ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2743
  • 739
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

”بُـک ڀَرم جي“

”بُـک ڀَرم جي“


ميرا ڪپڙا پهريل، گرميءَ ڪري پگھر ۾ شل، ڪاراٽيل جھيڻو جسم، اکيون ڏرا ڏنل، اندر ٿيل، وچ چوڪ تي بند پيل جوس واري مشين جي ٽيبل کي پٺيءَ جو سهارو ڏيئي ويٺل، هر هر منهن تان پگھر کي پوتيءَ سان ٿي اگھيائين. سندس سامهون جيتامڙو وجود سندس ئي پٽ صرف ميري قميص ۾ زمين تي گڏ ويٺل ۽ نڪ مان وَڙهيل سنگھ مٿين چپ تائين آيل، بک وگھي پاهه ٿيل.
ايتري ۾ سندس ور هڪ هنداڻي جو اڌ کڻي وٽن اچي ٿو ته ٻنهي ماءُ پٽ جي چهرن تي خوشي جُھمر پائيندي ڀاسي ٿي. ٽئي هنداڻي کي کائڻ ۾ جنبي وڃن ٿا. اڌ هنداڻو کائڻ کانپوءِ وني پنهنجي ور کان پڇي ٿي:
”اي! هي ڪٿان آندو هجئي؟“
سندس ور ڪو به جواب نه ڏنو ته ونيءَ وري پڇيس:
”اي هي! جباب ڇو نٿو ڏين؟“
سندس ور منهن کي ڏسي پنهنجا هٿ ڇنڊيندي چيس ٿو:
”اي هي سوني! تو کي هميشه تڪڙ ڇو هجي، تو هنداڻو کاڌو هجي ته بس... تون انب کائيندي هجي ته ان جي کوکڙين کي ڇو ٿي ڳڻين؟“
”اڙي مڙد! سوني اهڙي مائي نه هجي پر خبر ته هجي نه ..... ته تو وٽ صبح لاڪون هڪ رپيو به نه هجي ته پوءِ تون هي هنداڻي جو اڌ ڪٿان وٺي آيو هجي!!“
”اي سوني! هي زمانو وهندو هجي ۽ دريا بادشاهه هجي..... هڪ پراڻو سنگتي ملي ويو هجي ته ان ڪجھ پيئسه ڏنا هجن بس ايتري ڳالهه!“
”اي هي! نه ڪو..... مان تو کي سڃاڻيندي هجان..... سچ پچ ٻڌاءِ!“
”اي هي سوني! مون کان توهان جي بک ڏٺي نه ٿي هجي، هتان جو اٿي ويس ته پرلي چوڪ تي گند جي پيٽيءَ ۾ انهيءَ هنداڻي جو اڌ پيو هجي ته کڻي هليو آيس، بک کانپوءِ اهو به ڀلو هجي هاڻي ته تو کي دلجاءِ ٿي هجي نه.....!“
۽ اهو ٻڌي پاڻ به روئڻ لڳي ته سندس سامهون ويٺل جيتامڙو به روئندو رهيو ته کيس ڇڪي پنهنجي ڇاتيءَ سان لاتائين سندس جيتامڙو وجود ته چپ ٿي ويو پر سندس اکين ۾ سمونڊ اٿلي پيس روئندي رهي..... روئندي رهي..... چوڪ تي سرعام ڪوئي تڙپي رهيو هو ۽ چوڪ تي عام معمول واري زندگي پنهنجي ڌن ۾ پنهنجي رفتار سان جاري هئي.