ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2743
  • 739
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

پنڪ خيال: ” عباس سارنگ : شعور ڏيندڙ ڪهاڻيڪار“

مختصر ڪهاڻيءَ جي اَبي ”ايڊگر ايلن پو“ کان وٺي هن جديد دور جي ڪهاڻيڪارن ۾ عباس سارنگ تائين ڪهاڻي ڊگهو سفر طئه ڪري آئي آهي، جنهن ۾ ڪيئي تجربا پڻ ٿيا آهن.
منهنجو دوست عباس سارنگ ڪافي وقت کان مسلسل ڪهاڻيون لکندو پيو اچي ۽ اهو عمل (مسلسل لکڻ) هڪ ڪهاڻيڪار لاءِ ضروري به آهي. هن جي ڪهاڻين جي ڊگهي لسٽ آهي پر انهن ۾ تمام ننڍڙيون ڪهاڻين کوڙ ساتريون آهن ۽ انهن ۾ ڪافي ته رڳو مڪالماتي ڪهاڻيون آهن.
اهڙيءَ طرح هن ڪتاب ۾ به رڳو مختصر يعني ننڍڙيون رڳو هڪ صفحي جون ڪهاڻيون ۽ ڪجهه خالص مڪالماتي ڪهاڻيون شامل آهن. ۽ اهي ئي اهڙيون ڪهاڻيون آهن، جيڪي عباس سارنگ جي سڃاڻپ آهن.
مڪالماتي ڪهاڻي لکڻ ڄڻ ته هڪ الڳ فن لڳندو آهي. منهنجي خيال ۾ اهڙيءَ ڪهاڻيءَ ۾ مقصد ڪاميابي سان بيان ڪرڻ ليکڪ جو ڪمال هجي ٿو ۽ جڏهن عباس جون مڪالماتي ڪهاڻيون پڙهون ٿا ته اسان کي اهو ڪمال نظر اچي ٿو.
عباس جي ڪهاڻين جي اڀياس وقت اسان کي اها پروڙ به پئي ٿي ته هو ڪهاڻي ۾ ڊائلاگ ذريعي حق ۽ سچ جي راهه کي ڳولي لهڻ جو ڏس ڏي ٿو ۽ ڊائلاگ ذريعي ئي غلط ماڻهوءَ کي غلطيءَ جو احساس ڏياري ٿو ۽ اهو سندس ڪمال آهي. سماج ۾ اهڙا
ڪردار موجود آهن ۽ انهن کي ڪهاڻيءَ ذريعي بيان ڪرڻ ۽ انهن جي اصلاح ڪرڻ ۽ نيڪيءَ طرف وٺي وڃڻ ڪهاڻيڪار جو ڪارنامو هجي ٿو.
عباس ڪهاڻي ذريعي شعور ڏي ٿو ۽ هو ان ڪم ۾ مايوس نه ٿو ٿئي ان ڪري مسلسل لکي ٿو ۽ هونءَ به کيس چڱيءَ طرح ڄاڻ آهي ته شعور ڏيندڙ مايوس ٿيو ته ڄڻ ذهني شڪست کائي ويو ڇو ته مايوسي ذهني شڪست آهي.
عباس سارنگ جون ڪهاڻيون احساس جاڳائن ٿيون ۽ ڪهاڻيڪار جي اها ئي ڪاميابي چئبي جو احساس جاڳائي. مان سمجهان ٿو ته جيڪا ڪهاڻي ماڻهو کي دونڌاڙي وجهي، سوچڻ تي مجبور ڪري ۽ احساس ڏيارائي ته اها ئي ڪامياب ڪهاڻي ليکبي آهي.
۽ مان سمجهان ٿو ته عباس سارنگ ۾ اهي خاصيتون موجود آهن. جيڪي هن کي ڪهاڻيڪار مڃرائن ٿيون.

سومرو شبير احمد
جيڪب آباد.
7337296-0333