”مـقدس مـٽي“
آئون جيئن ڪمري ۾ گھڙيس مامو خدا بخش خط پڙهي رهيو هو. آئون سندن سامهون ئي رکيل ڪرسي تي ويهي رهيس. مامي خط مان نظر ڪڍي، مونڍيءَ کي اتي ئي جھلي نڪ تي رکيل نظر جي عينڪ مٿان ئي مون تي نظر گھمائي ۽ وري خط پڙهڻ لڳو. مان سندس منهن ۾ نهاريندو رهيس. سندس منهن تي وقت جون سموريون ريکائون موجود هيون. جيئن ته آئون کيس اڳ ئي نهاري رهيو هوس. ڇا ٿو ڏسان مامي جي اکين ۾ خط پڙهندي ڳوڙهن جا آگم اچي ويا هئا. اهو منهنجو پهريون اتفاق هو جو مامي جي اکين ۾ ڳوڙها ڏسي رهيو هوس. مامي عينڪ لاهي پنهنجا ڳوڙها اگھيا، وري ساڳيو خط پڙهڻ لڳو. جيئن ئي مامي خط پڙهي پورو ڪيو. آئون ته اڳ ئي کيس سواليا ۽ عجب مان نهاري رهيو هوس.
مامي خدا بخش پنهنجي زندگيءَ جي تجربي مطابق جلديءَ ۾ منهنجو چهرو پڙهي ورتو. مرڪندي چيائين ”ڇا ٿو ڏسين ابا؟“ _ ”ماما! ڪنهن جو خط آهي ۽ ان کان اڳ مون ڪڏهن به اوهان کي ائين...!“ _ ”ها... تون صحيح پيو چوين پر ڪڏهن ڪڏهن ڦٽ اهڙا ته چڪي پوندا آهن جو عذاب جو احساس شدت سان ٿيندو آهي.“ منهنجون وايون بتال ٿي ويون. آئون سوچڻ لڳس هي مامو ڇا چئي رهيو آهي. جيڪو هميشه کلندو ۽ مسڪرائيندو رهندو هو. جنهن جا ٽهڪ زندگيءَ گھارڻ جو حوصلو ۽ احساس ڏيندا آهن، اهڙو ماڻهو ۽ اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي! بيشڪ اهڙا ماڻهو واقعي اندران پورا هوندا آهن، اندر ئي اندر ۾ ڳرندا ۽ تڙپندا آهن. اڄ مون کي مامي تي گھڻو ئي پيار اچي رهيو هو.
”ڇا ٿو سوچين؟“ _ ”ڪجھ به نه... ها ماما اوهان خط بابت ٻڌائي رهيا هئا.“ _ ”ها هي خط آڪاش جو آهي، جنهن کي هتان ويندي اڌ عمر گذري ويئي آهي. جيڪو منهنجو پڳ مٽ يار هو، بس هن کي وڃڻو هو ۽ هو هليو ويو، ڀلا وڃڻ واري کي ڪير روڪي سگھيو آهي. بس هو ته هليو ويندو آهي.“ مامي جو آواز ڳورو ٿي ويو ۽ اکيون آليون ٿيڻ لڳس. وري مامو خدا بخش ڳالهائڻ لڳو ” آڪاش لکيو آهي، اسين پنهنجي ماتر ڀوميءَ کان جدا ٿي هر روز جيئون ٿا ۽ هر روز مرون ٿا.“
مامو خدا بخش وڌيڪ ڪجھ چئي نه سگھيو ۽ خط کي چميون ڏيڻ لڳو. مامو اڪثر مون کي پنهنجي يار آڪاش ۽ پنهنجي ننڍپڻ ۽ جوانيءَ جون ڳالهيون ٻڌائيندو رهندو آهي. مامي جي ڳالهين مان آڪاش لاءِ بيحد محبت هجڻ جي ڀنل خوشبوءِ ايندي آهي. هنن ٻنهي جيون جا پهريان سندر ۽ خوبصورت ڏينهن گڏ گذاريا هئا. پر پوءِ ورهاڱي جي صورت ۾ هنن يعني روح کي جسم کان ڌار ٿيڻو پيو هو. آڪاش هندوستان هليو ويو ۽ مامو هن اسلامي ملڪ ۾...
”چانهه پيئدين؟“ موٽ ۾ آئون مامي جي منهن ۾ نهاريندو رهيس. ”ڇا ٿو ڏسين؟“ _ ”دوستي جي رشتي تي سوچي رهيو آهيان.“ _ ”ڀل تون سوچ آئون جيستائين چانهه ٿو ٺاهي وٺان ۽ ڀل تون هي آڪاش جو خط به پڙهي سگھين ٿو، ڇو ته تون به منهنجو دوست آهين.“ مامو بورچي خاني ڏانهن هليو ويو. ماما هميشه پنهنجو ڪم پاڻ ڪندو آهي. مون کيس ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ”ماما! ڪانوڪرياڻي ڇو نه ٿا رکو؟“ پر هميشه اهو چئي نٽائي ويندو آهي ته ” نه بابا نه... مان ٻئي جو محتاج نه ٿيندس.“
مامي جو آئون ڀاڻيجو دوست آهيان. منهنجي ننڍپڻ کان ئي مون تي پنهنجو ساهه ڇڏيندو آيو آهي. پنهنجي هر ڳالهه مون سان ڪري ڇڏي. هر قسم جي صلاح مون سان ڪري. ايتري تائين جو ڏک سک به مون سان ونڊيندو آهي، پر منهنجي اڃا تائين هڪ آس آهي اها هي ته آئون مامي جي ذاتي ڊائري پڙهڻ چاهيان ٿو، پر ماما نه ڪڏهن ان پنهنجي ڊائري متعلق ٻڌايو آهي، نه وري پڙهڻ جي ئي آڇ ڪئي آهي.
ماما شادي ڪئي، پر مالڪ شريڪ حيات کسي ورتي شايد ان ڪري جو کيس پنهنجي شريڪ حيات سان بي پناهه محبت هئي. مامو ٻڌائيندو آهي، ”تنهنجي مامي تمام سٺي ۽ پيار ونڊيندڙ عورت هئي. هن جو منهنجي زندگيءَ ۾ اچڻ انقلاب مثل هو، پر پوءِ سڀ ڪجھ ڀسم ٿي ويو.“
”اڄ تون ڪهڙي دنيا ۾ گم آهين ڀاڻيجا؟“ مامي چانهه اڳتي وڌائيندي چيو، ”بس ماما اوهان جي باري ۾ سوچي رهيو هوس.“
”اڇا ته وڏا! ڇا سوچي رهيو هيئن؟“ مرڪندي وري چوڻ لڳو ”هن عمر ۾ منهنجي شادي لاءِ نه سوچجانءِ.“ ان ڳالهه تي منهنجي چهري تي مرڪ اچي وئي. ”وڌيڪ خبر چار ڏي، نوڪريءَ جو ڇا ٿيو؟“ جواب ۾ آئون ماٺ رهيس.
منهنجو چهرو پڙهندي چيائين ”يار! اچي دل لاٿي اٿي ان ۾ به رازق جو راز هوندو، دلجاءِ ڪر.“
چانهه پي پاڻ ٻئي گھمڻ لاءِ ٻاهر نڪتاسين. چيائين ”ابا! ڪيڏانهن هلون؟“ ماما سمنڊ تي هلڻو آهي. رات چنڊ جي چوڏهين آهي. ماما ۽ آئون هر چوڏهين جي رات سمنڊ تي ويندا آهيون ۽ ان رات اسين دير تائين سمنڊ تي گھمندا رهاسين. اڄ اسين ماٺ هئاسين. بس مست هو ته سمنڊ... اوچتو مامي منهنجي ڪلهي تي هٿ رکندي چيو ”ابا! جيڪب آباد هلون؟“ ماما جي واتان اهو سوال ٻڌي حيران ٿي ويس. ”ها ابا هاڻي آئون پنهنجي انهيءَ شهر ويندس جيڪو منهنجي جنم ڀومي آهي. جتي منهنجي ننڍپڻ ۽ جواني گذري، هاڻي آئون اتي وڃڻ گھران ٿو. هي ڪراچي شهر منهنجي ونيءَ جو قاتل آهي، بس هاڻي منهنجي رٽائر ٿيڻ جو وقت به اچي ويو آهي. آئون جيڪب آباد وڃڻ گھران ٿو.“ _ ”رٽائر...! مون کان رڙ نڪري ويئي. ”ها ابا...“ _ ”پوءِ مون کي اوهان انهيءَ متعلق اڳ ڇو ڪو نه ٻڌايو؟“ _ ”ابا! هاڻي ته خبر پئجي ويئي نه.“ _ ”پر ماما، جيڪب آباد کان ته اوهان پاڻ ئي باغي ٿيا هئا، ڇو ته هن اوهان کان اوهان جو يار آڪاش کسيو هو. هي اهو بدنصيب شهر آهي، جتي روح کان جسم ڌار ٿيو هو.“ _ ”بهرحال ڪجھ به آهي، هاڻي جيڪب آباد هلڻو آهي، تون تيار رهجانءِ.“
موٽ ۾ مان خاموش رهيو هوس. سمنڊ تان موٽندي ماما چيو ”ابا! تو هڪ ڳالهه ضرور محسوس ڪئي هوندي، اها هي ته آئون تو کي پنهنجي هر شيءِ ۾ شامل ڪندو آيو آهيان، پر اڄ ڏينهن تائين آئون تو کي پنهنجي ذاتي لکيل ڊائري نه ڏيکاري سگھيو آهيان سو اهو وقت اچڻ وارو آهي. آئون تو کي ذاتي جيون جي ڊائري پڙهڻ لاءِ ڏيندس، پر هتي نه جيڪب آباد پهچڻ مهل“.
صبح ماما مون کي ننڊ مان اٿاريو پاڻ ٻنهي گڏجي ناشتو ڪيوسين مامو آفيس هليو ويو ۽ آئون فليٽ تي ئي رهيس. ڪيڏانهن به وڃڻ لاءِ دل نه ٿي چاهيو، پر وڃڻ تي مامي جي جيڪب آباد وڃڻ جي ڳالهه ياد آئي ۽ جيڪب آباد جو سمورو منظر اڳيان چٽجي ويو، ٽاور روڊ تي ڳاٽ اوچو ڪيون بيٺل وڪٽوريا ٽاور، جيڪب صاحب ۽ عوامي انقلابي شاعر عبدالڪريم گدائيءَ جون قبرون، ڀڳل ٽٽل روڊ، واڻين جون پراڻيون حويليون، هر سال ٿيندڙ هارس اينڊ ڪيٽل شو ۽ مامي جو پراڻي نموني جو گھر، امان ته ماما خدا بخش کي هميشه پنهنجي بدلي جيڪب آباد ڪرائي اچڻ لاءِ زور ڀريندي هئي پر هوڏانهن ماما جو هٺ هو، پر مامو هاڻي ائين ڪيئن جيڪب آباد هلڻ لاءِ تيار ٿي ويو آهي؟
مامي خدا بخش جي به عجيب زندگي گذري آهي. هي پنهنجي ساري خاندان کان ڪٽجي رهيو آهي. هن جي سوچن ۽ سندس خاندان جي سوچن ۾ ڏينهن رات جو فرق رهيو آهي. مامي سڀ کان پهرين جيڪا خانداني رسم ٽوڙي سا ٻاهران شادي نه ڪرڻ جي ۽ ماما ٻاهران شادي ڪري ڏيکاري. ماما جي اڳيان گھڻيون ئي رڪاوٽون آيون پر ماما هميشه بردبار رهيو.
هي پنهنجي خاندان کان ڪٽجڻ لاءِ به تيار هو. بس انهن مخالفتن جي ڪري ڪراچي هليو آيو ۽ جيڪب آباد صرف سال ۾ هڪ ڀيرو ايندو هو نه ته خير. هتي ڪراچيءَ ۾ جيستائين مامي جيئري هئي مامو سرهو رهندو هو پر پوءِ بس جيون گھاري رهيو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي چوندو آهي، ”ابا حقيقت اها آهي جو زندگيءَ مان چس ئي نڪري ويو آهي، بس جيئان ٿو ڌرتيءَ جي عشق ۾ جوڳي ٿي، آڪاش ۽ پنهنجي ونيءَ کي ياد ڪندي يا تو کي ڏسندي.“
ماما کي پنهنجي اولاد نه ٿي هئي. آئون اڃا ننڍو هوس هڪ ڀيري مامو ڪراچيءَ کان جيڪب آباد آيو هو، ان ڏينهن آئون اسڪول کان جيئن ئي موٽي آيو هيس ته ماما خدا بخش کي ڏسي خوش ٿيو هوس. موٽ ۾ ماما مون کي ايتري ته محبت ڏني جو ان ڏينهن کان پوءِ ماما جڏهن به ڪراچيءَ کان ايندو هو. بس پوءِ آئون هڪ پل به وٽانئس پري ڪو نه ٿيندو هوس. پوءِ ائين ئي هڪ ڏينهن ماما مون کي ڪراچي گھمائڻ لاءِ وٺي ويو. بس پوءِ منهنجو رستو کليو هر مهيني ٺڪ ماما وٽ، بابا امان کي چوندو هو، ”خدا بخش اسان جي ٻار تي الائي ڪهڙو جادو ڪيو آهي جو سندس کان سواءِ رهي ئي نٿو سگھي.“
ماما سنڌ ڌرتيءَ جي هر فرد سان محبت ڪندڙ آهي، سواءِ انهن جي جن هن ڌرتيءَ کي مهمان نوازيءَ جي صلي ۾ اڌ ڪرڻ ٿي گھريو. جڏهن به ماما انهن تي ڳالهايو دل کولي انهن تي تنقيد ڪئي، ڇو ته انهن جو هتي اچڻ ماما جي زندگيءَ جو ڀيانڪ واقعو هو.
هڪ ڀيري ماما جي آفيس ۾ ويس. ڇا ٿو ڏسان ماما هڪ ڀنگيءَ سان گڏ چانهه پي رهيو آهي. فليٽ تي اچي مون کيس چيو ”ماما گھٽ ۾ گھٽ ڀنگيءَ کي ته پاڻ سان گڏ نه ويهاريو.“ _ ”نه ابا نه... اها تنهنجي ڀُل آهي. اصل ۾ هو به هڪ انسان آهي، جيترو انسان جو حق آهي ان کي اوترو مان ڏجي.“ ماما جي سوچ جي گھرائي ڏسي مجبورن مون کي هٿيار ڦٽا ڪرڻا پيا هئا.
اهو ڏينهن به آيو ماما رٽائر ٿي ويو ۽ اسين گڏجي جيڪب آباد هليا آياسين. امان ته ماما کي ڏسي خوشي مان جھومڻ لڳي. هتي اچڻ سان ئي مامي پنهنجي پراڻن ساٿين سان ملڻ جلڻ شروع ڪيو. هر روز ماما جي گھر تي ڪچهريون متيون پيون هونديون هيون.
هتي جيڪب آباد ۾ ماما ڏٺو ته نوجوانن ۾ تعليم جي واڌاري ڪري سٺو شعور آيو آهي پر جنهن ڳالهه ماما کي ڏکايو سو هتي صدين کان جيون گھاريندڙ واڻين جي هندوستان لڏ پلاڻ جي ڳالهه هئي. ان جو اصل سبب هتي ڪيترين ئي صدين کان آباد واڻين کي تنگ ڪري لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ڪيو ٿي ويو. تنگ ڪرڻ ۾ انهن ماڻهن جو هٿ هو جيڪي اسلام جا ٺيڪيدار سڏائيندڙ آهن. ڇا اسان کي اسلام اهو ٿو سيکاري ته اسان انهن جي تذليل ڪريون. ڇا اهي انسان نه آهن؟ ڇا هنن جو هن ڌرتيءَ سان ڪو ناتو ناهي؟ جيڪي صدين کان هن ڌرتيءَ تي ساڳئي ٻولي ۽ ثقافت رکندڙ آهن. ها هنن کي هاڻي انهن جي به خبر پئجي وئي آهي. جيڪي اسلام جي نالي تي هتي آيا هئا. انهن جا اڄڪلهه ڪهڙا پرڪار آهن. انهن موٽ ۾ اسان کي رت سان رڱيل لاش ڏنا آهن. اهي لاش جن مان ڪو ونيءَ جو ور هوندو. ڪو ڪنهن ماءُ جو دادلو ٻار هوندو. ته ڪو پيءُ هوندو. پر اڄ تائين ڪنهن انهن داداگيرن جي ڳيچي کان جھلي پڇيو ته هي توهان ڪهڙي نالي ۾ اچي ڪوس ڪري رهيا آهيو.
هڪ ڏينهن ماما اڪيلو پنهنجي ڪمري ۾ ويٺو هو. آئون به ڪمري ۾ گھڙي آيس. مامو آڪاش جا موڪليل خط پڙهي رهيو هو. ”ماما! معاف ڪجو، آئون غلط وقت تي ته نه اچي ويو آهيان.“ _ ”نه ابا نه... تون اچ ويهه... مون تو کي ڪراچيءَ ۾ چيو هو نه ته آئون توکي جيڪب آباد ۾ لکيل ڊائري پڙهڻ لاءِ ڏيندس. سو اڄ آئون تو کي ڊائري ڏيئي رهيو آهيان.“ ماما اٿيو ۽ ڊائري کڻي مون کي ڏنائين. ان سان گڏ اهو چيائين ”ڊائري اڪيلائي ۾ پڙهجانءِ.“ آئون تجسس مان ڊائري مٿان هٿ ڦيرائڻ لڳس. ماما وري چيو ”ابا آڪاش مون کي ڪيترا ڀيرا لکيو آهي ته آئون کيس پنهنجي جيجل ماءُ ڌرتيءَ جي ”مقدس مٽي“ مجان، سو اهو ڪم آئون ڪو نه ڪري سگھيو آهيان. تون ٻڌاءِ مان ڇا ڪريان؟“ _ ”پوءِ اوهان موڪلي ڏيو.“ مون چيو، موٽ ۾ مامي چيو ”ڪيئن موڪلي ڏيان، ان ڌرتيءَ جي مٽي موڪلي ڏيان جيڪا غلامي جا ڏينهن ڏسي رهي آهي، جيڪا ظلم جي صدمي ۾ ساوڪ مان بنجر ٿيندي پئي وڃي. جنهن تي صدين کان آباد فردن کي پنهنجي ماتر ڀوميءَ تي ايجنٽ ۽ غدارن جا لقب ڏيئي تنگ ڪيو پيو وڃي...“ مامو روئي پيو. مون کيس اٿي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ مامو منهنجي ڀاڪر ۾ اهلجي پيو ۽ سڏڪا ڏيندو رهيو. ”ماما آئون مقدس مٽي موڪلڻ لاءِ تيار آهيان، پر مون کي اوهان جي مدد گھرجي اوهان منهنجي رهنمائي ڪريو ۽ طاقت جو مظاهرو آئون ڪندس. جڏهن اهي ٻئي قوتون ملي پونديون ته پوءِ اوهان جي يار آڪاش ڏانهن ”مقدس مٽي“ وڃي سگھندي.“
رات جو دير تائين ماما سان گڏ ويهي پنهنجي ڪمري تي آيس مون پڙهڻ لاءِ ڊائري کولي مون سڄي ڊائري کولي ڏٺي، سڄي ڊائري ڪوري هئي سواءِ هڪ صفحي جي، جنهن تي لکيل هو.
”سوچيو هوم هن ڊائري ۾ پنهنجو گھڻو ڪجھ لکندس. خوشين کان وٺي لڙڪن تائين، پر پوءِ ڌرتيءَ جي غلامي ڪري احتجاجن هڪ هڪ ڪورو ڪاغذ اٿلائيندو ڇڏيندو رهيس... ايتري تائين جو سموري ڊائري ڪوري رهجي ويئي سواءِ هتي چند سٽن جي جيڪي آئون اڄ قلمبند ڪري رهيو آهيان مون کان پوءِ منهنجي هن ڊائريءَ جو وارث منهنجو ڀاڻيجو آهي. هو چاهي ته هن ڊائري تي نئين سري سان آزاديءَ جا خوبصورت پل قلمبند ڪري سگھي ٿو.“
ماما خدا بخش جي ايتري گھري سوچ ڏسي منهنجي اکين ۾ ڪوسا لڙڪ اچي ويا ۽ مون من ئي من ۾ پختو عزم ڪيو ته آئون پنهنجي ملڪيت ڊائري، نئين سري سان لکندس ۽ ”مقدس مٽي“ ماما جي پڳ مٽ يار آڪاش ڏانهن به اماڻيندس.