ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2743
  • 739
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

”آف دي رڪارڊ“

”آف دي رڪارڊ“

”مان ٿو چوان هڪ وڏي سازش ٿي رهي آهي، سازش به اهڙي سازش جيڪا صرف اڳيان پٺيان هر پاسي کان سازش نظر اچي رهي آهي. اهي ظالم نٿا چاهين ته اسان سازش ڪيون يا ته وري هو اسان جي سازش کي سمجھي چڪا آهن.“
اهو چوندي ننڍي دانشور وڏي دانشور تي نظر وڌي ته وڏي دانشور پنهنجي نڪ تي سُرڪي آيل ٿلهي چشمي کي هٿ جي اشاري سان مٿي ائين لوڏو ڏنو ڄڻ ذهن بجاءِ ٿلهي چشمي سان، ٿلهي ڳالهه سوچيندو هجي. ننڍي دانشور جي ڳالهه واري دال ۾ ٻيو ڪجھ ڪارو هجي نه هجي ”سازش“ وارو ڪارو پٿر صاف نظر اچي رهيو هو. ننڍو دانشور، وڏي دانشور کي سوچ جي دُٻي ۾ غوطا کائيندي ڏسي، وري چوڻ لڳو:
”اسان کي ان ”سازش“ خلاف سازش ڪرڻ گھرجي نه ته هنن جي سازش ڪامياب ويئي ته پوءِ اسان جي سازش جو ڇا ٿيندو.....؟“
”ننڍو دانشور ڳالهائي رهيو هو ته عادت موجب وچ ۾ وڏي دانشور ڳالهايو.
”معاف ڪجانءِ مان وچ ۾ ٿو ڳالهايانءِ، جيڪڏهن ان سازش کي ڪاري ڪري مارائجي ته ڪيئن رهندو.....!“
”ننڍي دانشور وڏي دانشور جي اهڙي ڳالهه ۽ صلاح ٻڌي ڄڻ ته باغ بهار ٿي ويو. ان تي ننڍي دانشور وڏي دانشور جي پيرن تي هٿ رکندي چيو:
”وڏا! هتي ۽ هن موقعي تي ”ڪارو ڪاري“ جي رسم واهه جو ڪم ڏيندي..... اسان جا ڪافي غير دانشور ان رسم جي خلاف آهن مان چوان ٿو ڪا به رسم يا ڪا به شيءِ هتي غلط ڪونهي هتي ڪڏهن ڪڏهن ڪَکُ به ڪم ڏيئي وڃي ٿو آخر هڪ ڪَکَ هيٺان لَکُ جو لِڪل آهي.“ ساهه کڻي وڌيڪ چوڻ لڳو ”ترقي پسنديءَ ۾ اسان کي پنهنجن رسمن کي نه وسارڻ گھرجي آخر غيرت به ڪا شيءِ آهي.....!“
وڏي دانشور گول ڪرسي تي ڦرندي چيو:
”ان سان ڇا ٿيندو جو ان سازش کي ڪاري ڪرڻ کانپوءِ آخر ڪار فيصلو به ته اسان جي هٿ ايندو نه..... پوءِ ڏسجانءِ منهنجا فيصلا.....!“
وڏي دانشور جي ان ڳالهه تي ننڍي دانشور جون اکيون خوشيءَ منجھان گول ڦرڻ لڳيون پر ننڍي دانشور جي نرڙ تي سوچ جون ريکائون به چٽيون نظر پئي آيون. هڪ ساعت ۾ وڏي دانشور کي مخاطب ٿيندي چيائين:
”وڏا! ڀلا ان سازش کي ڪاري ڪري ته مارائجي پر آخر ڪار کيس ڪنهن سان ڪارو ڪجيس؟“
ننڍي دانشور جي انهيءَ ننڍي ڳالهه تي وڏي دانشور پنهنجي اعليٰ دانشوريءَ سان هي چيو:
”ان سازش کي ساڙ سان ئي ڪاري ڪري مارائڻو پوندو تڏهن وڃي جند ڇٽندي.“
”معاف ڪجانءِ وڏا! ساڙ ته اسان جو طاقتور بازو آهي اهو ڪيئن ٿو چئين. هت ظالمن جي سچ سان ئي کيس ڇو نه ڪاري ڪري مارائجي.“
ننڍي دانشور جي ايڏي گھرائي واري ڳالهه تي وڏو دانشور داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نه سگھيو ۽ چيائين:
”واقعي تون هڪ ڏينهن منهنجي جاءِ ضرور ڀريندي، مون کي اڄ تو تي فخر ٿي رهيو آهي. اها ڪيڏي نه حقيقت آهي ته هر ڪوئي پاڻ جھڙي کي واهه جو ڳولهي لهي ٿو. مان پنهنجو پاڇو تو ۾ ڏسي رهيو آهيان. هاڻي گھٽ ۾ گھٽ مان مطئمن آهيان.“
”بس وڏا! اها تنهنجي مهرباني آهي، نه ته پاڻ واقعي ڪنهن کان گھٽ به ٿورئي آهيون.“
ننڍي دانشور جي اها ڳالهه ڄڻ ته وڏي دانشور کان ڪجھ هضم ٿيندي نظر نه آئي ڇو ته وڏي دانشور جي موجودگي ۾ اها ڳالهه ڪرڻ ڪنهن به طرح صحيح ته نه هئي نه، ننڍي دانشور کي اهڙي جملي ڳالهائڻ کان پوءِ احساس ٿيو ته هن سانڊي وانگر رنگ مٽائيندي سڄي ماحول جو رنگ به مٽائي وڌو ۽ چوڻ لڳو:
”سائين! هن سرڪاري ادبي اداري جا توهان اڃا ڪيترو عرصو سنڀاليندڙ رهندوءُ.....“ ان تي وڏي دانشور پنهنجي ٿلهي چشمي اندران وڏيون اکيون ڪڍندي چيو ”ڇو........؟“
”اهو ان لاءِ ته ڪجھ ڪتابن ڇپائڻ لاءِ تياري ڪجي.“ ننڍي دانشور جو اهڙو جملو ٻڌي ڪجھ بهتر ٿيو ۽ چيائين:
”تون ٻڌاءِ ڇا ڇپرائجي.....؟“
”سائين توهان پنهنجا ٻه چار ڪتاب ڇپائي وجھو هيڏو توهان جو ڪم ٿيل آهي ۽ نالو به آهي ۽ وڏي ڳالهه ته توهان جو حق به آهي ۽ اها عزت توهان ماڻهن کان گھري وٺو ڇو ته اهڙو حق حاصل ڪرڻ لاءِ سڀ ڪجھ جائز آهي. هونئن به توهان هن اداري تي سربراهه جي حيثيت سان ويٺا آهيو ته به وڏي ڳالهه آهي ۽ ڪو نوجوان اچي ويٺو ته سڀ ڪجھ کائي ويندو ۽ اهڙا ڪم ڪندو جو اداري کي سڄي سنڌ ۾ خوار ڪندو ۽ خواهه مخواهه پاڻ کي مشهور ڪندو گھٽ ۾ گھٽ توهان ته ائين نه ڪندوءُ توهان اڳ ۾ ئي مشهور آهيو ۽ توهان جي هڪ الڳ سڃاڻپ آهي ۽ توهان جيڪو ڏکيو تحقيقي ڪم ڪيو آهي جيڪو ڪوشش جي باوجود ڪنهن کي سمجھ ۾ نٿو اچي پر اڳتي هلي صدين کان پوءِ ضرور ڪو نه ڪو ماڻهو سمجھيو به ته اها توهان لاءِ وڏي ڳالهه هوندي.“
وڏو دانشور ننڍي دانشور جي اهڙي ڳالهه ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيو ۽ خيال آيس ته هيڏي پر مغز ڳالهه ٻولهه ٿيڻ ۽ گھڻي وقت ڳري وڃڻ کان پوءِ به چانهه جو ته آرڊر ڏنو ئي ڪونهي... وڏي دانشور گھنٽي وڄائي پٽيوالي کي گھرايو.
”بابا ٻه کير پتي چانهه ملائي واريون ۽ کائڻ لاءِ ڪجھ بسڪٽ به..... ها ته تون ڇا چئي رهيو هيئن.....؟