. سنڌ جي سڄاڻ سگھڙن پنھنجي “سنڌي سينگار” فن لاءِ ھڪ طرف پنھنجا انوکا سنڌي الفاظ اختيار ڪيا، ٻئي طرف “سنگار رس” شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل سنسڪرت ۽ ھندي اسمن کي پنھنجو ڪيو، ۽ ٽئين طرف وري عربي، فارسي، ۽ بلوچي وغيره ٻولين مان انوکن اسمن جو ھڪ وڏو سرمايو ھٿ ڪيو. اھڙيءَ طرح “سنڌي سينگار” شاعريءَ کي انوکي ۽ ڳوڙھي اسلوب بيان ۾ ادا ڪرڻ لاءِ پنھنجي لغت ۾ ھڪ وڏي وسعت پيدا ڪيائون، بلڪ ائين چئجي ته خاص “سنڌي سينگار” فن لاءِ ڄڻ ھيءَ نئين لغت تيار ڪيائون، جنھن ۾ سنڌي، سنسڪرت، عربي، فارسي، بلوچي، براھوي، سرائڪي، ٿري ۽ ڍاٽڪي ٻولين جي انوکن اسمن جو سرمايو شامل ھو. مختلف ٻولين جي مطلوب اسمن جي واقفيت ۽ ڄاڻ کي سنڌ جي سگھڙن ھڪ خاص “سگھڙپائي جو فن” قرار ڏنو، جنھن کي “ڏھسنامو” ڪري سڏيائون. ڀٽائي صاحب، جو جلال ۽ سندس ساٿين جو ھمعصر ھو، ۽ جنھن پنھنجي ذاتي فڪر ۽ طبع زاد بيان جي علاوه، ضرورت آھر ھر گل مان واس وٺي پنھنجي فڪر کي عالمگير ۽ بيان کي جامع البيان بنايو، تنھن پڻ پنھنجي ھمعصر شاعرن جي ھن نئين شاعرانه فن ۽ انوکي اسلوب بيان کي قدري پنھنجي زباني ڳايو ۽ چمڪايو.
مثلاً :
سر ڪوھياري جا ھيٺيان ٻه بيت جن ۾ عمداً انوکن عربي لفظن کي استعمال ڪيو اٿس، سي ھن معاصرانه سينگار شاعريءَ جي ڳوڙھي اسلوب بيان جو عڪس ڏيکارين ٿا:
“ليل” نه جاڳئين لِک سين، ڪلي “نوم” ڪياءِ،
“قم” ٿي پھچ قريب کي،”اجلس” تو نه جڳاءِ،
مٺي! مھمانن سين ويھي رات وھاءِ،
جيلانهه ننڊ ڪياءِ، تيلانهه روز رئين ٿي راهه ۾.



“اجلس” ڪري اٿيا، تنواريو توڏن،
“نوم” نوازي ان کي، مرحبا موڏن،
رڙھي رس روڏن، “اَليَومُ سِيرُو” سسئي!.


نه فقط ايترو پر خود معاصرانه سينگار شاعريءَ جي دلچسپ مضمونن کان متاثر ٿي، ڀٽائي صاحب ھيٺيون بيت بلڪل انھيءَ رنگ ۾ چيو آھي ته:

گَنيَرَ گَت سکن، چلڻ جي چاھ پئي،
ھِنڊوا حيرت ۾ پيا، لالي ڪي لبن،
چمڪن چوڏس چنڊ جيئن وڄڙيون وھسن،
لوچن ٿيون “لطيف” چئي، پسڻ لاءِ پرين،
ڪيسر قريبن، سنباھي ساڻ ڪيا.

(سر سارنگ، داستان ٽيون)

ھن بيت ۾ “گنيرگت” (ھاٿيءَ جي چال) ھنڊوا (ڳاڙھا مينھن وساوڙا جيت) ۽ ڪيسر (زعفران جنھن جي ڳاڙھي رنگ ۽ خوشبوءِ سان محبوب جي بدن جي لال ٻھڪندڙ رنگ ۽ ھٻڪار کي مشابھت ڏجي ٿي) خاص طرح ڏھس نامي جي لغت جا الفاظ آھن جي سينگار شاعريءَ ۾ عام استعمال ٿيل آھن.‎ ‎
(سنڌي سينگار شاعري: سنڌي ادبي بورڊ)

ان حوالي سان راقم الحروف طرفان ترتيب ڏنل ڪتاب “سهڻل جا سينگار” ۾ شايع ڪيل حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي سينگار شاعريءَ جا چند بيت مثال طور پيش ڪجن ٿا.

کڻي نيڻ خُمار مان، جان ڪئائون ناز نظر،
سورج شاخون جهڪيون، ڪو ماڻو قمر،
تارا ڪتيون تائب ٿئا، ديکيندي دلبر،
جهڪو ٿئو جوهر، جانب جي جمال سين.

(سُر کنڀات: د-1، ب-23)
ناز مَنجهاران نڪري، جڏ پرين ڪري ٿو پنڌ،
ڀونءِ پڻ بسم الله چئي، راهه چمي ٿي رَند،
اڀيون گهڻي ادب سين، وٺي حورون حيرت هنڌ،
مونکي سائينءَ جو سوڳنڌ، جئن ساجن سڀنئان سهڻو.

(برووسنڌي: د-3، ب-1)

جهڙا پانن پن، تهڙيون سالون مٿن سائيون،
عطر ۽ عنبير سين، تازا ڪئائون تن،
مڙهيائون مشڪ سين، چوٽا ساڻ چندن،
سُونهَن رُپي سون سين، سندا ڪامڻ ڪن،
ڪيائين لال “لطيف” چئي، وڏا ويس ورن،
منجهه مرڪيس من، ته سوڍي سين سڱ ٿيو.

(راڻو: د-3، ب-3)