ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2743
  • 739
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

”جاميٽريءَ کان آلجبرا تائين“

”جاميٽريءَ کان آلجبرا تائين“


ٻئي گڏ ويٺا آهيون.....
پهرين پنهنجو جاميٽري باڪس کوليائين.....
پلڪار ڪڍي ان ۾ پينسل وجھي هڪ گول ڪڍيائين ۽ پوءِ پلڪار جي ئي مدد سان انهيءَ ساڳئي گول ۾ هڪ گل ٺاهيائين... ڏاڍي خوش ٿي ۽ مون کي ڏٺائين.....
پوءِ فوٽ پٽيءَ جي مدد سان هڪ مستطيل ٺاهيائين.....
وري هڪ چورس ٺاهيائين..... ڏاڍي خوش ٿيندي رهي.....
ٻيهر پلڪار کڻي پنج ڪنڊو ٺاهيائين..... ائين ڇهه ڪنڊو ۽ پوءِ ست ڪنڊو ٺاهيائين ۽ مون کي ڏسي خوش به ٿيندي رهي. مان سندس خوش ٿيڻ تي ئي خوش هيس. هيءَ جيترو جاميٽريءَ تي عبور رکندي هئي ۽ اوترو آلجبرا تي به، آئون جيڪو ننڍپڻ توڙي هن مهل تائين انهن مضمونن کان پري ڀڄندو آيو آهيان ۽ منهنجو گھڻو ڌيان راند روند ۽ تصويرن ٺاهڻ ۾ گذرندو هو ۽ هاڻي ڪلارڪ ۽ ڪهاڻيڪار..... پر هيءَ جو مون کي ايترو گھڻو پئي وڻي ته مان ڇا ڪيان.....!
وري فٽ پٽي کڻي هڪ ڊگھي لڪير ڪڍيائين، لڪير جي هڪ ڇيڙي تي ”الف“ لکيائين ۽ ٻئي ڇيڙي تي ”ب“ ۽ وڌيڪ خوش نظر آئي پر منهنجي دل دلگير ۽ اٻاڻڪي ٿي ويئي، ڇو ته مون کي محسوس ٿيو انهيءَ لڪير جي هڪ ڇيڙي تي مان بيٺو آهيان ته ٻئي ڇيڙي تي هوءَ..... هڪ ٻئي کان جدا جدا جاميٽري ۽ آلجبرا جي حسابن وانگر..... تڏهن منهنجون اکيون ڀرجي آيون ۽ پاڇي ڪجھ به نه بچيو هو.
”چئن منٽن جي دوري تي“
دل جو رشتو به عجيب رشتو آهي. سالن کان وٺي هڪٻئي کان پري پوءِ به سوين ميلن جي مفاصلي تي تند کي تپائي رکيو آهي. انهيءَ نازڪ رشتي کي جديد ايجاد موبائل فون تي قائم رکيو آهي. صرف آواز جي دنيا جا ساٿي ٿي ڪري. شام جو ”مس ڪال“ ڏنائين، الاهي ڏينهن کان پوءِ، ته هڪدم ”ڪال“ ڪئي ماس ته چيائين.
”جان! اڄ رات جو يارهين وڳي ”مس ڪال“ ڏيندي سانءِ، پوءِ ڳالهائينداسين“
۽ پوءِ ڪال ڪٽجي وئي. تمام گهڻين بندشن هوندي موبائل کي ”چارج“ ڪرڻ ۽ ننڍڙي گهر ۾ ماحول ڏسي ڳالهائڻ ۾ وقت ته لڳي وڃيس ٿو، پر صرف هن جو آواز ٻڌڻ لاءِ اٻاڻڪو رهندو آهيان ۽ جنهن ڏينهن ڳالهائڻ لاءِ وقت ڏيندي آهي ته ان ڏينهن ته خوشي ۽ بي چيني وڌي ويندي آهي پر وقت جيڪو ڳالهائڻ دوران ڪلاڪ منٽن وانگر ۽ منٽ سيڪنڊن وانگر سفر ڪندا آهن، جڏهن ته انتظاري وارو ظالم وقت دل جي ڌڙڪن تي چڙهي ويهي رهندو آهي ۽ ان کي تيز ڌڙڪائيندي گذرڻ جو نالو ئي ناهي وٺندو.
ائين ئي اڄ ڳالهائڻ لاءِ رات جي يارهين وڳي ”مس ڪال“ جو انتظار ڪري رهيو آهيان. ڪيبل تي ويهي مختلف چينل چيڪ ڪري هڪ فلم ڏسڻ لڳان ٿو. فلم سٺي آهي پر يارنهن طرف وڌندڙ ڪانٽي تي به نظر آهي. فلم کان وڌ ڌيان گهڙيال تي آهي.
پوءِ يارنهن... ٻارنهن... هڪ... ٻه... ۽ پوءِ مون کي ننڊ جو گهيرٽ.... ٽي لڳي چئن منٽن تي ڏسان ٿو ته پوري ٽين وڳي ٻه ”مس ڪالز“ لڳل آهن..... ذهن تي گهڻي ئي ڪاوڙ چڙهي چهبڪ هلائڻ لڳي ٿي... ۽ موبائل فون کي.... شديد ڏک منجهان ڀت سان لڳائي ڇڏيان ٿو.... ۽ منهنجون اکيون زوارو قطار روئڻ لڳن ٿيون....