قسط 8
پنهنجي بريف ڪيس مان انگن اکرن جو لفافو ڪڍندي ڪرسٽوفر، ٿامسن کي پنهنجي سيڪريٽري بيٿ سان کل ڀوڳ ڪندي ڏنو. جيڪا ڪافي کڻي آئي هئي. ڊائريڪٽر جي اها خوشدلي ڏسي ڪرسٽوفر جا شڪ ۽ شبها ڌوپجڻ لڳا. جيڪي فادر ڊوسڪيءَ سان ملاقات کانپوءِ هن جي دل ۾ ٿامسن جي لاءِ اُڀريا هئا،. هن سوچيو، فادر ڊوسڪيءَ کي غلط فهمي به ٿي سگهي ٿي.
“ها بيٿ!” ٿامسن ٻاهر ويندڙ سيڪريٽري کي مخاطب ٿي چيو “هاڻ اسان کي ڊسٽرب نه ڪج.” دروازو بند ٿيندي ئي هو ڪرسٽوفر ڏانهن مڙيو. “ها ڪرس! هاڻ ٻڌاءِ آئون تنهنجي لاءِ ڇاٿو ڪري سگهان.”
“آئون لاس اينجلس جي لاءِ پنهنجي تقرير تي ڪم پيو ڪريان. ان تقرير ۾ آئون ڪيلفورنيا ۾ ڏوهن جي باري ۾ تنهنجا تازا انگ اکر شامل ڪرڻ ٿو چاهيان.”
“هائو، ڪيليفورنيا تي ته اسين خاص محنت پيا ڪريون. اهو اسانجي جنگ جو آخري ميدان آهي. مون ڪلهه توکي ڏوهن جا تازا انگ اکر موڪليا هئا.”
“اهي ته هيءَ آهن.” ڪرسٽوفر لفافو کڻندي چيو. “آئون ڄاڻڻ ٿو چاهيان ته ڪا نئين ڳالهه ته ناهي....”
“اهي بنهه تازا آهن.” ٿامسن سندس ڳالهه ڪٽيندي چيو. “تنهنجي تقرير ۾ گهڻو اثرائتا ثابت ٿيندا. ۽ ڪيلي فورنيا وارن کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي ته کين آئيني مدد جي گهرج آهي” ڪرسٽوفر انگن اکرن جو جائزو ورتو ۽ چيو، “اها ڳالهه چئي آهي ته ڪيليفورنيا ۾ ڏوهن جي واڌ ٻين رياستن جي مقابلي ۾ وڌي ويئي آهي. اهي انگ اکر صحيح آهن نه؟”
“ظاهر آهي... هي اتي جي پوليس جو فراهم ڪيل ريڪارڊ آهي.”
ڪرسٽوفر ڪافيءَ جو ڍڪ ڀريندي چيو. “ٽي وي مناظري واري آئيڊيا مونکي سٺي نه لڳي. ان جو سبب اهو آهي ته مون ترميم جي نفس مضمون تي وڌيڪ غور نه ڪيو آهي.”
“اڙي ڪجهه به ڪونهي.” ٿامسن لاپرواهيءَ مان هٿ هلايو. “تون ڪامياب رهندين. هونئن به توکي ترميم بابت سموري ڄاڻ آهي.”
“ٿي سگهي ٿو ..... ٿي سگهي ٿو، مونکي خبر نه هجي.” ڪرسٽوفر هٻڪندي چيو.
“ڇا پيو چوين....؟” ٿامسن حيرت ظاهر ڪئي. “توکي سڀ ته خبر آهي....”
ڪجهه ڪرڻ جي گهڙي اچي پهتي هئي. “ان سلسلي ۾ هڪ شيءِ آر دستاويز به ته آهي.... مونکي ٻڌائي ته ان جو 35هين ترميم سان ڪهڙو واسطو آهي؟”
ٿامسن جي منهن تي معصوم حيرت کانسواءِ ٻيو ڪو به تاثر نه هو. يا ته هو اداڪار هو. يا کيس واقعي، آر دستاويز جي باري ۾ ڪجهه به خبر نه هئي. “آر دستاويز ڪهڙي بلا آهي؟ ان جي باري ۾ توکي ڪٿان پتو پيو. مون ته اهو نالو پهريون ڀيرو ٻڌو آهي.” هن چيو.
“آئون اڄ ڪرنل جا ڪاغذ ڏسي رهيو هئس جو منهنجي هڪ ڪاغذ تي نظر پئي. اهو 35هين ترميم بابت هو. ان ۾ آر دستاويز جي باري ۾ ذڪر ڪيل هو.”
“اهو ميمو ڪٿي آهي. مونکي ٿورو ڏيکار.”
“اهو ته مون وٽ ڪونهي، شايد ڦاڙڻ وارن ڪاغذن ۾ هليو ويو. بهرحال اهو دستاويز منهنجي ذهن ۾ اٽڪي بيهي رهيو آهي. مون سوچيو ته ٿي سگهي ٿو توکي ان جي باري ۾ ڪا ڄاڻ هجي.”
“مون ڪڏهن به آر دستاويز جو نالو نه ٻڌو آهي.” ٿامسن پراعتماد لهجي ۾ چيو. “ٿي سگهي ٿو اهو 35هين ترميم جي لاءِ ڪرنل بيڪسٽر جو ڪوڊ ورڊ هجي. ٻي ڪا وضاحت ته منهنجي سمجهه ۾ نٿي اچي. بهرحال! توکي يقين هئڻ گهرجي ته توکي 35هين ترميم جي باري ۾ هر ڳالهه جي ڄاڻ آهي. تون پنهنجو ڪم ڪر. اسين پنهنجو ڪم ڪنداسين ۽ ايئن ترميم پاس ٿي ويندي. ڪرس! توکي اها ڳالهه ياد رکڻ گهرجي ته ان معاملي ۾ اسين شڪست جي سٽ سهي نه سگهنداسين.”
“ٺيڪ آهي، آئون هلان ٿو.” ڪرسٽوفر چيو ۽ لفافو بريف ڪيس ۾ رکڻ کانپوءِ اُٿي کڙو ٿيو.
واپسيءَ جي سفر ۾ هو سوچيندو ۽ منجهندو رهيو. ڪرنل بيڪسٽر موت جي بستري تي آر دستاويز کي خطرناڪ قرار ڏنو هو. پر ايف بي آئي جي ڊائريڪٽر ان کان اڻ ڄاڻائي جو اظهار ڪيو هو. ڳالهه نڙيءَ کان هيٺ نٿي لٿي. هن سوچيو، ڪيليفورنيا ۾ رهڻ جي دوران ايف بي آئي ۽ ڊائريڪٽر ٿامسن جي باري ۾ گهڻو ڪجهه معلوم ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ پوِءِ لوئس برگ جيل ۾ ڊونالڊ ڪريڊن سان ملاقات به آر دستاويز جي باري ۾ گهڻو ڪجهه کولي سگهي ٿي. ڪرنل بيڪسٽر مرڻ مهل کيس تاڪيد ڪئي هئي ته ان خطرناڪ ٽڪ کي هر حالت ۾ بي نقاب ڪرڻ گهرجي. جنهن جو نالو آر دستاويز آهي. شايد ڪرنل کي احساس نه هو ته هن جو نياپو هڪ اهڙي ڪمري وانگر آهي، جنهن جو نه ڪو دروازو نه ئي وري ڪا دري آهي. پهريون ڪم ته ڳجهو دروازو ڳولڻ جو هو.
ڪرسٽوفر فيصلو ڪيو ته هو اهو ڪم جلد کان جلد ڪندو.
•
ڊائريڪٽر ٿامسن پنهنجي آفيس ۾ ويٺو هيري ايڊورڊ جو اوسيئڙو ڪري رهيو هو. هيري آفيس ۾ گهڙيو ته ٿامسن اکيون کڻڻ کانسواءِ ئي چيو. “هو اجهو هينئر ئي ويو آهي.”
“ڇا جي لاءِ آيو هو؟” هيريءَ پڇيو.
“بهانو ته ڪو ٻيو هو پر حقيقت ۾ هو آر دستاويز جي باري ۾ پڇي رهيو هو.”
“اوهان ڪڏهن ان دستاويز جو نالو ٻڌو آهي؟”
“سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، منهنجي سمجهه ۾ هن جي ڪابه ڳالهه نه آئي.”
“ته پوءِ کيس ڪٿان خبر پئي؟”
“چئي رهيو هو ته ڪرنل بيڪسٽر جي هڪ ميموءَ ۾ ان جو ذڪر آهي. پر مونکي خبر آهي ته هو ڪوڙ پيو ڳالهائي.” ٿامسن هيريءَ جي اکين ۾ ڏسندي چيو. “هي ڪرسٽوفر هر معاملي ۾ ٽنگ اڙائڻ وارو ٿو لڳي. منهنجو خيال آهي ته هو اسانجي لاءِ ڏکيائون پيدا ڪندو رهندو.”
“ڪهڙيون ڏکيائون چيف!”
“اهوئي ته هو سمجهي ٿو ته ورنن ٿامسن کي بيوقوف بنائي سگهي ٿو.” ٿامسن چيو. “خبر اٿئي هيري! ايڊگر هوورڊ بلڊنگ “هوور جي” لاءِ تمغي جي حيثيت ٿي رکي. اها مونکي ملي نٿي سگهي. پر 35هين ترميم منهنجو تمغو آهي. مونکي خبر آهي ته اها ترميم آئين جو حصو بڻجي ويئي ته آئون سدائين ان حوالي سان ياد رکيو ويندس.”
“بيشڪ چيف.” هيري پرجوش لهجي ۾ تائيد ڪئي.
“۽ ان جي لاِءِ ضروري آهي ته ڪرسٽوفر تي نظر رکي وڃي. رڳو هتي ئي نه پر ڪيليفورنيا ۾ به. آئون ان سلسلي ۾ تفصيلي پروگرام طئي ڪرڻ ٿو چاهيان. تنهنڪري ڌيان سان ٻُڌ.”
•
ٽي وي مذاڪري ۽ بار ايسوسئيشن جي سامهون تقرير ڪرڻ جي جهنجٽ جي باوجود ڪرسٽوفر کي ڪيليفورنيا جي دوري جو خيال ڏاڍو سٺو لڳي رهيو هو. پروگرام موجب خميس جي ڏينهن کيس منجهند ڌاري سان فرانسسڪو پهچڻون هو. سان فرانسڪو هوٽل ۾ هڪ سوئيٽ بڪ هو. اتي کيس ٻن سرڪاري وڪيلن سان ملاقات ڪرڻي هئي. پوءِ کيس پنهنجي اوڻيهن سالن جي پٽ جوش سان ملاقات ڪرڻي هئي. جيڪو برڪلي مان ساڻس ملڻ جي لاءِ اچڻو هو. جوش سان ملندي اٺ مهينا ٿي چڪا هئا.
پر هن جو پروگرام اڻ پورو رهجي ويو. رواني ٿيڻ کان اڳ هن پروگرام پڪو ڪرڻ جي لاءِ جوش کي فون ڪئي، ڪجهه دير هتان هتان جي ڳالهين کانپوءِ جوش ٻڌايس ته هو گهڻو مصروف آهي.
“خميس واري ڏينهن آئون سان فرانسسڪو اچي رهيو آهيان. توسان ملاقات ٿي سگهي ٿي؟” ڪرسٽوفر پڇيس. پوءِ پنهنجي دوري ڪرڻ جي مقصد بابت به ٻڌايس.”
ڪجهه گهڙيون خاموشي رهي، پوءِ رسيور مان جوش جو آواز اُڀريو. “اوهين 35هين ترميم جي حق ۾ ڪم پيا ڪريو نه!؟”
ڪرسٽوفر هٻڪيو، کيس طوفان جي اچڻ جا آثار نظر اچڻ لڳا. نيٺ هن جواب ڏنس. “هائو! اهائي ڳالهه آهي.”
“پر ڇو؟”
“ڇاڪاڻ هت اهو منهنجي فرض ۾ شامل آهي. آئون انتظاميا جو هڪ پرزو آهيان.”
“اهو نه ڪو مناسب سبب ڪونهي ڊيڊي.”
“۽ ٻيا به سبب آهن، 35هين ترميم جا ڪجهه هاڪاري پاسا به آهن.”
“آئون پوري ديانتداريءَ سان چوان پيو ته مونکي ڪو به هاڪاري پاسو نظر نٿو اچي. ان ترميم جي خلاف جنگ ۾ شامل آهيان. آئون ٽوني هيرس گروپ ۾ شامل آهيان. اسين ڪيليفورنيا ۾ بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ ان ترميم خلاف ڀرپور جنگ وڙهنداسين.”
“آئون توکي ڪاميابي جي دعا ئي ڏيئي سگهان نٿو. پر مونکي ڊپ آهي ته اوهين پنهنجي جنگ هارائي ويندا. صدر صاحب ترميم کي منظور ڪرائڻ جي لاءِ هڙئي وسيلا استعمال ڪري رهيو آهي.”
“صدر صاحب!” جوش جي لهجي ۾ ڪاوڙ هئي. “هن جو مٿو به فٽبال جيان خالي آهي. پر اسانکي سندس فڪر ڪونهي. اسانکي ته ورنن ٿامسن جو فڪر آهي، جيڪو هن دور جو هٽلر آهي.”
“منهنجي خيال ۾ تون مبالغي کان ڪم پيو وٺين. ٿامسن ته هڪ پوليس وارو آهي. جنهن جا فرض سولا ڪونهن، کيس هٽلر سان گڏڻ زيادتي آهي.”
“آئون ثابت ڪري سگهان ٿوته اوهين غلطيءَ تي آهيو.” جوش جو لهجو تکو ٿي ويو.
“تنهنجو مطلب ڪهڙو آهي؟”
“35هين ترميم جا حامي اهو دليل ڏين ٿا ته 35هين ترميم کي هنگامي حالتن ۾ استعمال ڪيو ويندو. پر ٿامسن ۽ سندس ساٿين جا ارادا ڪجهه ٻيا آهن. ترميم هڪ ڀيرو منظور ٿي وئي ته پوءِ هو فوري طور تي ان مان فائدو وٺندا.”
“ڇا مطلب؟”
“آئون فون تي تفصيلي ڳالهائي نٿو سگهان. پر پنهنجي ڳالهه ثابت ڪري سگهان ٿو. اسين ان سلسلي ۾ تحقيق ڪري چڪا آهيون ۽ ووٽنگ کان ڪجهه ڏينهن اڳ ان کي ماڻهن جي سامهو پڌرو ڪرڻ جو ارادو رکون ٿا. اوهانجي پوزيشن جي ڪري منهنجي ساٿين کي ان تي اعتراض نه ٿيندو. ٿي سگهي ٿو ته اوهين قائل ٿي وڃو.”
“آئون هر مناسب ڳالهه ٻڌڻ جي لاءِ تيار آهيان، پر توکي ان ڳالهه جو خيال رکڻو پوندو ته مون وٽ گهڻو وقت ڪونهي.”
“آئون اوهانکي وٺي هلندس. اوهانجو وقت به ذيان نه ٿيندو. ڊيڊي! منهنجي هڪ ڳالهه بس رڳو ڳالهه مڃو.”
ڪرسٽوفر ڇرڪي پيو. جوش زندگيءَ ۾ ڪڏهن به ائين منٿ نه ڪئي هئي. “ٺيڪ آهي، آئون تنهنجي لاءِ وقت ڪڍي وٺندس. تون ڇا ٿو چاهين؟” هن پڇيو.
“اوهين خميس جي منجهند جو مونکي سڪرا منٽو ۾ ملو. اتان اسين ڪار جي وسيلي نيويل وينداسين.”
ڪرسٽوفر پروگرام بدلائي ڇڏيو. هو رڳو اٽارني جنرل نه پر ان پٽ جو پيءُ به هو. جنهن سان کيس محبت هئي. هي سان فرانسسڪو جي بدران سڪرانٽو جي اڏام ۾ چڙهيو. ايئرپورٽ تي جوش هن جي اوسئيڙي ۾ هو. هو ڪرسٽوفر سان ٻکجي ويو. محبت جي ان مظاهري کانپوءِ هو ٻيئي ڀاڙي جي هڪ ڪار ۾ وڃي ويٺا. ايجنٽ هوگن به ساڻن گڏ هو.
ڪار جو سفر ٿڪائيندڙ هو. جوش بار بار ٻڌايو ٿي ته بس ڄاڻ پهتاسين. پر هن منزل جي سلسلي ۾ ڪنهن وضاحت ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. “اوهين پاڻ ئي ڏسي وٺجو” ڪرسٽو فر زور ڀرڻ تي هن اهوئي جواب ٿي ڏنو. ڪرسٽوفر کي افسوس ٿي رهيو هو ته هن هرو ڀرو جوش جي ڳالهين تي ڌيان ڌريو. نوجوان ڇوڪرا هونئن ئي ڳالهه کي ڳالهوڙو بنائي ڇڏيندا آهن. پر هو خوشگوار لهجي ۾ هتان هتان جون ڳالهيون ڪندو رهيو.
“ڊيڊي! بنيادي انساني حقن جو دستاويز آمريڪا لاءِ عظمت جي نشان جي حيثيت رکي ٿو.” جوش چيو، ڪرسٽوفر تلخيءَ سان سوچيو، الائجي ڇو سڀ پٽ پنهنجي پيئرن جي باري ۾ اهو گمان رکن ٿا ته کين ڪا به خبر ڪونهي. “۽ هاڻ 35هين ترميم آمريڪا کي انهن عظمتن کان محروم ڪرڻ واري آهي.” جوش وڌيڪ چيو.
“ايمرسن آئين جي باري ۾ چيو آهي ته هر آئين انسان جي قد کان وڏو پاڇو هوندو آهي. انسانن پاڻ کي هڪٻئي جي مقابلي ۾ تحفظ ڏيڻ جي لاءِ اهي جوڙيا آهن ۽ جيڪڏهن اهو تحفظ کسجي وڃي ته پوءِ سخت قدم کڻڻ ضروري ٿيو پون.”
“آئون نٿو مڃيان.” جوش ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو. “ڪنهن شئيءِ کي جاچڻ جو هڪئي اثرائتو طريقو هوندو آهي. دنيا کي ڏسو هر اها مملڪت، جيڪا حقيقي معنيٰ ۾ آزاد آهي، ان بنيادي حقن ۾ جنهن معطلي يا ترميم جي گنجائش نه ڇڏي آهي ، باقي جتي ڊڪٽيٽرشپ آهي، اتي جي ڳالهه ٻي آهي. پر هو به بنيادي حقن جو ڍونگ رچايو ويٺا آهن. اها ٻي ڳالهه آهي ته ان کي، جيئن ته، ڇاڪاڻ ۽ پر جهڙن لفظن جي ذريعي غير موثر ڪيو ويو آهي. اسانجي آئين جي سڀ کان وڏي خوبي اهي ترميمون آهن. جيڪي بنيادي انساني حقن جي دستاويز جي حيثيت رکن ٿيون ۽ اوهان جو صدر صاحب ۽ ايف بي آئي اُن کي پائمال ڪرڻ ٿا چاهيو. يقين ڪريو ته جيڪڏهن ڪيليفورنيا اسيمبليءَ ان ترميم کي پاس ڪري ڇڏيو ته اسين سڀ هميشه جي لاءِ انصاف۽ آزادي جي تصور کان محروم ٿي وينداسين. تنهن ڪري ان کي آئون آمريڪا جي تاريخ جي اهم ترين جنگ قرار ڏيئي رهيو آهيان.”
ڪرسٽوفر کي اهو سڀ ڪجهه ٻڌندي ٿڪاوٽ جو احساس پي ٿيو. هن ڳالهايو ته سندس لهجي ۾ ٿڪاوٽ هئي، “جوش! تون جيڪو ڪجهه چئي رهيو آهين. اهو ڪڏهن به نه ٿيندو. 35هين ترميم اوهانکي تحفظ ڏيندي. پر حقيقت اها اٿئي ته اها ڪڏهن استعمال ڪرڻ جي نوبت ئي نه ايندي.”
“اجهو پندرهن منٽن کانپوءِ اوهين جيڪي ڪجهه ڏسندا، اهو اوهانجي ان ڳالهه جي ترديد جي لاءِ گهڻو ڪجهه آهي. هون! بس هاڻ اسين اتي پهچڻ وارا آهيون.”
ڪرسٽوفر دريءَ مان ٻاهر ڏٺو. جنهن رستي تي هو سفر ڪري رهيا هئا، اهو آمريڪا جو حصو ته لڳو ئي نه ٿي. اتي هڪ سڪل ڍنڍ ۽ هنڌ هنڌ تي لوڻ جي دڳن کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه هو. اتي زندگيءَ جا آثار به نه هئا.
پر هاڻ هڪ اسٽور ۽ هڪ گيسولين پمپ نظر آيو. ٻنهي هنڌن تي ڪجهه ماڻهو گڏ بيٺل هئا. هڪ سائن بروڊ لڳل هو، جنهن تي نيويل لکيل هو، جوش ڊرائيور کي هدايتون ڏيندو رهيو. نيٺ کيس گاڏي روڪڻ جي لاءِ چيائين. ڪرسٽوفر حيران ٿي ويو. “ڪٿي وٺي آيو آهين؟”
“هيءَ نيول ڍنڍ آهي.” جوش فاتحانه لهجي ۾ ڄڻ اعلان ڪيو. ڪرسٽوفر ذهن تي زور ڏيندو رهيو. نالو ڪجهه ٻڌل سڌل پي لڳس.
“اها 1942ع جي ڳالهه آهي. پرل هاربر تي حملي کان اٺ هفتا پوءِ صدر روز ويلٽ جي حڪم نمبر 9066 جي ذريعي هيءَ ڪيمپ قائم ڪئي وئي.” جوش وضاحت ڪئي، “هن جاپاني نسل جي آمريڪين کي قومي سلامتيءَ جي لاءِ خطرو قرار ڏنو. تنهنڪري هڪ لک ڏهن هزارن جاپانين کي، جن ۾ ٻه ڀاڱي ٽي آمريڪا جي قوميت رکندڙ هئا، ڏهن مختلف ڪيمپن ۾ نظر بند ڪيو ويو.” نيويل ڍنڍ واري ڪيمپ به انهن ۾ شامل هئي. ان کي آمريڪا جو بدترين عقوبت خانو قرار ڏنو وڃي ٿو. هتي ارڙهن هزار ماڻهو قيد هئا.”
“تو جيان مونکي به آمريڪا جي پانڌ تي اهو داغ سٺو نه ٿو لڳي.” ڪرسٽوفر چيو “پر ان جو حال يا 35هين ترميم سان ڪهڙو واسطو!؟”
“اوهين پاڻ ڏسي وٺو.” جوش چيو ۽ پويون دروازو کولي ٻاهر نڪتو. ڪرسٽوفر به ائين ڪيو. گرم ۽ خشڪ هوا جا جهوٽا کيس سَٽي رهيا هئا. هن ڪيمپ جو جائزو ورتو. لوهي تارن جي واڙجي پويان سرن جون عمارتون هيون. هن هڪ پاسي اشارو ڪندي جوش کان پڇيو. “هي نيويل ڍنڍ آهي.؟”
“هئي! هاڻ ڪونهي،” جوش هڪ هڪ لفظ کي زور ڏيئي چيو. “هيءُ اسانجو سخت ترين عقوبت گهر هو. سڪل ڍنڍ جي ڇويهه هزار ايڪڙن تي ٻڌل. پر هاڻ ٻيو ڪجهه آهي ۽ آئون اوهانکي اهو ئي ڏيکارڻ جي لاءِ هت وٺي آيو آهيان.”
“ڪم جي ڳالهه ڪر جوش!”
“ٺيڪ آهي ڊيڊي! پر ان کان اڳ هڪ شئيءِ ڏسي وٺو ته جيئن سڀ ڪجهه چٽو ٿي وڃي.” جوش لفافي مان ڇهه ست تصويرون ڪڍي ڪرسٽوفر ڏانهن وڌايون. “پهرين هي تصويرون ڏسي وٺو. اهي اسانکي جاپاني نسل جي ايسوسيئشن وٽان مليون آهن. هيءَ هن هنڌ تي موجود ڪئمپ جون هڪ سال پراڻيون تصويرون آهن. اوهان کي فرق صاف پيو نظر اچي.”
ڪرسٽوفر تصويرن کي ڌيان سان ڏٺو. انهن ۾ لوهي ڪنڊيدار تارن جو جنگلو مخلتف هنڌن تان ڀڳل ٽٽل پي نظر آيو. جنگلي جي پويان ڪجهه پراڻين بيرڪن جون تصويرون پي نظر آيون. هڪ ڀڳل مينار به هو. جيڪو چوڪيدارن جي لاءِ ٺاهيل هوندو.
ڪرسٽوفر، تصويرون جوش کي واپس ڪندي چيو. “هنن تصويرن مان تون ڇا ٿو ثابت ڪرڻ چاهين؟ هنن ۾ ته ڪجهه به ڪونهي.”
“اهو ته ٻڌائي رهيو آهيان.” جوش چيو. “هڪ سال اڳ هت ڪجهه به نه هو سواءِ هنن کنڊرن جي!” هن تصويرن ڏانهن اشارو ڪندي چيو. “هاڻ ٿورو هن علائقي کي ته ڏسو..... هي ڪنڊيدار تارن جو نئون جنگلو، تارن ۾ بجلي ڊوڙي رهي آهي. بلڪل نئون واچ ٽاور. گڏو گڏ سرچ لائيٽون. هي ٽي نيون عمارتون. اوهانکي ڪيئن پيو لڳي؟”
“اهو ئي ته هتي اڏاوتي ڪم پيو ٿئي. ٻيو ڇا ٿو سمجهي سگهجي.” ڪرسٽوفر بي پرواهيءَ مان چيو.
“ڪهڙي قسم جو اڏاوتي ڪم. آئون ان جي نوعيت ٻڌايان. هي هڪ ڳجهو سرڪاري پراجيڪٽ آهي. اهو نئون عقوبت خانو آهي. مستقل عقوبتي ڪيمپ. 35هين ترميم جي منظوري کانپوءِ هتي ٻڌي جي حساب سان قيدي آندا ويندا.”
ڪرسٽوفر کي ذهني ڌڪ لڳو. پوءِ کيس ڪاوڙ لڳي. هن هرو ڀرو سڄو ڏينهن ذيان ڪري ڇڏيو. تڪليف وارو سفر ڪيو ۽ ڪجهه هڙ حاصل نه ڪئي.
“ڏس جوش! تون اها توقع نٿو ڪري سگهين ته آئون تنهنجي ڳالهه مڃي، هن هنڌ کي عقوبتي ڪيمپ تسليم ڪري وٺندس. هي سڀ تنهنجو وهم آهي ۽ آئون ان وهم جو بنياد به سمجهڻ کان قاصر آهيان. سيڪورٽي جي نقط نظر سان ملڪ ۾ اهڙيون ڪيتريون ئي رٿائون مڪمل ٿيڻ جي مرحلي ۾ هونديون.”
“ڪنهن به رٿا جي نوعيت اهڙي نه هوندي”
“بهرحال! آئون هن کي عقوبت گهر مڃي نٿو سگهان. هن ملڪ ۾ نه عقوبتي ڪيمپن جي گهرج آهي ۽ نه وري آئنده ڪڏهن هوندي. 1971ع ۾ صدر نڪسن ۽ اٽارني جنرل مچل جي باري ۾ اخبارن اهائي خبر ڇپي هئي ته هو پنهنجن مخالفن کي دٻائڻ جي لاءِ پراڻيون جاپاني ڪيمپون ٻيهر قائم ڪري رهيا آهن. پر اها ڳالهه صحيح ثابت ٿي نه سگهي هئي.”
“صحيح ثابت نه ٿي سگهي هئي ته غلط به ثابت ٿي نه سگهي هئي.” جوش ٺهه پهه وراڻيو.
ڪرسٽوفر آڏيءَ اک سان جنگلي جي اندرين پاسي کان ٻن ڄڻن کي مکيه دروازي ڏانهن ايندي ڏٺو.” آئون اجهو ٿو تنهنجي دعويٰ کي غلط ٿو ثابت ڪريان.” ڪرسٽوفر چيس. “تون هتي بيهه.” اهو چئي هو دروازي ڏانهن وڌي ويو. گيٽ ڏانهن ايندڙ ٻنهي همراهن مان هڪ ملٽري يونيفارم ۾ هو. گيٽ تي هنن هٿ ملايو. يونيفارم وارو گيٽ تي ئي موجود رهيو ۽ سويلين لباس وارو ڪنسٽرڪشن سائيڊ طرف موٽي ويو ۽ يونيفارم وارو ڪرسٽوفر کي تيز نظرن سان ڏسڻ لڳو.”
“تون هتي گارڊ جي حيثيت سان ڪم پيو ڪرين.”
“هائو!”
“هي نجي ملڪيت آهي يا سرڪاري؟”
“سرڪاري ملڪيت آهي سائين! فرمايو آئون اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو؟”
“آئون گورنمنٽ جو ماڻهو آهيان. تون مونکي هيءِ جاءِ ڏيکاري سگهين ٿو؟”
گارڊ سرسري طور تي ڪرسٽوفر کي ڏٺو ۽ ڪنڌ ڌوڻيندي چيو، “جيڪڏهن اوهين گورنمنٽ جا ماڻهو آهيو ته پوءِ .....” اهو چئي هن مڙي سويلين لباس واري کي سڏ ڪيو. “اي ٽم......” سويلين لباس واري مڙي پويان ڏٺو. “هي صاحب گورنمنٽ جو ماڻهو آهي، بهتر آهي سائين ته توهان هن سان ڳالهايو.” گارڊ ڪرسٽوفر ڏانهن اشارو ڪندي چيو.
ٻيو شخص سري گيٽ تائين آيو. “آئون ڪنسٽرڪيشن ڪمپنيءَ جو فورمين آهيان. حڪم ڪريون آئون اوهان جي ڪهڙي خدمت ڪري سگهان ٿو.” هن ڪرسٽوفر کان پڇيو.
“آئون هن پراجيڪٽ جو جائزو وٺڻ ٿو چاهيان.” ڪرسٽوفر وراڻيو. هن اٽارني جنرل جي حيثيت سان پنهنجو تعارف ڪرائڻ ٿي چاهيو. پر ڪجهه سوچي چيائين. “منهنجو واسطو انصاف واري کاتي سان آهي.”
“پينٽاگون يا نيوي جي ڪليئرنس کانسواءِ اهو ممڪن ڪونهي.” فور مين وراڻيو. “حقيقت ۾ هي ممنوعه علائقو آهي.”
“هن جو واسطو نيويءَ سان آهي.”
“هائو! اها ڪا راز جي ڳالهه نه آهي. هتي آبدوزن سان رابطي جي لاءِ مواصلاتي سسٽم تيار ڪيو پيو وڃي.”
“هونهه به دراصل آئون ڪافي ڏينهن کان اخبارون پڙهي نه سگهيو آهيان. منهنجو خيال آهي ته مونکي غلط هنڌ تي آندو ويو آهي. بهرحال تڪليف ڏيڻ تي معذرت ٿو وٺان. مهرباني!” اهو چئي ڪرسٽوفر واپس وريو. کيس ڦڪائي به محسوس ٿي رهي هئي ته پنهنجي بيوقوف ٿيڻ جو احساس به. جوش ڪار وٽ سندس اوسئيڙي ۾ بيٺو هو. هن ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجي ڪاوڙ کي قابو رکي هن هلڪي ڦلڪي نموني جوش جي سامهون صورتحال جي وضاحت ڪئي. پوءِ چيائين، “هاڻ تون ٽوني هيرس ۽ پنهنجن ٻين ساٿين کي اهو ٻڌائي سگهين ٿو ته هو ڪيڏي وڏي غلط فهميءَ جو شڪار آهن.”
جوش پنهنجي ڳالهه تي قائم رهيو. “ڇا اوهين اها توقع ڪريو ٿا ته اهو مڃي وٺندا. هي عقوبتي ڪيمپ آهي. هي کوليون.... هي ڪوٺڙيون جيل ڪونهي ته ٻيو ڇا آهي؟”
“اهو ته تون ٿو چوين نه!؟”
“نيوي وارن کي هن قسم جي سيٽ اپ جي گهرج نه هوندي آهي.” جوش هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو. هي واچ ٽاور ڇاجي لاءِ؟ هي بجلي واريون تارون ڇاجي لاءِ ..... هي رازداري ڇو؟”
“هن جو چوڻ آهي ته هي پروجيڪٽ ڪو راز ڪونهي هن بابت اخبارن ۾ گهڻو ڪجهه ڇپجي چڪو آهي.”
“بابا! آئون اوهان سان شرط هڻڻ جي لاءِ تيار آهيان. اسانجي گڏ ڪيل معلومات تصديق ٿيل هوندي آهي. اوهين جيڪڏهن آمريڪي صدر ۽ ايف بي آئي جي منصوبن بابت ٻڌو ته اوهين حيران ٿي ويندا. اوهانکي استعمال ڪيو پيو وڃي.”
ڪرسٽوفر ڪار طرف وڌي ويو. “منهنجو خيال آهي ته توکي استعمال ڪيو پيو وڃي. هاڻ اچ! اسانکي واپس سڌريل دنيا ڏانهن واپس هلڻ گهرجي.” هن مڙي پٽ کي للڪاريو.
واپسي جو سفر خاموشيءَ ۾ گذريو. سڪرامنٽو ايئرپورٽ تان ڪرسٽوفر کي لاس اينجلس جي فلائيٽ ۾ چڙهڻو هو. ڪرسٽوفر مرڪندي جوش جي ڪلهي کي ٿڦڪي ڏني. “ڏس پٽ مونکي توتي فخر آهي ته تون باشعور آهين ۽ هڪ مقصد جي لاءِ جدو جهد پيو ڪرين. پر توکي الزام هڻندي محتاط رهڻ گهرجي. ڪا ڳالهه چوڻ آکڻ کان اڳ سڀئي حقيقتون گڏ ڪرڻ ضروري هونديون آهن.”
“مون جيڪو ڪجهه چيو آهي اهو پوري پڪ ۽ اطمينان کان پوءِ چيو آهي.”
پٽ جو ضد چريو ڪرڻ جهڙو هو. ڪرسٽوفر ڏاڍي ڏکيائي مان پنهنجي خوشدلي برقرار رکي. “ٺيڪ آهي پٽ! جيڪڏهن آئون اهو ثابت ڪري ڏيکاريان ته تو مونکي جيڪو ڪجهه ڏيکاريو آئون پاڻ کي غلط آهي پوءِ ته مڃيندي نه!؟”
جوش جي چپن تي پهريون ڀيرو مرڪ نظر آئي. “اها ڳالهه مناسب آهي بابا، اوهين اهو ثابت ڪري ڏيکاريو، آئون پاڻ کي غلط مڃي وٺندس.”
“منهنجو واعدو آهي ته آئون اهو ثابت ڪري ڏيکاريندس. هاڻ هلان ٿو. مونکي هڪ اهڙي ميمبر سان ملڻو آهي، جيڪو تنهنجو ساٿاري آهي. پر کيس به پنهنجي ڳالهه ثابت ڪرڻي پوندي.”
•