دل سان: ”حساس طبيعت جو نفيس ماڻهو“
ٻين جي زندگيءَ ۾ رنگ ڀريندڙ ڀاءُ عباس سارنگ پنهنجي زندگيءَ مان بيحد مايوس، زماني جو ڏکايل هو. پر اڄ الله سائين ان جي زندگيءَ کي رنگين ڪري ڇڏيوآهي، سندس زندگيءَ ۾ هڪ اهڙو همسفر آيو آهي جنهن سندس زندگي جي ڏکن تي مرهم رکي، زندگيءَ کي جيئڻ جو حوصلو ڏنو آهي.
ڀاءُ عباس سارنگ ڪهاڻيون لکڻ سان گڏ اداڪار به رهيو آهي. همرچو آرٽس پروڊڪشن جي اسٽيج تان اداڪاري ڪندو رهيو آهي. سندس لکيل ڊراما ۽ خاڪا اسٽيج به ڪيا ويا آهن. مون کي ياد آهي جڏهن سندن ڪو ڊرامو وغيره ٿيڻ وارو هوندو هو ته ڏينهن رات ريهرسل ڪندا هئا ۽ ان ڊرامي جا سيٽ به پاڻ ٺاهيندا هئا. جنون جي حد تائين اداڪاريءَ جي فن سان سلهاڙيل رهيو ۽ وري
تصويرون ٺاهيندو هو ته پوءِ بس ڪمري ۾ پاڻ کي قيد ڪري ڇڏيندو هو کائڻ، پيئڻ ئي وسري ويندو هئس سندس هڪ ڀيرو تصويرن جي نمائش به ٿي آهي.
موڊ جي حساب سان ڪڏهن صفا ڪاوڙيل ته ڪڏهن وري ايترو ته مزاحيه ۽ کِلمک جو کِلائي کلائي کيرو ڪري وجھندڙ ۽ ماٺ رهندو ته لڳندو وري ڪڏهن به نه کلندو.....
منهنجي بس اها ئي دعا آهي ته ڀاءُ عباس سارنگ کي الله سائين هر موڙ تي ڪاميابي نصيب ڪري ان کي وڌيڪ بلندين تي پهچائي. مان خوشنصيب آهيان ته قدرت مون کي عباس سارنگ جھڙو ڀاءُ ڏنو آهي.
هي ان جي ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب آهي پهريون ڪتاب ”پکي اُڏاڻا پيار جا“ گھڻي ڪاميابي ماڻي چڪو آهي ۽ هي ڪهاڻي ڪتاب ”مقدس مٽي“ به پڙهندڙن کي گھڻو پسند ايندو. ڀاءُ عباس سارنگ پنهنجي ڪهاڻين لکڻ ۾ ڏاڍو حساس آهي جيڪو هن محسوس ڪيو آهي اُهو هن ڪهاڻين ۾ ڏيئي ڇڏيو آهي.
سحر سومرو
جيڪب آباد.