ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2743
  • 739
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

”شرافت جو وڻ“

”شرافت جو وڻ“

مينهن شام کان وقفي وقفي سان وسي هاڻي بند ٿي ويو هو۔ ڪمري جي گھٽيءَ پاسي کلندڙ دريءَ جا ٻئي طاق هوا جي زور تي کلي ۽ بند ٿي رهيا هئا. دري منجھان ايندڙ تيز هوا سان گڏ پپر جا سڙيل پن به ڪمري اندر اچي رهيا هئا. هوا ڀت تي لڙڪيل ڪيلينڊر کي ڦڙڪائي ڀت کان ڌار ڪرڻ ۽ ڪيرائڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهي هئي.
عُمر بيچيني مان کٽ تي پاسو ورايو، کلندڙ ۽ بند ٿيندڙ دريءَ تي نظر وڌائين. عمر کي دريءَ جو اهو بي ترتيب منظر نه وڻيو کٽ تان اُٿي دريءَ جي هڪ طاق کي جھلي ٻاهر ڏسڻ لڳو. ٻاهر نِهارڻ سان سندس وارن سان تيز هوا کيچل ڪندي رهي. سامهون ئي بيٺل پپر جي وڻ مان هوا جي زور تي ڇڻي آيل سُڪل پپر جا پن به سندس منهن سان ٽڪرائجي ڪمري ۾ داخل ٿي رهيا هئا. عمر ٻاهر غور سان ڏٺو پر موٽ ۾ کيس ٻاهر اوندهه کانسواءِ ڪجھ به نظر ڪين آيو. عمر دري کي بند ڪري، کٽ تي ڪاوڙ ۽ بيچينيءَ مان اهلجي پيو.
هاڻي سندس جسم جي گرمي نازڪ مرحلي مان گذري رهي هئي. عمر وري ٻه ٽي ڀيرا کٽ تي پاسا ورايا. سندس خيالن جو مرڪز جوان جماڻ صدوري هئي جيڪا اڳواٽ ئي ٻه سئو روپيا وٺي اڃان ڪو نه پهتي هئي. عمر دل ئي دل ۾ صدوريءَ کي ڪچيون گاريون ڀيڻ ماءُ تي ڏنيون وري پاسو ورائيندي ڀڻڪيو:
”چنڊي رن کي هِن وقت تائين ته اچڻ گھربو هو!!“
عمر اکيون بند ڪندي ذهن تي تصور ٺاهڻ لڳو ته صدوري ڪمري ۾ اچي چڪي آهي:
”صدوري! تون ايترو وقت ڪٿي هيئنءَ!؟
”تو پاڻ ئي ته چيو هو سهڻي ٿي اچان!“
”او صدوري! اچ منهنجي هنن ٻانهن ۾....!“
عمر صدوري کي زور سان پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀري کيس ڳلن تي مٺيون ڏيندو رهيو. صدوريءَ کي کٽ تي سمهاري سندس ”قميص کي هيٺان کان مٿي ڇڪڻ لڳو. صدوريءَ جي بدن تي هٿ ڦيرائيندي، هن جي خوشيءَ جي انتها نه هئي. صدوريءَ جي اڳ تي انگي چهٽيل هئي. عمر سندس جسم تي هٿ ڦيرائيندي انگيءَ منجھان، عورت جي جسم تي وڌ ۾ وڌ خوبصورت نظر ايندڙ بال نما ارهن کي ڇڪي ٻاهر ڪڍيو ۽ خيالي مزي ۾ محو هو ته گھر جو ٻاهريون دروازو کڙڪيو. سندس خيالي ۽ تصوراتي تاج محل پرزا پرزا ٿيندي ڀاسيس. وري دروازو کڙڪيو. عمر چپن ۾ ڀڻڪيو:
”شايد اچي ويئي.... رنڊي!“
عمر کٽ تان اُٿي ڪمري جي ڏاڪڻ تان لهي گھر جو ٻاهريون دروازو کوليو پپر جا ڇڻي آيل پن هوا جي زور تي اندر ڪاهي پيا. دروازي تي صدوري بيٺي هئي. عمر جي سوچ جي برعڪس سندس جسم تي اهي ئي ڪلهوڪا ميرا ڪپڙا پهريل هئا. عمر ڏٺو ته صدوريءَ سان هڪ ڇهن سالن جو ننڍڙو ٻالڪ به ساڻ هو. عمر صدوريءَ کي چيو:
”صدوري! ايڏي دير.....؟!“
۽ ٻالڪ کي ڏسندي وري سوال ڪيائين:
”۽ هي ٻار ڪير آهي ۽ ڪنهنجو آهي.....؟“
صدوري جواب ڏيڻ بجاءِ ننڍي ٻالڪ تي شفقت جو هٿ گھمائيندي مٿي ڏاڪڻ تي چڙهڻ لڳي. ڪمري ۾ پهچي عمر کي چيائين:
”صاحب! جلدي ڪر ماکي ٻي جاءِ تي به وڃڻو آهي....“
عمر وري ننڍڙي ڏانهن نهاريو جيڪو پڻ کيس سواليا نظرن سان اڳ ۾ ئي کيس ڏسي رهيو هو. عمر گھڻي دير تائين ٻالڪ سان اکيون ملائي نه سگھيو. سندس اندر ۾ اڻ تڻ مانڌاڻ مچائي ڇڏيو هو. صدوري کي بيقراري مان چيائين:
”صدوري! ڪالهه تائين هيءُ تو سان گڏ نه هو، هي ڪير آهي؟“
صدوري کٽ تي سمهندي ۽ قميص کي مٿي ڪرڻ لاءِ هٿ وجھندي چيو:
”صاحب! ماکي هڪ ٻئي جاءِ تي به وڃڻو آهي، اڳ ۾ به چيم نه تون پنهنجو ڪم ڪري وٺ ته!“
”پر صدوري مون کي منهنجي سوال جو جواب ڏي هي ٻار ڪير آهي؟“
”ائين سمجھ هي ڪو ڇورو يتيم ٻار آهي هن جو ڪو به وارث وغيره ڪونهي.... بس!“
”اهو ته منهنجي سوال جو جواب نه آهي....!“
”صدوري کٽ تي ويهي رهي.... ايترو ئي شوق اٿي ٻڌڻ جو ته پوءِ ٻڌ.... صاحب! هي منهنجو پٽ آهي. هن بدنصيب جو پيءُ جواري ۽ نشائي هو. هن جي پيءُ گھر جي هر هڪ شيءِ وڪڻي ڇڏي ۽ رقم جوا جي داءُ تي هارائي ڇڏي، ايتري تائين جو هن ڪميني ماڻهو مانکي به جوا ۾ هارائي ڇڏيو، پر پوءِ مان وڏي مصيبت سان پاڻ ۽ هن جو سر بچائي هن شهر ۾ آيس هتان جي ماڻهن جون
نظرون مانتي ائين پونديون هيون ڄڻ زندگيءَ ۾ ڪا عورت ڏٺي ڪو نه هجين....“
صدوري جو آواز ڳورو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳي:
”پوءِ مانکي هتي ڇا مليو؟ هن ننڍڙي ۽ پنهنجي پيٽ جو دوزخ ڀرڻ لاءِ توهان جھڙن شريف ماڻهن جي بسترن تي سمهڻ شروع ڪيم ۽ هاڻي جيتري تائين جيئري آهيان سمهندي رهندس.“
صدوري ايترو چئي رئندي رهي ۽ کٽ تان اٿي بيهي رهي ته سندس ننڍڙو ٻالڪ به ڄنگھن ۾ چنبڙي روئيندو رهيو. صدوري، ٻالڪ ۽ هوا سان گڏ ايندڙ پپر جي پنن جو آواز ڪمري ۾ درد جي ڪيفيت کي هانوَ ڦاڙيندڙ بڻائي رهيو هو. عمر پاڻ کي کيرٿر جبل جي چوٽيءَ تان ڪرندي محسوس ڪيو. کيس پنهنجي شرافت جي وڻ جا ڏار ٺڪاءُ ڏيندي ڀڄندي نظر آيا ۽ پنهنجي ئي نظرن ۾ پاڻ ئي ڪري چڪو هو.