ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2743
  • 739
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

”خبر“

”خبر“

اخبار جي آفيس ۾ فيڪس تي مختلف خبرن جي اچڻ جي ڌم متي پئي آهي. جميل روز جيان فيڪس تي آيل خبرن کي گڏ ڪري نيوز سيڪشن ۾ کڻي اچي، انهن جي اهميت کي سمجھندي چونڊ ڪرڻ ۾ جنبي وڃي ٿو. هڪ خبر ڄڻ ته هن کي جنجھوڙي وڌو ته ”جيڪب آباد شهر جي شهيد الله بخش سومرو پارڪ ۾ ٻارن لاءِ لڳل لوهي گسڪڻي ۾ هڪ معصوم نياڻي اقرا گل جون ٽي آڱريون ترڪڻ ڪري ڪٽجي ڌار ٿي ويون.“
جميل هن خبر جي گھرائي ۾ گم ٿي وڃي ٿو. هن کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته هي خبر ڪيتري اهميت رکي ٿي هونءَ ته مرچ مصالحن واريون ٻيون خبرون پيون هلن پر هي خبر هلائڻ ڄڻ ته هن پنهنجو حقيقي فرض ٿي ڄاتو، ڇو ته ڪيئن نه هي معصوم اقرا گل سڄي زندگيءَ لاءِ معذور بڻجي وئي هئي. هونءَ به اسان جو معاشرو ٻٽي معيار وار معاشرو آهي. مرد لاءِ جدا سوچ ۽ معيار آهن ته عورت لاءِ جدا سوچ، معيار ۽ ويچار. اڄ ننڍڙي اقرا گل سڀاڻي ضرور وڏي ٿيندي. هن جي معذوري هن لاءِ ڄڻ ته سڄي زندگيءَ جو عذاب بڻجي ويندي.
جميل پنهنجي نظر جي چشمي کي لاهي سوچڻ لڳو ۽ پوءِ سڌو ايڊيٽر جي آفيس ۾ پهچي هن خبر جي ڇاپڻ متعلق ساڻس ڳالهايو. ايڊيٽر سموري ڳالهه ٻڌڻ کانپوءِ چيو:
”مزدور جي ڌيءَ هجڻ ڪري خبر اهم نه آهي. تنهن ڪري هي خبر اخبار ۾ هلائڻ جھڙي نه آهي.“
”پر سر!“
جميل بحث ڪرڻ ٿي چاهيو....
”توهان وڃي سگھو ٿا...!“
جميل مايوس ٿي پنهنجي ڪرسيءَ تي اچي ويٺو. هونءَ الائي ڪيتريون ئي خبرون روز لڳڻ کان رهجيو وڃن پر هن خبر ڄڻ ته جميل کي پاتال ۾ ڦٽو ڪري ڇڏيو هو. هي گُم سُم ويٺو هو ته ايڊيٽر صاحب اڳيان فيڪس جو پنو ڦٽو ڪيس.
”جميل! وارو ڪر هي خبر سيٽ ڪري وٺ ساڳي باغ ۾ اتان جي ناليواري وڏيري ۽ سياستدان هيبت خان جي ڌيءَ جي به آڱر ڪٽجي پئي آهي ۽ سموري انتظاميه ٿرٿلي ۾ آهي.“
اهو ٻڌي جميل هڪ نظر فيڪس وري پني تي وڌي ۽ ٻي پنهنجي ايڊيٽر جي چهري تي وڌي، جنهن جي چهري تي خبر جي اهميت واري ريکا واضح نظر اچي رهي هئي ۽ هِن جي دل ماتم ڪري رهي هئي.