مقدمو : سليم ڀٽو لطيفي
ڏور تتائين ڏس، اکر جئائين جُڙيا.
سنڌي ادبي کيتر ۾ اهڙا اديب جن جو قلمي پورهيو جيڪو کين نه قدبت کي هٿي وٺرائي سگهيو ۽ نه ئي کين ڪو جوڳي مڃتا ڏياري سگهيو، اهي سڳورا ساٿي ادبي ادارن جي ڪرسين جي سهاري ته رڳو تڳڻ، پلجڻ ۽ سستي شهريت ماڻڻ لاءِ انهن ادارن تي قبضو ڪريو ويٺا آهن ۽ نتيجي ۾ اڳ ئي بدحالي ۽ پستي کي ڀوڳيندڙ ادارا ويتر پنهنجي ساک ۽ ڪارج وڃائي ويهن ٿا، جڏهن ته ٿيڻ ائين کپي ته انهن ادبي ادارن ۾ اهڙن ڏات ڌڻين کي خدمت جو موقعو ڏيڻ گهرجي جيڪي ڪنهن به مڃتا جا محتاج نه هجن پر ادارن جي ساک سرهائي ڪن ۽ ان جي بنيادي ڪارج کي به عملي صورت ۾ لاڀائتو بڻائي سگهن.
هن ڏس ڏٺو وڃي ته ڪوبه ادبي ادارو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا به جس جوڳا ۽ لاڀائيتا قدم نه کڻي سگهيو آهي پر ان جي ابتڙ جڏهن ڪنهن ڏات ڌڻي جو اڪيلي سر ڪيل ادبي پورهيو يا ڪنهن تنظيم جو پنهنجي هڙان وڙان ڪيل ادبي خدمتون ۽ ڪنهن اداري کي آرسي ڏيکارڻ لاءِ گهڻو ڪجهه عملي طرح پاڻ مڃايو ۽ نڀايو آهي، اها ساڳي صورتحال ڀيٽ ڪندي پڌري پٽ پئي ٿي ته تحقيق ۽ ڏات ڌڻين جي قلمي پورهئي کي ڇپائڻ ۽ انهن کي مڃتا ڏيڻ جي عمل ۾ به ادبي ادارا پوئتي رهجي ويا آهن ۽ تنظيمن جي محنت ۽ محبت عملي طور سرس رهي آهي.
هن رخ ۾ سنڌ سگهڙ لوڪ ادب تنظيم “سلات” جو پنهنجي سگهڙائپ ۽ لوڪ ادب جي تحقيق، ڇپائي ۽ ڏات ڌڻين کي مڃتا ڏيڻ، لوڪ ادب ميڙاڪا ڪوٺائڻ، نامور ڏات ڌڻين جا ڏهاڙا ملهائڻ ۽ انهن جي پورهئي تي ويهڪون ڪرائڻ ۽ کين مڃتا ڏيڻ ۽ ڏيارڻ ۾ ڪڏهن ڪنجوسي کان ڪم نه ورتو آهي پر سرڪاري ادبي ادارن جي مُک ڪرسين تي ويٺل ساٿين کي به ڪوٺ ڏئي مان ۽ مڃتا جا وڙ ڪيا آهن، جنهن جو سڄو سارو ثمر صلات جي سڀني ساٿين ۽ خاص طور عاجز رحمت الله جي ذمي اچي ٿو.
سلات جي جوڙ جڙڻ کان پوءِ لوڪ ادب ۽ لطيفي فڪر ۾ به هڪ ٻنڌ سرجيو ۽ لوڪ ادب جا ڏات ڌڻي لطيفي فڪر جي جامع اولڙي کي به پنهنجي ڏات ۾ اورڻ شروع ڪيو ۽ سگهڙائپ ۾ هڪ نئين صنف جوڙي “رسالو ڳجهارت” هن قسم جي نئين ڳجهارت جي جوڙ به لطيفي ٻولي مان جڙڻ لڳي ۽ ان ڳجهارت جي ڀڃڻي به لطيف سائين جي ڪنهن نه ڪنهن بيت ۾ ملي ٿي، جيڪا سگهڙن جي جس جوڳي محنت، محبت ۽ ڏات جي اوت آهي ۽ هن نئين جوڙ جڙڻ سان سگهڙن تان نه رڳو اها تهمت لٿي ته هو اڻپڙهيل آهن پر هن نئين عمل سان لطيفي فڪر جا اڪيچار املهه موتين جي ونڊ به سڀ کي پلئي پوڻ لڳي.
رسالو ڳجهارت سگهڙائپ ۾ هڪ نئين تخليقي شروعات آهي، جنهن ڪارڻ لطيف سائين جي ڪلام ۽ سگهڙ صنفن جي صديون اڳي هڪٻئي سان سلهاڙيل سونهن، رشتي ۽ ٻين انيڪ سگهڙائپ جي صنفن جي معيارن تي لوڪ ادب ۽ لطيف سائين جي ڪلام کي نئين رخ سان پرکڻ، پروڙڻ ۽ پرجهڻ ۾ به آساني ٿي ۽ عملي طرح اڪيچار نسبتن کي ڏٺ، سينگار ۽ ڏور بيت جي مسبت سان نوان معنوي مٿاڇرا ۽ نسبتون، تاريخي حقيقتون ۽ فڪر ۽ رخ تجزيي هيٺ آيا ۽ هن عمل سان لوڪ ادب جي ڏات ڌڻين پنهنجي سگهڙائپ جي ڏات وسيلي لطيف سائين جي ڪلام کي عوامي ڪچهرين ۾ عام ماڻهن تائين سائين جي فڪر جي سڃاڻپ ڪرائي جيڪو ڪم ادارا ۽ سرڪاري اديب ۽ عالم به نه ڪري سگهيا.
اهڙي طرح سگهڙن نه رڳو سگهڙائپ کي لطيفي رنگ ۾ رڱيو پر لطيف سائين جي ڪلام ۾ سگهڙائپ جي صنفن ۽ رنگن کي پرکڻ ۽ پروڙڻ جي جس جوڳي جرئت ۽ جتن سان وک وڌائيندي شاهه جي شاعري ۾ سگهڙائپ جو رنگ جي صورت ۾ هي ڪتاب لکي لطيفي فڪر ۽ فن جي همه گيريت کي ثابت ڪيو آهي، سائين عاجز رحمت الله جي هي ڪوشش به جس جوڳي آهي ته موصوف پاڻ به جس لهڻي.
هن ڪتاب ۾ ٿورين گهڻن ڪچاين ۽ ڪمزورين باوجود رسالي ۾ ٻولي جي لفظن ۽ شين جي نالن جي مخزن جي وستار ڪئي آهي، ڪيترائي موضوع سامهون آندا آهن، هر موضوع ۽ هر جنس جا انيڪ نالا به ڳڻايا آهن، جيڪي سگهڙائپ جي ڪنهن به صنف جي سگهه ۽ وسعت جي واڌ ويجهه جو ڪارڻ ثابت ٿيندا.
محترم عاجز رحمت الله جو رسالي سان ڪو گهرو رشتو شايد نه رهيو هجي، تنهنڪري بيتن ۾ به ڪجهه فرق محسوس ٿئي ٿو ۽ ڪجهه موضوعن ۽ جنسن جي نالن ۾ به ڳاڻيٽي جي کوٽ محسوس ٿئي ٿي، جيئن دريائي وهڪرن جا نالا ڳڻائيندي ڍاڳي ڍورو سندن نظر کان اوجهل رهيو آهي.
جڏهن ڍاڳي ۽ ڍورو، ٻئي وهندا هئا ٻيليار ۾.
ساڳي طرح اٺن جا نالا ڳڻائيندي اٺ جي نالي “گرو” ۽ ڪجهه هن بيت ۾ شامل نالا به رهجي ويا آهن.
دوڪ دهليا جت، گنئورا هلن نه گس ۾،
چئو سال ئي نه چلڻا، ٿي تنگ نهاري تت،
سوڌي انين سيد چئي، پوءِ پانجارين پرت،
ان اڙانگهي پنڌ جي، ڪا نيشن پوءِ نرت،
سسئي وڏي ست، جا اهڙي پر پنڌ ڪري.
1. دوڪ: ٻه ڏندا، پنجن يا ڇهن سالن جا اٺ
2. پانجارين: ڦوه جوان اٺ
3. نيشن: پورا جوان اٺ
هن ڪتاب ۾ هٿ جي هنرن، ڪرت ڪار ڌنڌا، پيشا سوڻ ساٺ، ريتون، رسمون، رواج ۽ انهن جو خوشي ۽ غمي جي نسبت سان ورهاست ۽ سٽاءُ جي کوٽ سان گڏ لغت جي حوالي سان لفظن جي کوٽ به محسوس ٿئي ٿي ۽ سوين لفظن جو وستار ڪري سگهجي ۽ اڪيچار عنوان به شامل ڪري سگهجن ٿا.
جيئن ڪاسائڪي ڪرت سان تعلق رکندڙ لفظ ڪنار آهي، جنهن جي شڪل انگريزي، اکر ايس (S) جهڙي هوندي آهي، جنهن ۾ ڪا سائي گوشت ٽنگيندو آهي.
سوري سينگاري، اصلن عاشقن کي،
لڏيا ڪين لطيف چئي، ٿيا نيزي نظاري.
پاٻو هي هيڪار، مونهان پڇيو سڄڻين،
الست بربکم، چيائون جنهن وار،
سندي سو ڪنار، تن تڏها ڪون نه لهي.
چوري چنگ ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس،
ٻجهان ٻاڻ لڳوس، ڪانارئو ڪر کڻي.
ڪانارئا ڪُڻڪن، جنين لوه لڱن ۾،
محبت جي ميدان، پيا لال لڇن،
پاڻهي ٻڌن پٽيون، پاڻهي چڪئا ڪن،
وٽان واڍوڙين، رهي اچجي راتڙي.
جڏهن سورهين ۽ بهادرين جو ذڪر ڪجي ٿو ته صدين جي ڊگهي تاريخي اهڃاڻ “مِهن جي دڙي” مهين جي نسبت سان به مختلف نحوي بناوت جا ڪجهه لفظ ملن ٿا جيئن مهائي ۽ مهاين ۽ هڪ ٻيو لفظ ڇڳير به ملي ٿو.
اڳيان اڏين وٽ، پوين سر سنبا هيا،
ڪاٽ ته پوءِ قبول ۾، مڇڻ ڀا يين گهٽ،
مٿا مهاين جا، پيا نه ڏسين پٽ،
ڪلاڙڪي هٽ، ڪُسڻ جو ڪوپ وهي.
آيا اُجارين تنڪ، تراريون تيئرا،
سانگيون سائن هٿ ۾، ڪلهنئون نه لاهين،
اڀائي آهن، مُهائي مرڻ تي.
ڇپر جيئن پهون، تيئن رڻ ڳجهين رانئيو،
ونڪا ونڪن گڏيا، ڊوڙيو ڏين ڊهون،
مُهاين وهون، نير مهانگون ڪنديون.
علاءُ الدين آئيو، کڻي ڇل ڇڳير،
ڪهين ڪن همتيو، ڪانه جهليندو ڪير،
سومرين سام کنئين، ابڙي ڪيو اٺ ڀير،
هو مُهاين مير، پر مستورا تن ماريو.
مهين لفظ جي بگڙيل صورت ۽ مذهبي اثر ڪارڻ “مهين” ڦري موهن يا موئن ٿيو، مهن هڪ قبيلي جو نالو هو جن کي سنڌ جي هن دڙي جا رهواسي ۽ وارث سڏيو ويو آهي، هن ئي سنڌي قبيلي کي تاج صحرائي پڻي لوڪ سڏيو آهي، انهيءَ “مهين” لفظ جي نحوي بناوٽ مهائي مهاين شاه سائين جي مٿين بيت ۾ آهي جنهن جو ذڪر سراج ميمڻ صاحب پنهنجي ڪتاب سنڌي ٻولي صفحه 192-190 تي ڪيو آهي، پڻي لوڪ ۽ مهاڻا جو تعلق به “مُهين”، مهاين، مهائي سان آهي.
طب يا طبيب جي عنوان هيٺ به واڍوڙ ۽ واڍوڙڪي منهين ۽ سازن لاءِ سڱڙي، چنگ، نڙ، مرلي، تُبڙي، گهنڊ، لفظن جي ويسرآهي، اهڙي طرح راجا لاءِ هالارڌڻي ۽ ڀٽ ڌڻي ۽ ٻيلي ڌڻي لفظ کٽل آهن، جوڳين جي نالن سري هيٺ جيڪي نالا لکيا ويا آهن، اهي جوڳين جا نه پر مختلف مذهبن، فرقن سان تعلق رکندڙ پوڄارا آهن.
ڏور بيت جي سري هيٺ ڏنل بيت:
دلبو منجهه درياءَ، پکي پسي آئيا،
ويچارن ويساهه، آڻي ات اڙائيا.
هن کان وڌيڪ تز معنوي طرح هي بيت بهتر ٿئي ها.
آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،
کريهڙ ڀونءَ کري، پاڻا پير ڏکويا پکئين.
ساڳي سري هيٺ آدم عليه السلام جي حوالي سان ڏنل بيت
مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو ٻار ۾،
اڀا ائين چون ته، مڇڻ پاند پسائين.
جي جواب طور هي بيت ڏجي ته جيڪر مفهوم چٽو ٿي پوي.
سڀ سمنڊين سپجي، ابر آساروس،
ٻاڙو پئي نه ٻپڙي، مٺو منهن لڳوس،
ماڻڪ تي ميڙيوس، جيئن تنگ ڪڍيائين تار ۾،
پهاڪا ۽ چوڻيون جي سري هيٺ
گهوڙا! گهوڙا! آئون نه جيئندي ان ري.
هن بيت جي سرجڻ جو تاريخي ڪارڻ ڏيڻ گهرجي ها، دراصل غلام سنڌ ۾ ارغونن ۽ ترخانن جي دور ڌارين گهوڙي سوارن جي ڪاهن دوران سنڌين نوجوانن جا جٿا جيڪي پنهنجي راڄن ۽ ڳوٺن جي سنڀال لاءِ جوڙيا ويا اهي انهن ڌارين گهوڙي سوار ڦورن ۽ لٽيرن جي ڪاهن جو اطلاع ائين ڏيندا هئا، گهوڙا! گهوڙا! مطلب ڌاريا گهوڙي سوار ڪاهي آيا آهن، هنن سان مهاڏي اٽڪائڻ ۽ مال ملڪيت ۽ ٻارن ۽ عورتن جي بچاءُ لاءِ تيار ٿي وڃو.
هن ئي سري هيٺ ڏنل بيت
مران، مٿو پٽيان، نهاريان نيڻان، (نيران)
سخن جي سندان، آئون نه جيئندي ان ري.
هن بيت جي پهرين سٽ جو آخري لفظ نيڻان نه پر نيران آهي ۽ ان جي معنيٰ نيراني نه پر نهري، نيري ڍوري ڏي اشارو آهي ۽ ان جوءِ ۾ سيد جمال شاهه ڏيئي وارو، ڏاتو فقير ۽ ٻين ٻن بزرگن ڏي اشارو آهي، جن سان لطيف سائين رهاڻيون ڪيون ۽ انهن جي سخت ساروڻين کي ساريندي هي بيت چيو.
هن حوالي سان اڃا گهڻو ڪجهه لکي سگهجي ٿو ۽ گهڻي ڊيگهه ٿي ويندي پر ايترو اعتراف ڪرڻو پوندو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ سگهڙائپ جي اڪيچار صنفن جا اهڃاڻ موجود آهن ۽ عاجز رحمت الله هي ڪتاب لکي سگهڙن ۽ محققن لاءِ تحقيق جو نئون رخ سامهون آندو آهي ۽ ساٿين کي اڳتي وک وڌائڻ گهرجي ۽ لطيف سائين جي عوامي شاعري ۾ سگهڙائپ جي صنفن کي چٽو ڪري سگهڙ سنگت به پنهنجي ٻولي ۽ فڪر، فن، سٽاءُ، هنر، ڏور بيت ۽ ڳجهارت ۽ خاص طور رسالو ڳجهارت کي اڃا سگهارو ڪري سگهي ٿي.
سليم ڀٽو لطيفي
2016-11-14