قسط 7
ٻي طرف چيف جسٽس هاورڊ سان هڪئي اسٽيج تي ويهڻ جو تصور به ڪو خوش ڪندڙ نه هو. هاورڊ اهو شخص هو جنهن جي فيصلن کي هن سدائين واکاڻيو هو. ان جي موجودگيءَ ۾ 35هين ترميم جي حق ۾ ڳالهائڻ ڪيئن سٺو لڳي ها. هيستائين هن انتظاميه سان هڪ رسمي لڳ لاڳاپو رکيو هو. پر هڪ پبلڪ گڏجاڻيءَ ۾ 35هين ترميم جي وڪالت ڪرڻ جي معنيٰ اها هئي ته هو صدر جي لائوڊ اسپيڪر جي حيثيت سان استعمال ٿي رهيو آهي؟ وري هاورڊ جي سامهون وڪالت ڪرڻ! پر انڪار جي گنجائش به ته نه هئي.
“ته اهو آهي تفصيلي پروگرام.” ٻئي پاسان صدر جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو.” سمجهي ويئين نه؟”
“ٺيڪ آهي سائين! ايندڙ جمع تي مونکي لاس اينجلس پهچڻو آهي. منجهند جو هڪ بجي “حق جي ڳولا” پروگرام ۾ شرڪت ۽ ٽپهري جو ٽين بجي آمريڪن بار ايسوسئيشن کي خطاب ڪرڻو اٿم.”
“انهن ٻنهي سلسلن جي لاءِ چڱيءَ طرح تياري ڪري وٺ. ٽوني هيرس کي 35هين ترميم کي لتاڙڻ جو موقعو نه ڏج. پر ان کان اڳ کيس لتاڙي ڇڏج.”
“آئون پوري ڪوشش ڪندس سائين!”
“بار ايسوسيئشن جي لاءِ ٺوس بنيادن تي تقرير ڪج. اتي موجود ميڙ ٽي وي ڏسندڙن کان مختلف هوندو. اسانجو سڄو مدار توتي آهي. اهو ياد رکج، ۽ ها وڃڻ کان اڳ مون سان ملج.”
رسيور رکڻ کانپوءِ ڪرسٽوفر دريءَ وٽ وڃي بيٺو. هن جي دل ٻڏڻ لڳي هئي. ڪجهه دير کان پوءِ هو واپس آيو ۽ پنهنجي ڪم ۾ مصروف ٿي ويو. ٽيليفون جي گهنٽي لڳاتار وڄندي رهي، پر کيس رسيور کڻڻ جي گهرج محسوس نه ٿي. ماريان پاڻ ئي فون جي ڪالن کي منهن ڏيئي رهي هئي.
ڪرسٽو فر ڪنڌ مٿي کنيو ته کيس احساس ٿيو ته ڪمري ۾ اوندهه سري آئي هئي. هن گهڙي ڏٺي. موڪل جو وقت ٿي ويو هو. گذريل ڪيترن ئي مهينن کان هو صحيح وقت تي آفيس مان نڪري نه سگهيو هو. هن سوچيو اڄ ڇو نه مناسب وقت تي پهچي ڪيرن کي حيران ڪري ڇڏيان. هن باقي ڪاغذ بريف ڪيس ۾ رکڻ شروع ڪيا، جو فون جي گهنٽي وڳي، پر هن نظر انداز ڪري ڇڏي. پوءِ انٽرڪام وڄيو. ماريان ٻڌايس ته ڪو فادر ڊوسڪي ساڻس ضروري ڳالهه ٻولهه ڪرڻ ٿو چاهي. هو گهڻو زور پيو ڀري.
ڪرسٽوفر کي هڪدم فادر ڊوسڪي ياد اچي ويو. ان سان گڏ هن جو تجسس به وڌي ويو. “مهرباني ماريان، آئون ساڻس ڳالهايان ٿو، تون ڀلي وڃ، سڀاڻي ملنداسين.” پوءِ هن رسيور کنيو ۽ مائوٿ پيس وات تي رکي چيائين. “جي فادر! آئون ڪرسٽوفر ڪولنس پيو ڳالهايان.”
“آئون سوچي رهيو هئس ته شايد تون مون سان نه ڳالهائين، شايد آئون توکي ياد به نه هجان. اسين ڪرنل بيڪسٽر جي حوالي سان اسپتال ۾ مليا هئاسين.”
“مونکي ياد آهي فادر، مون خود اوهان سان ملڻ پئي چاهيو.”
“آئون توسان ملڻ ٿو چاهيان. جيترو جلد ٿي سگهي اوترو چڱو. تنهنجي دلچسپي جي معاملي تي ڳالهائڻو اٿم ۽ ٽيليفون تي ڳالهائڻ صحيح ڪونهي. جيڪڏهن اڄ نٿا اچي سگهو ته سڀاڻي....”
ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو. “آئون..... اجهو اڌ ڪلاڪ ۾ ٿو پهچان.”
“مونکي خوشي ٿيندي،” فادر جي آواز مان اطمينان محسوس ٿيو.
“تون چرچ هليو اچ.... پر سامهون واري گيٽ وٽان متان اچين..... 35هين رستي جي کاٻي پاسي مڙي وڃج. کاٻي هٿ تي ريڪٽري بلڊنگ آهي. اهو به ٻڌائي ٿو ڇڏيان ته مکيه دروازي جي نگراني ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي ان ڳالهه ۾ چڱائي آهي ته ان ملاقات جي ڪنهن کي به خبر نه پئي. مون سا ڳالهائڻ کانپوءِ ان جي اهميت پاڻهي سمجهي ويندين.”
“ٺيڪ آهي فادر! آئون اڌ ڪلاڪ ۾ پهچي ٿو وڃان. خدا حافظ!”
•
پنهنجي سرڪاري ۽ ڪيڊلڪ ڪار ۾ “جارج ٽائون” ويندي ڪرسٽوفر سوچي رهيو هو ته فادر ساڻس ڇا ٿو ڳالهائڻ چاهي. گذريل ملاقات ۾ هن ڪرنل بيڪسٽر جي آخري لفظن جي سلسلي ۾ سهڪار کان صاف نابري واري هئي. اها ڳالهه سمجهه ۾ اچڻ واري نه هئي ته هاڻ فادر پنهنجي فيصلي ۾ ترميم آندي هئي. يا ٻي اهڙي ڳالهه هئي، جنهن جي لاءِ فادر ايترو بي تاب آهي ۽ عجب جي ڳالهه اها به آهي ته فادر کيس چرچ جي مکيه دروازي جي نگرانيءَ بابت ٻڌايو. اها نگراني ڪير پيو ڪري؟ ۽ ڪنهن جي لاءِ؟
هن جي ذهن جو وهڪرو اڳين سيٽ تي ويٺل ٻنهي ڄڻن ڏانهن مڙي ويو. پگانو اڳوڻو پرائز فائٽر هو. جنهن کي هو پنهنجي ڊرائيور جي حيثيت سان ڪيلفورنيا مان پاڻ سان گڏ وٺي آيو هو. پگانو سندس ٿورائتو هو، ڇو ته هن پگانوءَ کي يقيني سزا کان بچايو هو. ان ڏينهن کان وٺي پگانو هن جو غلام بڻجي ويو هو. هو مڪمل طور تي اعتبار جي لائق هو. ٻيو شخص سندس باڊي گارڊ ايف بي آئي جو ايجنٽ گوگن هو. جنهن کي خود ڪرسٽوفر وڏي ڇنڊ ڇاڻ کانپوءِ چونڊيو هو. هو به اعتبار جوڳو هو.
هاڻ هو 35هين رستي تي پهچي رهيا هئا. “پگانو! گاڏي 35هين رستي او اسٽريٽ جي موڙ تي روڪ!” هن هدايت ڏنس، “مونکي اتي لاهي ڇڏ. آئون نٿو چاهيان ته ڪار ڪنهن کي نظر اچي.”
ڪار ڪارنر تي بيٺي ته ڪرسٽوفر جلدي دروازو کولي لٿو. “هاڻ ڪار ڪٿي بيهاري ڇڏ! آئون توکي پاڻ ئي ڳولهي لهندس. اهو چوڻ ڏکيو آهي ته منهنجي واپسي ڪيتري دير ۾ ٿيندي.” اهو چئي هو او اسٽريٽ ڏانهن وڌي ويو. هوگن به لهي آيو ۽ ساڻس گڏ پنڌ هلڻ لڳو. “ٺيڪ آهي، تون ريڪٽر تائين مون سان گڏ هل، اندر آئون اڪيلو ويندس..... تون ٻاهر منهنجو اوسيئڙو ڪج.” هن هوگن کي چيو.
هو دروازي تائين پهتو ئي مس، جو اڻ ڏٺل هٿ دروازو کولي ڇڏيو. پوءِ ڄاتل سڃاتل آواز ٻڌائين. “اندر اچو مسٽر ڪولنس.”
ڪرسٽوفر اندر گهڙيو. فادر ڪاري لباس ۾ بيٺو هو. هو ڪرسٽوفر کي اتان وٺي پارلر ۾ آيو. “هي پارلر سائونڊ پروف آهي.” هن ڪرسٽوفر کي ٻڌايو.
“اهو ته ٻڌايو ته چرچ جي مکيه دروازي جي نگراني ڪير پيو ڪري.” ڪرسٽوفر کان رهيو نه ٿيو.
“ايف بي آئي.” فادر وراڻيو.
“ايف بي آئي!” ڪرسٽوفر حيرت مان پڇيو، “پر ڇو؟”
“اوهين ويهو! آئون اوهانکي سمجهايان ٿو........ پر پهرين اهو ٻڌايو ته اوهين چانهن پيئندا يا ڪافي؟”
ڪرسٽوفر شائستگيءَ سان انڪار ڪيو ۽ ڪرسيءَ تي ٿي ويٺو. فادر به سندس ڀرسان ٿي ويٺو ۽ بنان ڪنهن ڊيگهه جي چوڻ لڳو. “اڄ صبح جو هڪ همراهه مون سان گڏجڻ جي لاءِ آيو هو. سڃاڻپ ڪارڊ ۾ سندس نالو هيري ايڊورڊ هو ۽ عهدو ايف بي آئي جو ڊپٽي ڊائريڪٽر لکيل هيس. هن مون کان ڪرنل بيڪسٽر جي آخري ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ پڇيو. مون انڪار ڪندي چيو ته اها منهنجي سيني ۾ هڪ امانت آهي، جيڪا آئون ڪنهن کي ٻڌائي نٿو سگهان. ايستائين ته ڪا خاص ڳالهه ڪونهي..... پر پوءِ مسٽر ايڊورڊ انڪار تي مونکي دڙڪو ڏنو.”
“هائو! پر آئون تفصيل ۾ وڃڻ کان اڳ اهو ڄاڻڻ چاهيندس ته مسٽر ايڊورڊ کي ڪرنل بيڪسٽر سان منهنجي ڳالهه ٻولهه جي باري ۾ ڪيئن خبر پئي؟”
ڪرسٽوفر ڪجهه دير ذهن تي زور ڏيندو رهيو. پوءِ کيس ياد آيو ته “ها اهو ته مون ئي کيس ۽ ڊائريڪٽر کي ٻڌايو هو. مون سوچيو هو ته ٿي سگهي ٿو ته ٿامسن ان سلسلي ۾ منهنجي مدد ڪري سگهي. ڇو ته هو ڪرنل بيڪسٽر جي گهڻو ويجهو رهيو هو. پر هن کان مونکي ڪابه مدد ملي نه سگهي.” پوءِ هو سوچ ۾ پئجي ويو. “هيري ايڊورڊ! ٿامسن جو ڪلهو آهي، هو ٿامسن جي چوڻ تي ئي اوهان سان ملڻ جي لاءِ آيو هوندو. پر هڪ ڳالهه اعتبار جوڳي ڪونهي ته اوهانجي انڪار تي هن اوهانکي دڙڪو ڏنو.”
“دڙڪو ڇا! آئون ته انهيءَ کي بليڪ ميلنگ چوندس.” پادريءَ ٿڌو ساهه کڻي چيو. “ائين ٿو لڳي ته بيورو وارا هر شخص جي ماضيءَ کي ڦلهورين ٿا، ته جيئن ڪنهن ڪمزوريءَ جي حوالي سان بليڪ ميل ڪري کيس پنهنجن اشارن تي نچائي سگهن ۽ ان جي لاءِ معصوم ماڻهن کي به نٿا بخشين.”
“جيتوڻيڪ ظاهري طور تي ايف بي آئي جو اهو طريقو ڪونهي.” ڪرسٽوفر جلدي صفائي پيش ڪئي.
“بهرحال! منهنجي معاملي ۾ ته ائين ئي ٿيو آهي.” پادريءَ ٿڌي لهجي ۾ چيو. هنن مون بابت ڇنڊ ڇاڻ ڪئي ۽ معلوم ڪري ورتو ته ٽرينٽين ۾ مونکي منشيات جي اسمگلنگ ۾ ڦاسايو ويو هو. حقيقت اها آهي ته مون اتي منشيات فروشن جي خلاف مهم هلائي هئي. هنن ديول ۾ هيروئن رکي پوليس کي اطلاع ڏنو. پوليس چرچ مان هيروئن برآمد ڪئي. جاچ ٿي بشپ صاحب جي مداخلت مونکي اسڪينڊل کان بچائي ورتو. هونئن به آئون بي گناهه هئس. پوليس ڪيس ختم ڪري ڇڏيو. هاڻ مسٽر ايڊورڊ دڙڪو ڏنو آهي ته ڪيس ٻيهر کولي سگهجي ٿو ۽ ان سان پادريءَ جي حيثيت سان منهنجي ساک کي نقصان رسندو. تنهنڪري چڱائي ان ۾ آهي ته آئون ڪرنل بيڪسٽر سان پنهنجي ڳالهه ٻولهه ورجايان. مون چيو، “آئون ڪنهن به اسڪينڊل کان نٿو ڊڄان ۽ حقيقت ۾ مونکي ڊڄڻ جي ضرورت به ڪهڙي آهي ڇو ته آئون ڏوهاري نه آهيان. پوءِ به سڄو ڏينهن سوچيندو رهيس ته گورنمنٽ جي اها ايجنسي انهن ماڻهن خلاف ڪم پئي ڪري، جن کي تحفظ ڏيڻ جي لاءِ قائم ڪئي ويئي آهي. اها ڪرپشن ڪونهي ته ٻيو ڇا آهي؟”
“مونکي يقين نه پيو اچي، “ڪرسٽو فر هٻڪيو. “ڪرنل بيڪسٽر جي آخري ڳالهه ايتري اهم ٿي سگهي ٿي، جو اها ڪڍڻ جي لاءِ ٿامسن واهيات طريقن تي لهي آيو آهي.”
“مونکي خبر ڪونهي، ان جو جواب تون ئي ڏيندين. ڇو ته ان لاءِ مون ئي توکي گهرايو آهي ته جيئن ڪرنل بيڪسٽر سان ٿيل آخري ڳالهه ٻولهه توکي ٻڌائي ڇڏيان.”
ڪرسٽوفر کي پنهنجي ڪنن تي يقين ئي نه پئي آيو. هن جي جسم ۾ سنسني ڊوڙڻ لڳي.
“مون ڪافي سوچيو ۽ ويچاريو آهي.” پادريءَ چيو. “۽ ان نتيجي تي پهتو آهيان ته ڪرنل مونکي جيڪو ڪجهه چيو، اهو حقيقت ۾ تنهنجي لاءِ هو. ان ڪري اهو منهنجو روحاني فرض آهي ته آئون امانت تنهنجي حوالي ڪري ڇڏيان. هاڻ ڌيان سان ٻڌ، آئون ڪرنل بيڪسٽر جا آخري لفظ ورجائي رهيو آهيان.” ڪرسٽوفر جي دل جي ڌڙڪن بي ربط ٿي ويئي هڪ ڳجهه حل ٿيڻ وارو هو. “مون اهي لفظ ڪاغذ تي لکي ورتا هئا.” پادريءَ ڪاغذ ڪڍي سامهون رکيو. “آئون لفظ به لفظ ٻڌائي رهيو آهيان. ڪرنل چيو هو”. ها فادر! آئون گناهه گار آهيان. مون وڏو گناهه ڪيو آهي. پر هاڻ مونکي اعتراف ڪري وٺڻ گهرجي. هاڻ هو مونکي تابع ڪري نٿا سگهن. هاڻ آئون آزاد آهيان. مونکي کانئن ڊڄڻ جي گهرج ڪونهي. ڳالهه 35هين ترميم جي آهي.”
“35هين ترميم!” ڪرسٽوفر چپن ۾ ڀڻڪ ڪئي.
“35هين ترميم جي ذڪر کانپوءِ ڪرنل جو آواز ٻڏڻ لڳو. مون فقط ايترو ٻڌو. آر دستاويز ....... خطرو ..... خطرناڪ ٽرڪ ....... کي بي نقاب ڪرڻ بي حد ضروري آهي..... هڪدم آر دستاويز ....... اهو....” پوءِ ڪرنل جو آواز ٻڏي ويو. آئون اهي لفظ ٻڌي نه سگهيس. هڪ گهڙي کانپوءِ ٻيهر آواز اڀريو. “مون ڏٺو...... ٽرڪ...... وڃ....... ملينس.” پوءِ ڪرنل جي ساهه جي ڏوري ٽٽي پئي.”
ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو. کيس ايئن لڳو ڄڻ خود قبر ڪرنل بيڪسٽر جا لفظ ورجايا آهن.” ڪرنل آر دستاويز چيو هو؟” هن پڇيو.
“هائو! مون چٽي طرح ٻڌو هو...... هن ٻه ڀيرا آر دستاويز جو ذڪر ڪيو هو.”
“۽ ڪرنل وڌيڪ ڪجهه به نه چيو.... اوهان کي يقين آهي؟”
“چيو هوندو، پر لفظ آئون سمجهي نه سگهيس. اندازو ڪري نه سگهيس.”
“فادر! اوهانکي اندازو ڪونهي ته آر دستاويز ڪهڙي شيءِ آهي؟”
“منهنجي خيال ۾ ته ان جي توکي خبر هوندي.”
“مونکي خبر ڪونهي.” ڪرسٽوفر سوچ ۾ پئجي ويو. اهو ئي پيغام هو. جيڪو ڪرنل بيڪسٽر جي نظر ۾ ارجنٽ هو، ايترو ارجنٽ جو اهو پهچائڻ کانسواءِ هن مرڻ به نٿي چاهيو. هڪ ڳجهارت حل ٿي هئي. پر پيغام خود ڪنهن ڳجهارت کان گهٽ نه هو. هو ڪڙيون ملائڻ لڳو. 35هين ترميم، آر دستاويز، هڪ ٽرڪ جيڪا خطرناڪ هئي، جنهن کي هڪدم ظاهر ٿيڻ کپي. “اهو پيغام هن مونکي ڇو ڏنو؟” هن ڀڻڪيو، “پيغام صدر کي ڇو نه ڏنو؟ پنهنجي زال کي ان ۾ شريڪ ڇو نه ڪيائين فقط مونکي ..... ڇو؟ ڇا ان لاءِ ته آئون سندس جانشين هئس؟”
“۽ شايد ان لاءِ ته هن صدر صاحب ۽ ٿامسن جي ڀيٽ ۾ توکي وڌيڪ اعتبار جوڳو سمجهيو.” پادريءَ راءِ ڏني.
“پر آئون ته اهو پيغام سمجهڻ کان لاچار آهيان. اهو آر دستاويز ڪهڙي بلا آهي؟” ڪرسٽوفر جي لهجي ۾ مايوسي ۽ چڙ هئي. “بهرحال! مون پنهنجو فرض پورو ڪري ڇڏيو.” فادر اُٿي بيٺو. “هاڻ آئون تنهنجي لاءِ دعا ڪري سگهان ٿو.”
•
ان رات ماني کائڻ جي دوران، ڪرسٽوفر ڪيترا ڀيرا سوچيو ته ڪيرن کي فادر ڊوسڪيءَ سان ملاقات جي باري ۾ ٻڌائي، پر ڪا اڻ ڄاڻ حس کيس روڪيندي رهي. هونئن به هن ڪيرن کي پريشان ڪرڻ نٿي چاهيو. پاڻ ته پريشان ٿو چڪو هو. البته هن ڪيرن کي صدر جي هدايتن جي باري ۾ تفصيل سان ٻڌايو. هن ڪيرن کي به ڪيليفورنيا هلڻ جي لاءِ چيو پر ڪيرن ٿڪاوٽ ۽ طبيعت خراب هئڻ جو عذر پيش ڪيو.
ڪرسٽوفر پروگرام ٺاهيو ته ڪيليفورنيا ۾ رهڻ جي دوران پنهنجي پٽ جون سان به ملندو. تنهن کانسواءِ کيس اسيمبلي جي ميمبر اولن ڪيف سان به ملڻو هو، جنهن سان ملڻ جي پال هلرڊ سفارش ڪئي هئي. اولن ڪيف جي دعويٰ هئي ته ٿامسن ڏوهن جا انگ اکر وڌائي پيو پيش ڪري. فادر سان ملاقات کانپوءِ هو پاڻ به ايف بي آئي جي ڪردار کان مشڪوڪ ٿي ويو هو.
صبح جو اٿيو ته مٿي تي آر دستاويز جو بار هئس. آفيس جي لاءِ ڊرائيونگ ڪندي هن ڪرنل بيڪسٽر جي خواهش بابت سوچيو. جنهن موجب کيس آر دستاويز جي باري ۾ ڄاڻڻ ۽ ان کي بي نقاب ڪرڻو هو. پوءِ هو مُنجهڻ لڳو. ڪرنل ڪهڙي ٽرڪ ڏٺي هئي. ان بابت ڪيئن معلوم ڪجي. هن منطقي انداز ۾ سوچڻ جي ڪوشش ڪئي. سڀ کان پهرين هن ڪرنل جا فائيل ۽ ڪاغذ ڦلهورڻ ٿي چاهيا، ڪرنل جو سڀ شيون ماريان وٽ محفوظ هيون. بظاهر ته اهو ڪم سولو هو. پر ڏکيائي اها هئي ته کيس آر دستاويز جي باري ۾ ڪا به خبر نه هئي. آر لفظ کان شروع ڪجي. 35هين ترميم جي حوالي سان لفظ ٽي سان شروع ڪجي. سيڪرٽ جي حوالي سان لفظ ايس سان يا خطرناڪ جي حوالي سان لفظ ڊي کان شروع ڪجي. پوءِ به کيس اندازو هو ته فائلن مان مدد ملڻ مشڪل هئي، ته پوءِ ڪرنل جون ذاتي شيون ڦلهوريون وڃن. سندس ويجهن دوستن يا ويجهن ماڻهن کان پڇيو وڃي، شايد هنن مان ڪنهن ‘آر دستاويز’ جو ذڪر ٻڌو هجي. سوال اهو آهي ته پهرين ڪنهن سان ملجي. ان سلسلي ۾ ورنن ٿامسن بي حد مناسب ماڻهو هو. ڪرنل جي آخري لفظن مان اهڙي ڳالهه جي چٽائي نه پي ٿي نه ڪو ٿامسن شڪي ماڻهو آهي. البته هڪ دليل هو ته ڪرنل هن جي بدران ٿامسن کي ڇو نه گهرايو؟ ڇا ان لاءِ ته هن جي نظر ۾ ٿامسن اعتبار جوڳو ماڻهو نه هو. ٻيو دليل اهو هو ۽ وڌيڪ اثرائتو هو ته هن ٿامسن کي ٻڌايو هو ته ڪرنل بيڪسٽر مرڻ مهل فادر ڊوسڪي کي ڪجهه چيو هو. ان تي ٿامسن جو رد عمل غير معمولي هو. هن هڪدم هيري ايڊ ورڊ کي پڇا ڳاڇا لاءِ موڪليو. فادر مان ڳالهه ڪڍڻ جي ڪوشش ۾ بليڪ ميلنگ تي لهي آيو. ڇو؟ ڇا ان لاءِ ته ڪرنل بيڪسٽر جيڪي ڪجهه چيو، ٿامسن جي ڄاڻ ۾ واڌارو ڪري ٿي سگهيو؟ يا ان لاءِ ته هن جي خيال ۾ ڪرنل ڪو اهڙو راز فاش ڪيو هو، جيڪو هن جي ۽ ڪرنل جي وچ ۾ هو؟
پوءِ کيس ڪرنل بيڪسٽر جي بيوه حنا بيڪسٽر جو خيال آيو، جنهن تي اعتبار ڪري ٿي سگهجيو. هو ڪرسٽوفر سان سدائين مهربانيءَ سان پيش ايندي هئي. اها مدد به ڪري ٿي سگهي، پر هتي سوچڻو ن ٿي پيو ته ڪرنل دل جو بار هن جي سامهون هلڪو ڇونه ڪيو. جيتوڻيڪ ڪرنل کيس پنهنجي زال جي وسيلي ئي گهرايو هو. ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري به ته ڪرنل پنهنجي ڪم بابت ڪڏهن به نه ڳالهائيندو هو.
پنهنجي آفيس ۾ پهچي هن ماريان کان ڪرنل بيڪسٽر جا فائيل گهريا. “ڪرنل جا فائيل ٻن قسمن جا آهن.” ماريان وضاحت ڪئي. “سرڪاري فائيل ته مون وٽ آهن. باقي ذاتي فائيل هن جي فائر پروف ڪيبينٽ ۾ هوندا هئا. هو اسپتال م داخل ٿيو ته اها ڪيبينٽ سندس گهر موڪلي ويئي.”
“ته ذاتي فائيل هن جي گهر ۾ آهن؟” ڪرسٽوفر پڇيو.
“هائو! مونکي گهربل فائيل بابت ٻڌايو، آئون سندس گهر وڃي فائيل کڻي اينديس.”
“نه! تون تڪليف نه ڪر. اهو ڪم آئون پاڻهي ڪري وٺندس.”
“ٺيڪ آهي، آئون مسز بيڪسٽر کي فون ڪري وقت مقرر ڪري ٿي وٺان.”
ڪرسٽوفر کي احساس ٿي ويو ته اها ‘آر دستاويز’ جي سلسلي ۾ سندس پهرين انٽرويو جي ڳالهه پئي ٿي. “ٺيڪ آهي ماريان، اڄ شام جو وقت مناسب رهندو ۽ ها ماريان مونکي آر دستاويز جي ڳولا آهي. تو اهو نالو ٻڌو آهي؟”
ماريان ڪجهه گهڙيون ذهن تي زور ڏنو. پوءِ چيائين. “گهٽ ۾ گهٽ مون ان نالي جو ڪو به دستاويز ڪڏهن فائيل نه ڪيو هو.”
“اهو شايد 35هين ترميم بابت ڪو ميمورنڊم هو. تون پنهنجا فائيل ڏسي وٺ!” ڪرسٽوفر چيو ۽ پنهنجن ڪمن ۾ مصروف ٿي ويو. هن ڊائريڪٽر انفارميشن سان به ڳالهايو، جيڪو تقرير تيار ڪرائي رهيو هو. جيڪا کيس آمريڪن بار ايسوسيئيشن جي ڪنوينشن ۾ ڪرڻي هئي. پوءِ هن پنهنجي ڊپٽي سان هڪ سرڪاري ڪم جي سلسلي ۾ ڳالهايو.
ٻنپهرن جو ماريان کيس اطلاع ڏنو ته ‘آر دستاويز’ ڪرنل جي سرڪاري فائيلن ۾ موجود ڪونهي. هن اهو به ٻڌائيس ته مسز بيڪسٽر ساڻس ٻين بجي ملي سگهندي.
مانجهاندي کانپوءِ ڪرسٽوفر آر دستاويز جي پهرين ڳولا جي مهم جي لاءِ روانو ٿي ويو. پگانو گاڏي هلائي رهيو هو، هوگن ساڻس گڏ ويٺل هو. ٻن ٿيڻ ۾ اڃا پنج منٽ هئا جو آنجهاني ڪرنل بيڪسٽر جي گهر سامهون لٿو ۽ اطلاعي گهٽيءَ جو بٽڻ دٻايو. پگانو ۽ هوگن ڪار ۾ ئي ويٺا رهيا. شيدڻ نوڪرياڻي ڪرسٽوفر کي اندر وٺي ويئي.
ڊرائنگ روم ۾ پهچي ڪرنل سگريٽ دکايو. ان گهڙيءَ حنا بيڪسٽر جو پوٽو رڪي ڪمري ۾ گهڙيو. هن جي هٿ ۾ هڪ ڪيسٽ ريڪارڊ هو.
“هيلو مسٽر ڪولنس!” هن چيو.
“ڇا ڳالهه آهي رڪي، تون اڄ اسڪول نه ويو آهين؟” ڪرسٽوفر پڇيو.
“ڊرائيور بيمار هو، تنهنڪري اڄ موڪل ملي ويم.” رڪي خوش ٿي ٻڌايو ۽ ان دوران هو پنهنجي ڪيسٽ ريڪارڊ تي ٽچ ٽچ ڪندو رهيو.
“هن ۾ ڪا خرابي ٿي پئي آهي ڇا؟”
“هائو! ... مونکي هڪ پروگرام ريڪارڊ ڪرڻو آهي.”
“هيڏانهن مونکي ڏي!” ڪرسٽوفر هٿ وڌائيندي چيو. ٻارنهن سالن جي رڪي ڪيسٽ ريڪارڊ هن جي حوالي ڪري ڇڏيو. هن پهرين بٽڻ چيڪ ڪيا پوءِ ريڪارڊ کولي ڏٺو. ان ۾ ننڍڙي خرابي هئي. جيڪا هن ٺيڪ ڪري ڇڏي، پوءِ هن پلي ۽ ريڪارڊ جو بٽڻ دٻائي چيڪ ڪيو. هاڻ ڪيسٽ ريڪارڊ ڪري رهيو هو.
رڪي مهرباني مڃي. “هيءَ منهنجي هابي آهي سائين! آئون ريڊيو ۽ ٽي وي تان نشر ٿيندڙ سڀئي سٺا انٽرويو ريڪارڊ ڪندو آهيان. اسڪول ۾ ڪنهن وٽ به مون جيترو ذخيرو ڪونهي.”
“هائو! ۽ هڪ ڏينهن ان ذخيري جي وڏي اهميت ٿيندي.” ڪرسٽوفر چيو. هو دل ئي دل ۾ سوچي رهيو هو ته هي ٽيپ ريڪارڊ جو دور آهي، اهو ئي حال رهيو ته مستقبل ۾ ماڻهو لکڻ وساري ويهندا ۽ 35هين ترميم منظور ٿي ويئي ته اڃا به خراب ٿيندو. جاسوسيءَ جا اليڪٽرانڪ اوزار عام ٿي ويندا.
“هيلو ڏاڏي!” رڪي جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو. ڪرسٽوفر تيزيءَ سان اٿي بيٺو. هن حنا بيڪسٽر کان طبيعت پڇي ۽ احترام واري لهجي ۾ سندس مڙس جي وفات تي ڏک جو اظهار ڪيو. حنا رڪي کي پنهنجي ڪمري ۾ موڪلي ڇڏيو. هن اڃا هوم ورڪ نه ڪيو هو. رڪي جي وڃڻ کانپوءِ هن ڪرسٽوفر کي ويهڻ جو اشارو ڪيو ۽ پاڻ به ويهي رهي. ڪجهه دير هوءَ پنهنجي مڙس جي گذريل وقت جون ڳالهيون ڪندي رهي ۽ پوءِ ٿڌو ساهه کڻندي چيائين.” ڇڏ کڻي انهن ڳالهين کي .... ٻڌاءِ تنهنجو ڪم ڪار ڪيئن پيو هلي؟”
“ڪم سولو ڪونهي، هاڻ مونکي اندازو ٿئي ٿو ته ڪرنل ڪيترو نه ذهين ۽ ڦڙت هو.”
“هو سدائين اهو ئي چوندو هو ته اهو ڪم ڀُرڪڻي مٽي تي ڊوڙڻ وانگر آهي. پر ڪرس! ڪرنل کي توتي وڏو ڀروسو هو. هن جو چوڻ هو ته تون ان عهدي جي لاءِ بي حد مناسب ماڻهو آهين.”
“ان رات هن مونکي ڪم جي سلسلي ۾ ئي گهرايو هو؟”
“بلڪل!”
“هن اوهانکي ڇا چيو هو؟”
“هو هوش ۾ آيو ته آئون وٽس ئي ويٺي هيس، هو بي حد ڪمزور ٿي ويو هو. مونکي ڏسي هن جي اکين ۾ شناسائي جي چمڪ اڀري. پوءِ هن جهيڻي آواز ۾ ڪجهه چيو. پوءِ هن مونسان ذاتي نوعيت جون ڳالهيون ڪيون. پوءِ چيائين “ڪرسٽوفر کي گهرائي.” اهو بي حد ضروري آهي. مونکي ساڻس ضروري ڳالهائڻو آهي. اهو ارجنٽ آهي. مون هڪدم توکي گهرائڻ جي ڪوشش ڪئي. پر افسوس جو تون وقت تي پهچي نه سگهين.”
“هڪ ڳالهه ته ٻڌايو، هن جيڪو ڪجهه مونکي ٻڌائڻ ٿي چاهيو، اهو اوهانکي ڇو نه ٻڌايو.”
حنا بيڪسٽر ڇرڪي، شايد هن ان انداز ۾ سوچيو ئي نه هو. “هو ايئن نٿي ڪري سگهيو.” هن ۾ ڀروسي واري لهجي ۾ چيو “مونکي يقين آهي ته اها ڳالهه هن جي ڪم بابت هئي ۽ هو مون سان اهڙي ڪا ڳالهه بلڪل نه ڪندو هو. هو نجي زندگيءَ کي آفيس جي زندگيءَ کان بلڪل ڌار رکندو هو.”
ڪرسٽوفر کيس ٻڌائڻ ٿي چاهيو ته ڪرنل پادري ڊوسڪيءَ سان اها ڳالهه ٻولهه ڪئي هئي، پر ڪجهه سوچي هو ماٺ ٿي ويو. حنا بيڪسٽر کي انهن معاملن ۾ ملوث ڪرڻ مناسب نه هو، جنهن کان مڙسهينس کيس ڌار رکيو هئس. “ڪاش! منهنجي ساڻس ڳالهه ٻولهه ٿئي ها.” هن چيو. “ڪجهه ضروري فائيل مونکي نه پيا ملن. آفيس ۾ منهنجي سيڪريٽري چڱيءَ طرح ڏسي ورتو آهي. هن ٻڌايو ته ڪرنل جي ذاتي ڪيبينٽ گهر موڪلي ويئي هئي.”
“اهو صحيح آهي.”
“اوهين مونکي ڏيکاريو. ٿي سگهي ٿو گهربل فائيل ان ۾ موجود هجن.”
“اها ڪيبينٽ هاڻ هتي ته ڪونهي.” حنا جواب ڏنو. “جنهن ڏينهن ڪرنل لاڏاڻو ڪيو، ورنن ٿامسن اها ڪيبينٽ مون کان ٻن ٽن مهينن جي لاءِ گهرائي ورتي هئي. هن جو چوڻ هو ته ان ۾ ڪي ڳجهيون شيون آهن. توکي جيڪڏهن فائيلن جي گهرج آهي ته ٿامسن سان ڳالهائي، هو توسان سهڪار ڪندو.”
ڪرسٽوفر کي اها ڳالهه عجب جهڙي لڳي. ٿامسن جو ڪاغذن سان ڪهڙو واسطو ٿي پي سگهيو، پر هن اها ڳالهه حنا بيڪسٽر کي چوڻ نٿي چاهي. تنهنڪري هن چيو. “حنا! مونکي 35هين ترميم بابت ڪجهه ڪاغذن جي ڳولا آهي. جن کي ڪرنل آر دستاويز جو نالو ڏنو آهي. ڪڏهن اهو دستاويز اوهان جي نظر مان ته نه گذريو آهي؟”
“مونکي انهن فائيلن سان ڪابه دلچسپي نه هئي. اهو ئي سبب آهي جو مون ڪڏهن به انهن ڪاغذن کي هٿ به نه لڳايو.”
“هونهه، ممڪن آهي ته ڪرنل ڪڏهن اوهان سان آر دستاويز جو ذڪر ڪيو هجي؟”
حنا نهڪر ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “نه مونکي ياد ڪونهي، مون توکي ٻڌايو نه ته هو مونسان آفيس جي معاملن تي ڪڏهن به نه ڳالهائيندو هو.”
ڪرسٽوفر جي مايوسي هر گهڙي وڌندي ويئي. “اوهين ڪنهن اهڙي شخص کي سڃاڻو، جيڪو ڪرنل جي ويجهو رهيو هجي. ٿي سگهي ٿو ته ڪرنل ڪنهن اهڙي شخص کي آر دستاويز جي باري ۾ ٻڌايو هجي.”
“بيڪسٽر تنهائي پسند شخص هو.” حنا جواب ڏنو هن جا ويجها دوست گهڻا نه هئا. آفيس ۾ هيري ايڊورڊ ۽ ورنن ٿامسن سان ويجهو هو. پر نجي زندگيءَ ۾ .....” هو ڪجهه دير هن کي زور ڏيندي رهي. پوءِ چيائين “هائو! هڪ شخص اهڙو هو جيڪو نجي زندگيءَ ۾ هن جو دوست هو، ڊونالڊ ڪريڊن ۽ اهو گهڻو ويجهو هئس. اهو ئي سبب آهي جو ويچاري ڊونالڊ تي خراب وقت آيو ته بيڪسٽر کي گهڻو افسوس ٿيو. پوءِ هن جو رونالڊ سان ڪو رابطو نه رهيو.”
ڪرسٽوفر کي نالو ٻڌل محسوس ٿيو. هو ذهن تي زور ڏيندو رهيو. نيٺ اخبارن جي سرخين جي حوالي سان کيس اهو نالو ياد اچي ويو.
“ڊونالڊ تي ڪيس هليو ۽ کيس سزا ملي. هن وقت هو لوئس برگ جيل ۾ آهي.” حنا ٻڌايو، “هن جي جيل وڃڻ کانپوءِ بيڪسٽر هڪ ويجهي دوست کان محروم ٿي ويو. پنهنجي پوزيشن کي نظر ۾ رکندي هو جيل وڃي ساڻس ملي نٿي سگهيو. پر بيڪسٽر کي يقين هو ته ڊونالڊ بي ڏوهي آهي. هن جي نظر ۾ ڊونالڊ جي معاملي ۾ قانون جون تقاضائون ته پوريون ٿي ويون هيون، پر انصاف جون تقاضائون پوريون نه ٿيون هيون.”
“ڊونالڊ ڪريڊن، ها، مونکي ياد اچي ويو،” ڪرسٽوفر چيو. “ٻه ٽي سال اڳ جي ڳالهه آهي نه! ان مالياتي اسڪينڊل جي وڏي شهرت ٿي هئي. تفصيل البته ياد نه اٿم.”
“مڪمل تفصيل ته مونکي به ياد ڪونهي، بهرحال ڊونالڊ وڪيل هو. گذريل صدارتي انتظاميه ۾ هو صدر جو صلاحڪار هو. مٿس رشوت وٺڻ يا سرڪاري رقمن ۾ گهوٻيون هڻڻ جو الزام هو. ان سلسلي ۾ ايف بي آئي هالينڊ نالي هڪ شخص کي جهليو هو. جيڪو پوءِ سلطاني گواهه بڻجي ويو هو. هن مان ڏهه لک ڊالرن جي اها رقم نه نڪتي، جيڪا هالينڊ جي الزام موجب هو ٿرڊ پارٽيءَ کي پهچائڻ پي ويو. ڊونالڊ جو چوڻ هو ته رقم وٽس نه هئي، بهرحال هالينڊ جي شاهديءَ جي ڪري هو سزا کان بچي نه سگهيو.”
“هائو! هاڻ مونکي ڪجهه ياد پيو اچي. منهنجو خيال آهي ته کيس ڪا وڏي سزا ملي هئي.”
“پندرنهن سال ٽيپ!” حنا ٻڌايو، بيڪسٽر ان ڳالهه تي گهڻو ڏکارو هو ۽ هن جو چوڻ هو ته صدارتي انتظاميه پنهنجا پلئه آجا رکڻ جي لاءِ ڊونالڊ کي ڦاسايو آهي. هو ڪيس جي دوران فقط ايترو ڪري ٿي سگهيو ته سزا گهٽائڻ جي ڪوشش ڪري، پر ان ۾ به کيس ڪاميابي نه ٿي. بيڪسٽر جو ارادو هو ته ڊونالڊ پنج سال سزا ڪاٽي وٺي ته کيس پيرول تي آزاد ڪرائي وٺي. پر هاڻ بيڪسٽر ئي ڪونهي. هاڻ ڊونالڊ کي ڪنهن به شيءِ سان دلچسپي ڪونهي. خير ته آئون اهو چئي رهي هيس ته ڊونالڊ ئي اهو اڪيلو شخص هو، جنهن کان توکي مدد ملي ٿي سگهي.”
“اوهانجو مطلب آهي ته ڊونالڊ کي آر دستاويز جي باري ۾ ڪا نه ڪا خبر هوندي.”
“آئون پڪ سان ته ڪجهه به چئي نٿي سگهان. جيڪڏهن اهو دستاويز ايترو ئي اهم هو ته پڪ سان ڊونالڊ سان ڳالهه ٻولهه ٿي هوندي. هو ڏکين معاملن ۾ سدائين ڊونالڊ کان راءِ وٺندو هو. تون اٽارني جنرل جي حيثيت سان “لوئس برگ” وڃي ڊونالڊ سان ملي سگهين ٿو. تون کيس ٻڌائي سگهين ٿو ته هاڻ بيڪسٽر جي جاءِ تي تون هن جي مدد ڪندين ۽کيس پيرول تي ڇڏائيندين. ائين هو توسان سهڪار ڪندو ۽ توکي گهربل ڄاڻ مهيا ڪندو. آئون به کيس خط لکي ڇڏينديس ته تون بيڪسٽر جو سٺو دوست آهن ۽ توتي اعتبار ڪري سگهجي ٿو.”
“آئون اوهانجو ٿورائتو رهندس.” ڪرسٽوفر احسان منديءَ مان چيو، “آئون واقعي به کيس پيرول تي آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪندس.”
“ٺيڪ آهي.... آئون کيس خط لکي ڇڏيندس. خط ته مونکي هونئن به لکڻو ئي هو. تون وٽس ڪڏهن ويندين.”
“هڪ هفتي جي اندر اندر.” ڪرسٽوفر اٿندي چيو. “توهانجي وڏي مهرباني حنا! جيڪڏهن توکي ڪنهن ڪم۾ منهن جي مدد جي گهرج پوي ته بنا هٻڪ جي فون ڪري وٺج. خدا حافظ.”
اتان نڪرندي هو ڪافي مطمئن هو. ڊونالڊ ڪريڊن جي روپ ۾ هڪ نئون امڪان سامهون آيو هو. پر هو وسامي ويو هو. آر دستاويز جي سلسلي ۾ کيس ورنن ٿامسن سان مُنهان منهن ٿيڻو هو. کيس سوچڻو هو ته ان سلسلي ڪهڙي حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي. اهو به طئي هو ته جيترو جلد سامهون ٿي وڃجي اوترو سٺو آهي.
•