قسط 22
“مون ڪو به خطرو ڪونهي کنيو. ڳالهه فقط ايتري آهي ته مون وٽ گهڻو سامان نه هو. مون سوچيو ته توکي تڪليف ڇو ڏيان.”
“ڪرس !” پويان ڪنهن سڏيو.
هن مڙي ڏٺو ته ٽوني هيرس کيس ڀاڪر ۾ ڀري ورتو. پوءِ هن کيسي مان اخبار ڪڍي هن ڏانهن وڌائي. سرخي رڙيون ڪري رهي هئي صدر جي قتل جي سازش ظاهر.
سازش ورنن ٿامسن تيار ڪئي هئي.
35هين ترميم رد ڪئي ويئي.
“ڪرس! تو ته ڪمال ڪري ڇڏيو. اسان ووٽنگ ٽي وي تي ڏٺي. ترميم کي چاليهن ئي سينيٽرن رد ڪري ڇڏيو. هڪ ڄڻي به حمايت نه ڪئي. ترميم پنهنجو موت پاڻ مري ويئي.”
“ان مهل آئون مهمانن جي گيلري ۾ هئس. مون اهو منظر اکين سان ڏٺو.”
“پوءِ نيوز ڪانفرنس ٿي. سڀني نشرياتي ادارن پنهنجا پروگرام روڪي ڪانفرنس ڏيکاري. ڪانفرنس ڊوفليڊ ۽ سينيٽر ايب گڏيل طور تي گهرائي هئي. هنن سڀئي واقعا ٻڌايا. تنهنجي ڪردار جي باري ۾ ٻڌايو. هنن آر دستاويز جو تفصيل به بيان ڪيو.”
“اها مون نه ڏٺي. آئون موسم صاف ٿيندي ئي پهرين فلائيٽ ۾ واپس هليو آيس.”
“بهرحال ڪرس، تو زبردست ڪم ڪري ڏيکاريو. ٽوني هيرس پر خلوص لهجي ۾ چيو.”
ڪرسٽوفر ناڪار ۾ ڪنڌ ڌوڻيو، “نه ٽوني! ڪم ته اسان سڀني گڏجي ڪيو، ڪرنل بيڪسٽر، فادر ڊوسڪي، منهنجي پٽ جوش، اولن ڪيف، ڊونالڊ ڪريڊن، جسٽس هاورڊ، رڪي بيڪسٽر، ڪيرن، وان ايلن، اسٽرپ، جمي ۽ تنهنجا سڀ دوست ... ۽ تون پاڻ به.... اهو ته گڏيل ڪم هو.”
هوڪار تائين پهچي ويا هئا. ڪرسٽوفر حيران ٿي ويو. اها ڪار سندس ته نه هئي. اها ته آمريڪي صدر جي بلٽ پروف ليموزين ڪار هئي. صدر جي ڊرائيور، پوئين سيٽ جو دروازو کولي کيس سيلوٽ ڪيو.
ڪرسٽوفر سواليا نظرن سان ٽوني هيرس کي ڏٺو. “صدر صاحب تو سان ملڻ ٿو چاهي.” ٽوني ٻڌايو. “هن چيو هو ته تنهنجي پهچڻ شرط توکي وٽس آندو وڃي.”
“وڏي مهرباني!” ڪرسٽوفر چيو ۽ ڪار ۾ ويهڻ لڳو، پر ٽوني جو هٿ هن جي ڪلهي تي ڄمي ويو. “ڪرس، توکي خبر آهي ته ٿامسن مري چڪو ِآهي؟” هن پڇيو.
“نه مونکي خبر ڪونهي.....” ڪرسٽوفر ڇرڪي چيو.
“ٻه ڪلاڪ اڳ هن خودڪشي ڪري ڇڏي. هن ريوالر وات ۾ رکي ٽريگر دٻايو هو.”
ڪرسٽوفر ڪجهه گهڙيون سوچيندو رهيو. “هٽلر وانگي.”
“۽ هيري ايڊورڊ غائب آهي.”
“هٽلر جي ساٿي بورمين وانگي.”
ٻئي ڪار ۾ ويهي رهيا. ڊرائيور گاڏي چالو ڪئي ۽ هو روانا ٿي ويا. وائٽ هائوس پهتا ته صدر جي چيف ايڊ ڪرسٽوفر جو گرمجوشي سان آڌر ڀاءُ ڪيو. پوءِ هو ٻنهي ڄڻن کي عزت ۽ احترام سان صدر جي بيضوي ڪمري ۾ وٺي ويو. ڪرسٽوفر کي توقع نه هئي، پر اها حقيقت هئي ته اتي پارٽي ٿي رهي هئي. پوءِ هن جي نظر وڃي ڪيرن تي پئي، جيڪا صدر سان ڳالهائي رهي هئي، ڪيرن کي جيئن ئي هن جي آمد جو احساس ٿيو، هوءَ صدر کي ڇڏي هن ڏانهن وڌي ۽ هن جي ٻانهن ۾ سمائجي ويئي. “ڪرس! آئي لو يو..... آئي لو يو....” هن هيجاني لهجي ۾ چوڻ شروع ڪيو.
پوءِ ڪرس صدر کي پاڻ ڏنهن ايندي ڏٺو. هن نرميءَ سان ڪيرن کي پاڻ کان ڌار ڪيو. صدر جي چهري تي عجيب تاثر هو. هو ان مهل صدر نه پر ڪو فقير لڳي رهيو هو. هن گرمجوشيءَ سان ڪرسٽوفر سان هٿ ملايو ۽ چيو. “ڪرس! مون وٽ تنهنجي مهرباني مڃڻ جي لاءِ لفظ ئي ڪونهن. تو نه رڳو منهنجي جان بچائي، پر ملڪ کي بچائي ورتو. هاڻ آئون سڀني جي سامهون چئي سگهان ٿو ته آئون وڏو بيوقوف هئس. آئون طرفن جو شعور وڃائي ويٺو هئس. ڏوهن جي واڌ کان ڊڄي آمريت جو ٻج پوکي رهيو هئس. پر اڻ ڄاڻائي ۾.” صدر کيس محبت وارين نظرن سان ڏٺو ۽ پڇيو،” توکي ورنن ٿامسن جي باري ۾ خبر پئي؟”
“هائو! مونکي افسوس آهي ته هن پاڻ کي ايڏي ڀيانڪ انجام تائين پهچايو.”
“هو شايد چريو ٿي پيو هو، جو هن اهڙي رٿا تيار ڪئي. خدا جو شڪر آهي، جو تون ڄميو بيٺو رهئين. آئون مري به تنهنجو قرض لاهي نٿو سگهان. ٻڌائي ته آئون تنهنجي لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهان؟”
“هائو! آئون اوهان کان ٻه ڪم وٺڻ چاهيان ٿو.” ڪرسٽوفر خوشيءَ مان چيو.
“ٻڌاءِ... ٻڌاءِ!”
“هڪ شخص ٻيو به آهي، جيڪو مرندي مرندي بچيو آهي. هن اوهانجي تمام گهڻي مدد ڪئي آهي. آئون چاهيان ٿو ته اوهين هن جي مدد ڪريو. اوهين صدارتي حڪم جي ذريعي کيس معاف ڪرڻ جو اعلان ڪريو ۽ هن جي وڃايل شخصيت کيس واپس ڏياريو.”
“تون معافي نامون ۽ ٻيا ڪاغذ پٽ تيار ڪر، آئون صحيح ڪري ڇڏيندس. ٻيو ڪم؟”
“بدترين وقت گذري چڪو آهي. پر مسئلا جيئن جو تيئن موجود آهن. اسانکي غير انساني 35هين ترميم جو ڪو متبادل لهڻ گهرجي. اسان کي ڏوهن جي روڪ ٿام لاءِ ڪجهه ته ڪرڻو آهي. مسئلن کي دٻائڻ سان مسئلا نٿا نبرجن. هڪ ڏاهي جو چوڻ آهي ته گهر ٻارڻ سان اوندهه ختم نه ٿي ٿئي. اسانکي سڀني مسئلن جو بهتر نبيرو ڳولهڻو آهي. جمهوريت ۽ انسانيت جي حدن ۾ رهي.”
تون صحيح پيو چوين. ڪرس! هي سڌارن جو وقت آهي. سڀاڻي آئون ان سلسلي ۾ هڪ ڪميٽي پيو ويهاريان. تون ۽ ٽوني هيرس ان ڪميشن ۾ هوندا. توکي ايف بي آءِ کي ٿامسن جي اثرن کان به آجو ڪرائڻو آهي ۽ ان کي هڪ هاڪاري ادارو ٺاهڻو آهي ۽ ان جا هاڪاري رخ مقرر ڪرڻا آهن. ان کانپوءِ آئون توسان سماجي ۽ معاشي سڌارن جي سلسلي ۾ ضروري قانونن جي نفاذ جي سلسلي ۾ ڳالهائيندس. خطرناڪ گهڙي گذري وئي. هاڻ اسانکي جمهوريت جو دامن جهلي پنهنجي سماج کي اهڙو بنائڻو آهي، جو ڪنهن به فرد کي ڏوهن ڪرڻ جي ضرورت نه رهي. ضرورت کانسواءِ ڪا به ترغيب ڪامياب ٿي نٿي سگهي.”
“مهرباني صدر صاحب!” ڪرسٽوفر چيو ۽ پوءِ هٻڪيو. “سائين! آرگو سٽي جي دوري ۾ هڪ سنگتيءَ مونکي چيو هو ته آمريڪا ۾ فاشزم جڏهن به آيو. ماڻهن جي ووٽن جي مدد سان ايندو. هن ڀيري لڳ ڀڳ ماڻهن فاشزم جي حق ۾ ووٽ ڏيئي ڇڏيو هو. پر هاڻ ماڻهن کي خبر پئجي ويئي آهي ۽ هو ڄاڻي ويا آهن ته حيلن بهانن سان کانئن فاشزم جي حق ۾ به ووٽ وٺي سگهجي ٿو. مونکي اميد آهي ته آئنده هو فاشزم کي ايترو ويجهو اچڻ نه ڏيندا. اسانکي اهو سبق هنن جي ذهنن ۾ نقش ڪرڻ ۾ هنن جي مدد ڪرڻي پوندي....”
“اهو منهنجو واعدو آهي ته اسين ايئن ئي ڪنداسين. اسين مسئلا نبيرڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪنداسين. جيڪي انساني اختيار ۾ آهن.” صدر پر خلوص لهجي ۾ چيو ۽ ڪرسٽوفر جو هٿ پنهنجي هٿ ۾ جهليو. “پر اڄ رات نه.” هو کيس ڇڪي ڪيرن وٽ وٺي ويو. “اڄوڪي رات اسين جشن ملهائينداسين، ڇو ته سڀاڻي اسانکي نئين سري کان ڪم شروع ڪرڻو آهي.” هن پنهنجي هٿ سان ٽي جام ٺاهيا ۽ ڪرسٽوفر ۽ ڪيرن ڏانهن وڌايا، پوءِ هن ٽيون جام بلند ڪندي چيو. “مستقبل جي نالي....”
(دڙو: 10 مارچ 2007ع)
*