شاهه جي شعرن ۾ لوڪ رسمن جو ذڪر.!
سون برابر سڳڙا، مون کي ٻانُهن ٻڌائون.
(سُر مارئي)
اهي ڳانا يا سڳڙا ايسيتائين گهوٽ ۽ ڪنوار کي ٻڌل هوندا آهن، جيسين لانئون اچي وڃن ۽ نکيٽي ٿي وڃي. لانئن ويل جيڪي ساٺ سنئوڻ ڪيا ويندا آهن، انهن ۾ “ڏانوڻ ڏانئڻ” به هڪ رسم آهي، جڏهن گهوٽ ڪنوار جي گهر جي در تي پهچندو آهي، تڏهن ڪيتريون ڪنواريتيون زالون سندس رستو روڪي بيهنديون آهن، انهن مان گهوٽ جي سالي يا ٻي ڪا سهاڳڻ هڪ ڪچو ڌاڳو کڻي پير جي آڱوٺي کان وٺي سندس مٿي تائين ڏانوڻ ڏائيندي آهي ۽ ڪجهه لاڳ وٺي پوءِ ڇڏينديون آهن، انهيءَجو مطلب هوندو آهي ته مرد پنهنجي ونيءَ وٽ ڪچي ڌاڳي ۾ ٻڌو پيو هجي. اها رسم شاهه صاحب جي زماني ۾ به هئي ۽ سسئي جي واتان چورائي ٿو ته:
ڪيچين آءُ نه ڪڙي، ڪنهن ڏکيءَ ڏانوڻ ڏائيو.
(سُر سسئي)
“ڏکيءَ ڏانوڻ ڏايو” جو مطلب آهي ته سسئي کي اهو وهم ٿي پيو ته شايد ڪنهن اهڙيءَ زال ڏانوڻ ڏائيو هو، جيڪا سهاڳڻ نه هئي، جنهنڪري کانئس پنهل رُسي ويو، ان ڪري سنڌي سماج ۾ ڪنهن به ڏهاڳڻ کان ڏانوڻ جي رسم ادا نه ڪرائي ويندي آهي.
مٿئين سنئوڻ وانگر ڪن حصن ۾ اڄ به گهوٽ کان ڍڪڻ ڀڃائڻ جي رسم ڪنوار جي گهر ۾ ادا ڪرائي ويندي آهي. سُر ليلان ۾ شاهه صاحب انهيءَ سنئوڻ جو ذڪر ڪيو آهي.
پوچا ڏٺم پير، ڍڪڻ مٿي ڍول جا،
مون ڀائيون تنهن وير، ڪوجهِي ڪندو پريتڙي.
(سُر ليلان)
ان کانپوءِ گهوٽ جو پيءُ يا ماءُ، يا ڪا سهاڳڻ عورت ٻنهيءَ جا مٿا ٽڪرائيندي آهي، جنهن کي لانئون چئبو آهي، شاهه صاحب “سُر مارئي” ۾ لانئن جي رسم جو ذڪر ڪندي مارئي جي واتان چورائي ٿو:
“مون ماروءَ سين لڌيون، لوئيءَ ۾ لانئون.”