ٻاراڻو ادب

جاڳ او ٻالڪ جاڳ

گوهر سنڌي هميشه سنڌ جي مظلوم ٻارن جي حقن جي ڳالهه پنهنجن خوبصورت لکڻين ۾ ڪئي آهي. هو هڪ جاکوڙي ڪردار آهي، جيڪو پنهنجي وس آهر سموري سنڌ جي ٻارن ۾ تعليمي ۽ ادبي شعور پيدا ڪرڻ لاءِ پروگرام ڪوٺائي رهيو آهي. جيڪو هن وقت ٻالڪ ادبي فورم سنڌ جو مرڪزي اڳواڻ آهي. هو ٻالڪ ادبي فورم سنڌ کي وڌيڪ مضبوط ۽ اجاگر ڪرڻ لاءِ پاڻ پتوڙي رهيو آهي. سنڌي ٻاراڻي ادب جو خوبصورت شاعر، ليکڪ، ڪهاڻيڪار، گوهر سنڌي هن وقت به ٻارن لاءِ سهڻا، سهڻا نظم، گيت، بيت لکي رهيو آهي.
  • 4.5/5.0
  • 5081
  • 855
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • گوهر سنڌي
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book جاڳ او ٻالڪ جاڳ

ٻارن جي معصوم جذبن جهڙو شاعر

گل، ستارا ۽ ٻار ڪائنات جي سونهن جا حسين منظر آهن. ستارن جي چمڪ کانسواءِ آسمان جي سونهن ڇَسي، گلن جي رنگن کانسواءِ ڌرتي ٻُسي ۽ ٻارڙن جي مُرڪن کانسواءِ انسانيت اَڌورو آهي. ٻارڙن جي اکين ۾ ستارن جهڙي چَمڪ ۽ سندن جذبن ۾ گلڙن جهڙي ڪوملتا موجود هوندي آهي. جهڙي طرح گلن ۾ خوشبوءِ جو سُندر احساس آهي، ائين ٻارن جي معصوم مُرڪن ۽ ٻاتن ٻوتن ۾ زندگيءَ جو وڻندڙ واس آهي. هنن ۾ ئي آئندي جي آس به آهي ته حال جو حُسن به.
جيئن جيئن آڪاش ۾ سج جي روشني ڦهلجڻ شروع ٿيندي آهي، تيئن تيئن ستارن جي روشني جهڪي ٿيندي ويندي آهي. سج جي تپش سان گڏ ستارا آسمان مان بلڪل غائب ٿي ويندا آهن. ساڳي طرح ٻار به ٿورڙي جهڻڪ ملڻ سان مايوس ٿي ويندا آهن ۽ سندن نفيس من جو گلاب به مرجهائجي ويندو آهي. ٿورڙي مُرڪي نهارڻ سان ٻار جو چهرو ٻهڪي پوندو آهي ڇو ته ٻار هر وقت پيار جو پياسو هوندو آهي ته سچائي ۽ سادگيءَ جو پتلو به.
اهڙن ئي معصوم جزبن جهڙو شاعر گوهر سنڌي به آهي. هيءُ نه فقط اسان جو سلڇڻو دوست بلڪه سٻاجهو انسان به آهي. اهڙائي نازڪ جزبن وارا ماڻهو ئي معصوم مرڪن (ٻارڙن) جا شاعر ٿي سگهندا آهن. سندس فن ۽ فڪر کي ته فنڪار ۽ مفڪر ئي پرکيندا، باقي سندس سهڻي سڀاءَ سادگي ۽ سچائي جا ساکي اسان آهيون ههڙا بي ضَرر انسان مڇر مارڻ ته پري پرنانگ کي مارڻ به پاپ ڀائيندا آهن.هي ماڻهو نه فقط انسان دوست بلڪه فطرت جي هر شيءِ سان پيار ڪرڻ وارا هوندا آهن. فطرت ههڙن مَکڻ ماڻهن جي من ۾ ڪوڙ ۽ ڪروڌ، مڪاري ۽ منافقيءَ بدران سِڪَ ۽ سُندرتا، محبت ۽ مٺاڻ جا مَڻَ ڀري ڇڏيندي آهي. گوهر سنڌي اهڙن ئي مهان ماڻهن جي مالها جو هڪ موتي آهي. ڇا ته هن جي شخصيت ۾ سندس نالي جو معنيٰ ۽ مفهوم سؤ سيڪڙو سمائجي ويو آهي. ڇو ته هيرا موتي، لعل ۽ گوهر به قيمتي پٿر آهن. گوهر سنڌي به هڪ قيمتي گوهر آهي. انهن پٿر آهن. گوهر سنڌي به هڪ قيمتي گوهر آهي. انهن پٿرن جي هيئت جهڙو سخت نه پر قدرجهڙو قيمتي آهي. هيءَ ماکي کان وڌ مٺو، ميڻ کان وڌ نرم ۽ گلن کان وڌ نفيس ۽ سڳنڌ سان سرشار آهي. مون کي ته گوهر سنڌي جي مُرڪ ۾ به ٻارڙن جهڙي معصوميت محسوس ٿيندي آهي. هيءَ هڪ ٻاجهارو پيءُ، دادلو دوست، شفيق استاد، کاهوڙي قلمڪار، سيبتو مصور ۽ ڪئليگرافر، هڏ ڏوکي سماجي سيوڪ، سچو قومي ڪارڪن ۽ اڻٿڪ انسان آهي. مطلب ته سادگيءَ ۽ سچائي جو پيڪر آهي.نظرياتي لحاظ کان هيءَ آزادي جو آسوند، پورهيت راڄ جو پانڌيئرو ۽ سيڪيولر سوچ جو مالڪ آهي. وٽس رنگ نسل، ذات پات ۽ مذهب ڪو به متڀيد ناهي. سندس سهڻي سوچ جا اهڙا پرتوا سندس شخصيت، شاعري ۽ مصوريءَ ۾ به موجود آهي. جن جا ڪيترائي مثال پيش ڪري سگهجن ٿا. شاعريءَ مان ٻه چار مثال ملاحظه:
آءٌ ته جڳ ۾ پيار ورهايون،
قرب وڌايون ڀاڪر پايون،
پاڻ ته سڀ برابر آهيون،
ويڇن جي ديوار کي ڊاهيون،
آءُ ته جڳ ۾ پيار ورهايون.
***
ميرا ڪوجها توڙي ڪارا،
آهن ڄڻ هي چنڊ ستارا،
سنڌڙيءَ جا هي پيارا ٻار،
وڻن پيا هي سارا ٻار.
سندس علم دوستي بابت سهڻي سوچ جو ڪيڏو نه سهڻو مثال هي شعر آهي.
علم پرائڻ، علم پڙهائڻ،
آهي سڀ کان وڏو ثواب.
هن ڪتاب ”جاڳ او ٻالڪ جاڳ“ ۾ سنڌ وطن جي ٻارڙن لاءِ سهڻا سهڻا سبق موجود آهن. ڪتاب ۾ ٻارڙن لاءِ سرجيل شاعريءَ جون سٽون پڙهي لڳي ٿو ته گوهر سنڌي پنهنجي جواني اڪارڻ کانپوءِ به پنهنجو ٻاروتڻ وساريو ناهي. سندس اندر ۾ ويٺل معصوم ٻار اڃان تائين نَچي ڪُڏي ٿو. ان جي مُرڪ اڃان مرجهائي ناهي، گوهر سنڌي پنهنجي حياتي جا حصا ٻاروتن، ڇوڪرائپ ۽ نوجواني پار ڪري جوانيءَ جا لَڪَ لَتاڙي عمر ۽ عقل جا ڏاڪا چڙهي رهيو آهي. پر مان اهو پَڪ سان چئي سگهان ٿو ته سندس شخصيت وارو بنيادي عنصر ٻار اڃان مٿس حاوي آهي. ائين نه هجي ها ته ٻارن جي احساسن ۾ پيهي وڃي شاعري نه ڪري سگهي ها.
گوهر سنڌي سان منهنجي پهرين سڃاڻپ ۽ واسطيداريءَ جو سبب به ٻار آهن. 1984ع ۾ جڏهن مان آزاد بخاريءَ جي توسط سان سنڌي ٻارن جي علمي، ادبي، قومي تنظيم لطيف سنگت ۾ شموليت اختيار ڪئي ته پهريون تنظيمي دؤرو آزاد بخاري ۽ سلطان مهر سان گڏ رستم يونٽ جو ڪيو هئم. رستم شاهه عبداللطيف ڀٽائي لائبريريءَ جو معائنو ڪندي شريف ”شاد“ جي شفقت ۽ گوهر سنڌي جي محنت ۽ محبت کي ڏسڻ ۽ محسوس ڪرڻ جو موقعو مليو هو. اتي لطيف سنگت، سنڌي ادبي سنگت شاخ رستم ۽ شاهه لطيف لائبريري جا ڪتاب ۽ رڪارڊ جي سهڻي من موهڻي ترتيب، ڏسي حيران ٿيو هوس. ان وقت لطيف سنگت رستم جي ڪارڪنن، نياز ساگر، زاهد سومرو، واحد ڪلهوڙو، در محمد مهر، جميل سنڌو ، غفور گل، اصغر ڀيو ، نياز مهر، فيض مهر، وحيد سومرو، صدر الدين منگي ۽ ٻين سان پڻ ڄاڻ سڃاڻ تنظيمي واسطو ٿيو هو. اهو نه صرف هنن دوستن سان ملڻ بلڪه قومي سفر جو به پهريون تجربو هو. اهو ڏينهن ۽ اڄوڪو ڏينهن........ وچ ۾ ٽيهه ورهين جو ڊگهو عرصو....... ان عرصي دؤران گوهر سنڌيءَ سان روح جو رشتو ڏينهون ڏينهن مضبوط ٿيندو رهيو آهي. بقول ڀٽائي سرڪار جي.
ڪَڙو مَنجِهه ڪڙَي، جِئن لُوهارنِ لپيٽِيو،
مُنهنجو جِيءُ جَڙي، سُپيرينِ سوگهو ڪِيو.
حاڪم مهر (چڪ)
_________
[b]گوهر سنڌي ٻاراڻي شاعريءَ ۾ نواڻ آندي آهي
[/b] ڌرتي ۽ عشق سان لانئون لهندڙ ڪوي جو جذبو هڪ اهڙي اظهار جي زمري ۾ اچي ٿو جنهن جو سڌو سنئون اشارو ديس ۽ ڌرتي سان پڪي محبت هجڻ واري ڪوي ڏانهن وڃي ٿو. عشق ڪرڻ وارو جذبو هڪ تخليقڪار جي تخليقن ۾ روح ڀري ٿو جنهن کي پڙهڻ سان پڙهندڙ جي دل ۾ ڌرتي سان چاهه رکڻ جو خيال جاڳي ٿو. اسان جو شاعر گوهر سنڌي جي من توڙي ڪويتائن اندر پڻ سنڌ سان بي پناهه محبت هجڻ جو ثبوت ملي ٿو. خاص نظم ۽ نثر ۾ پاڻ ملهايو آهي. ۽ وري ٻارڙن جي لاءِ گيت ۽ نظم لکي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا آهن. جاڳ او ٻالڪ جاڳ ۾ ٻارڙن جي لاءِ نظمن ۾ نوان موضوع “الف ب” جا ٻاراڻا ٻول لکي وڏي نواڻ آندي آهي. شاعري ۾ ان جي ضرورت آهي . دعا آهي ته هن جي ڏات ڏهوڻي رهي جيئن هي قلم سان گيت ۽ نظم سرجيندو رهي.

[b]حاڪم گل (ڳوٺ مالهي)
[/b]