”حـق ۽ آزادي“
هو جيئن ئي ”عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي“ جي موضوع تي تقرير ڪري هيٺ لٿو ته تاڙين سان هال وڄڻ لڳو. هي پنهنجي ايتري پذيرائي ڏسي ڏاڍو خوش ٿيو. هي خوش هو ۽ هن جو ضمير به مطمئن هو، ان لاءِ ته هن مڙدن جي معاشري ۾ مظلوم عورتن جي حقن جي ڳالهه ڪري، ڄڻ ته پنهنجي نظريي کي ٻين تائين پهچائڻ جو حق ادا ڪيو هو، ۽ اهو ئي هن جي نظرياتي پارٽيءَ جو موقف هو.
هي سيمينار ۾ آيل سڀني عورتن جي چهرن کي غور سان ڏسي رهيو هو، جيڪي کيس مڃتا ڏيئي رهيا هئا. سندس اهڙا ئي خوبصورت چنڊ جهڙا چهرا هن جي ڪمزوري به رهيا هئا، ان سمي هي به ڄڻ ته ٻهڪندو رهيو.
هي جيئن ئي گھر پهتو ته سندس ڌيءَ ڪومل ڏاڍو خوش ٿيندي پڇيو: ”بابا! اڄ ڏاڍا خوش پيا لڳو، خير ته آهي نه.....“
”ها پٽ! مان ڏاڍو خوش آهيان ان لاءِ ته، اڄ مون سيمينار ۾ ”عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي“ تي ڪامياب تقرير ڪئي آهي. سمجھان ٿو ته مان پنهنجي نظريي ۽ پنهنجي پارٽيءَ جو موقف پيش ڪيو آهي.“ سندس ڏهن سالن جي ڌيءَ ڪومل کي عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي ڳالهه سمجھ ۾ نه آئي ته وري کائنس پڇيو:
”بابا! ”حق ۽ آزادي“ اهي ڇا آهن بابا........“
”اڙي منهنجي چري ڇوڪري، حق معنى.......“
هي سوچڻ لڳو:
”ائين سمجھ عورتن کي جيڪا شيءِ گھرجي اها انهن کي ڏجي ۽ آزادي معنيٰ اها شيءِ ته عورت هر فيصلي ۾ آزاد هجي، ڪجهه سمجھئي.“
”پر بابا! توهان ته ڪڏهن به امان کي ڪا به شيءِ نه وٺي ڏني آهي ۽ امان ته ڪڏهن به ڪو فيصلو پاڻ نه ڪيو آهي؟“
”اها ڳالهه عورتن جي حقن ۽ انهن جي آزادي جي آهي تنهنجي ماءُ جي لاءِ ناهي، ڇڏاءِ ماني کڻي اچ ڏاڍي بک لڳي آهي.“