مُهاڳ ( ”ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار“)
هن ڪائنات ۾ ڪابه شيءِ مطلق Absolute نه آهي. سڀ ڪجهه حوالا آهن، رفرنسس آهن، انهن حوالن ۾ به جي مطلق آهي ته اها شيءِ آهي ”تبديلي“. غارن ۾ رهندڙ ماڻهن کان وٺي اڄ جي جديد گهرن ۾ رهڻي ڪرڻي پئي ڦري آهي ۽ جي Change نه آئي آهي ته اها ماڻهوءَ جي اڪيلائيءَ ۾، ڏک ۾ ۽ زندگيءَ جي بي ثباتيءَ ۾، ۽ ماڻهو ڳولا ۾ آهي. ڳولا جا سڪون کي تلاشي ٿي، جڏهن ته ماڻهو کي جي پناهه ملي به آهي ته فن ۾، فن جو آهي سُرن ۾ آهي بئنسري جي.......
زندگيءَ جي شروعات جڏهن غارن ۾ ڪئي وئي ته ماڻهو ئي فن ۾ پاڻ اظهاريو....... ۽ غارن جي ڀتين کي چِٽي..... زندگي جا قيد آهي وقت ۾...... ۽ وقت جو پاڻ کي ٽن حصن ۾ ورهائي ٿو ڇڏي، ماضي، حال ۽ مستقبل ۾. زندگي ان ٽڪنڊي ۾ قيد آهي. ٽن ڪنڊن ۾ جيڪي به حادثا ٿين ٿا. اصل ۾ ان حادثن جو اثر به عمر تي Depend ڪري ٿو. ڪڏهن ڪڏهن عمر ئي محسوس ڪرڻ جو ماپو ٿئي، ۽ ڪڏهن عمر به دخل اندازي نه ڪري..... ساڳي عمر
هوندي به ماڻهوءَ جي محسوس ڪرڻ جي سگهه مختلف هوندي آهي. ڏک ئي ماڻهوءَ کي محسوس ڪرڻ جي سگهه وڌائي ٿو ۽ جيڪو وڌيڪ محسوس ڪندو ان وٽ اظهار به سگهارو هوندو.
جيڪڏهن ڪو حادثو ٿئي، ان کي ڏسندڙ هڪ کان وڌيڪ هجن ۽ يقينن..... هڪ کان وڌيڪ مختلف اينگلس تي هوندا. انهن جو مشاهدو مختلف ٿي ويو. بلڪه ان کي محسوس ڪرڻ به ان جي عمر نه بلڪه محسوس ڪرڻ جي Capacity تي هوندو. جيڪو وڌيڪ
حساس هوندو، اهو وڌيڪ اظهار ڪري سگهندو. ائين ئي سڀ ڪجهه آهي ان غار جي ماڻهوءَ کان هن مهل تائين جي ماڻهوءَ سان کيڏندڙ حادثن ڪري جو به ڏک پيدا ٿيو آهي. ان جو اظهار هر دور ۾ مختلف رهيو آهي. اهو اظهار ڀل پوءِ ڇونه ڪهاڻيءَ ۾ هجي.
ڪهاڻي- آدم ۽ حوا کان شروع ٿي، اڄ به آدم ۽ حوا سان ئي کيڏي ٿي. صرف اظهار جيئن پوءِ تيئن طاقتور ٿيندو ٿو رهي. اهو چوڻ ته ”پراڻو وقت اڄ کان بهتر هو“ يا ائين چوڻ ته اڳ واري ڪهاڻي اڄ جي ڪهاڻي کان وڌيڪ بهتر آهي. اهو سراسر غلط آهي. صحيح ته اهو آهي، سماج ۾ جيئن ترقي ٿيندي رهي تئين، ڪهاڻي ۾ به ترقي ٿيندي رهي. ڊاڪٽر اسحاق انصاريءَ پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ چيو ته ”جمود ٿيندو ئي نه آهي. جمود نه اڳ هو ۽ نه هاڻي، ته تخليقي دور جي شروعات ئي هاڻي ٿي آهي.“
سچ ته اهو آهي ته اسان کي چيو ويو ته ڪهاڻي جو گهاڙيٽو ئي هڪ آهي. شروعات، وچ ۽ پڇاڙي. پر حقيقت اها آهي ته ڪهاڻي جي ڪا جاميٽري هوندي به نه هوندي آهي. جنهن جي شروعات ۽ پڄاڻي هوندي به نه هوندي آهي. بلڪل ائين جيئن نيري آسمان ۾ اڏامندڙ بادل، يا ڏٺل خواب. جنهن خواب کي واضع ڪرڻ جي باوجود به ڪجهه نه ڪجهه رهجي ويندو هجي. ائين ڪهاڻي ۾ به سڀ ڪجهه هوندي به ڪجهه نه ڪجهه رهجي ٿو وڃي. ائين ئي جيئن
پاڻي کي ڪو Shape نه آهي. بي رنگ هوندي به رنگدار. هو ته حالتن کي ڏسي پاڻ کي Shape ٿو ڏي. ڪهاڻي به ايتري ئي نفيس آهي. ائين ئي ڏيک ڏيندي آهي، ائين ئي محسوس ڪرائيندي آهي.
اهڙن ئي لطيف احساسن کي محسوس ڪرائڻ جي سگهه عباس سارنگ ۾ آهي. عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي. سچ ته اهو آهي ته سنڌي ڪهاڻي کي پرکڻ لاءِ اڄ تائين ڪي ٺوس معيار رکي نه ڳالهايو ويو آهي اسان جي نقاد سچائي سان سنڌي ڪهاڻيءَ جي ٻين ٻولين جي ڪهاڻين سان ڀيٽ ڪري ته سنڌي ڪهاڻي ڪنهن به حوالي سان معيار ۾ گهٽ نه هوندي.
سنڌي ڪهاڻي جي معيار کي وڌائڻ واري قافلي ۾ عباس سارنگ کان وٺي انور ابڙو، منور سراج، انور ڪاڪا، عبيد راشدي عزيز قاسماڻي، احسان دانش، امر لغاري، فاطمه لغاري، ابراهيم کرل، اعجاز سمون، رياضت ٻرڙو، سعيد سومرو، سيف الدين سيف، انور ڪليم، محمد صديق منگيو، اصغر گگو، ممتاز لوهار، نصير ڪنڀر، مراد قريشي، فياض چنڊ، اسحاق انصاري، عباس ڪوريجو، فتاح ابڙو، نور کوسو ۽ تمام گهڻي اڃا ڊگهي قطار آهي. جا ڪهاڻي قافلي ۾ شامل آهي.
عباس سارنگ جي پهرين ڪتاب پکي اڏاڻا پيار جا کان پوءِ هي ڪتاب هڪ سگهاري وک آهي. هن ڪهاڻي ڪتاب ۾ شامل مختصر ڪهاڻيون بلڪل پنهنجي انتهائي خوبصورتيءَ سان شامل آهن. ڪهاڻي ”جاميٽري کان آلجبرا تائين“ انتهائي پاور فل ڪهاڻي آهي. لکي ٿو: ”وري فٽ پٽي کڻي هڪ ڊگهي لڪير ڪڍيائين، لڪير
جي هڪ ڇيڙي تي ”الف“ لکيائين ۽ ٻئي ڇيڙي تي ”ب“ ۽ اڃا وڌيڪ خوش نظر آئي پر منهنجي دل دلگير ۽ اٻاڻڪي ٿي وئي، ڇو ته مون کي محسوس ٿيو انهيءَ لڪير جي هڪ ڇيڙي تي مان بيٺو آهيان ته ٻئي ته هوءَ......... هڪٻئي کان جدا جدا جاميٽري ۽ آلجبرا جي حسابن وانگر....... تڏهن منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ پاڇي ڪجهه به نه بچيو.“
سچ ته اهو آهي ته عباس سارنگ جي پاڇيءَ ۾ خوبصورت ڪهاڻين جو خوبصورت ڳٽڪو ”مقدس مٽي“ ئي بچي آهي. اسان سڀ عباس سارنگ مان پراميد آهيون.
اخلاق انصاري
سچل ڪالوني لاڙڪاڻو.