ڪھاڻيون

مقدس مٽي

ڪتاب ”مقدس مٽي“ اوهان اڳيان پيش آهي. هي ڪتاب خوبصورت ڪهاڻيڪار ۽ ليکڪ عباس سارنگ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. مهاڳ ۾ اخلاق انصاري لکي ٿو: ”عباس، اڄ جي دور جو انتهائي حساس ڪهاڻيڪار آهي. هو هن سماج جي پيڙهيل ڏتڙيل ۽ ڌڪاريل ڪردارن جو ڪهاڻيڪار آهي. هو ته انهن ڪردارن کي ٻولي ڏئي مڪمل اظهار ڪرڻ جي قوت ڏئي ٿو. عباس سماجي حقيقت نگاري جو خوبصورت ۽ هاڪاري ڪهاڻيڪار آهي.“
  • 4.5/5.0
  • 2704
  • 703
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • عباس سارنگ
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book مقدس مٽي

”ويلنٽائن ڊي“

”ويلنٽائن ڊي“

پنهنجي گهر جي ڪاريڊور تائين پهتس ته فون جي گهنٽي وڳي، فون ڏانهن وڌي رسيور کنيم ته ٻئي پاسي کان ڪنهن عورت جو آواز آيو، چيائين ”منظور ويٺو آهي؟“
هيو ته رانگ نمبر ۽ الائي ڪير منظور، پر مان به موڊ ۾ هيس الائي ڇو چئي ويس ته ”منظور ته نڪري ويو آهي.“
”ڪيڏانهن نڪري ويو آهي؟“ هن وڌيڪ منظور لاءِ پڇيو مون چيو ”اڄ نمائش گرائونڊ جو آخري ليڊي شو آهي، اتي ڪا سٺي مائي ڦاسائڻ لاءِ ويو آهي.“
”ڀلا منظور موٽندو ڪڏهن؟“
”اڄ رات ٻارهين وڳي تائين موٽي ايندو.“ ۽ پوءِ لائين ڪٽجي وئي. رسيور رکڻ کان پوءِ مون کي احساس ٿيو ته منهنجي بيگم منهنجي ڀڪ ۾ بيٺي آهي ۽ اهو سڀ پئي ٻڌائين ۽ ٻئي ٻانهون، چيلهه تي رکي ٿورڙو ڪاوڙ ۾ ايندي چيائين
”ڪنهن سان پيو ڳالهائين؟“
”الائي ڪير هئي، پر ڪنهن منظور لاءِ پڇي رهي هئي.“
”اهو منظور ڪير آهي؟“
”اها ته انهيءَ مائي کي ئي خبر!“
”پر توکان ڇو پڇي رهي هئي؟“
”ڇا پڇي رهي هئي؟“
”اهو ته، منظور اهو ڪير آهي؟“
”اها ڪونه پڇي رهي هئي ته منظور ڪير آهي، اصل ۾ اها پڇي رهي هئي ته منظور ڪٿي آهي؟“
”ڇو، تنهنجو ڪهڙو ڪم ان منظور ۾؟“ گهڻي ڪاوڙ ۾ ايندي چيائين. ”منهنجو مطلب آهي ته اهو سڀ ڪجهه اها ئي مائي تو کان ڇو منظور لاءِ پڇي رهي هئي؟“
”ڳالهه ٻڌ، اهو ته وڌيڪ بهتر اها ئي ٻڌائي سگهي ٿي!“
”ڏس جاويد! تون ڳالهيون ڏاڍيون گول ڪندو آهين ائين نه ڪر......!“
”نائلا ڊيئر! ڳالهيون گول مان ڪٿي ڪندو آهيان ۽ گذريل سورنهن سالن ۾ تمام گھڻي گول ته تون ٿي وئين آهين.“
جاويد! خدا جو واسطو اٿئي، مون کي معاف ڪر ۽ هل هلي ماني کاءُ.“
مان ڪمري ۾ داخل ٿيس پر ڪمري جي دروازي تان پوئتي ڏٺم ته هوءَ فون ڏانهن ڪاوڙ مان گھوري رهي هئي، جيئن پاڻ گول هئي تيئن نڪ جون ٻئي ناسون به ڪاوڙ مان وڌيڪ گول ٿيندي نظر آيون. مون چيو ”نائلا ڊيئر! هاڻي ماني کڻي اچ......“ ۽ مون ڏانهن ڏسندي بورچي خاني ڏانهن هلي وئي.
اڄ رات جو ٻارهين وڳي دبئي ۾ سيٽل منهنجي ڀاءُ جو فون اچڻو هو آئون ڪاريڊور مان فون کڻي اچي ڪمري ۾ رکي ڇڏيو. جيئن رات جا ٻارنهن وڳا ته مون هڪ گل ڪڍي بيگم کي ننڊ مان اٿاري ڏنو ۽ پيار ڪندڙن جو ڏينهن ”ويلنٽائن ڊي“ وش ڪيم هن کي به سورنهن سال اڳ وارو پنهنجو جسم ياد اچي ويو ۽ خوش ٿيندي گل ورتائين ۽ اسان ٻئي ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ ۾ جنبي وياسين ته فون جي گھنٽي وڳي ته بيگم کي چيم ”نائلا! لڳي ٿو ته دبئي کان
ادا هوندو....“ رسيور کڻي هيلو ڪيم ته پرين پاسي کان انهيءَ ساڳي عورت چيو
”منظور اچي ويو؟“
مون بيگم کي ڏٺو ۽ منهنجي بيگم مون کي ڏسي رهي هئي ۽ مون ڳالهايو.
”ها منظور ته ڳالهايان پيو.“
”اڄ سڄو ڏينهن ڪٿي هيئن؟“
”مان...... مان.......“
”تون...... تون.......“
”ڇڏ مون کي........ اهو ٻڌاءِ اڄ ويلنٽائن ڊي آهي تون نه پئي ملهائين ڇا؟“
هن کي شايد ويلنٽائن ڊي جي ڪا به خبر نه هئي ته چيائين
”اهو ڇا ٿيندو آهي؟“
”اهو پيار ڪرڻ وارن لاءِ هڪ خاص ڏينهن آهي. ان ڏينهن تي جيڪي پاڻ ۾ پيار ڪندا آهن، اهي هڪٻئي کي گل، ڪارڊ يا ٻيو ڪو تحفو ڏيندا آهن. جيئن هن وقت مان پنهنجي بيگم سان ملهائي رهيو آهيان.“
اڃا مون ايترو مس چيو ته منهنجي بيگم مون کان رسيور کسي ورتو ۽ پاڻ ڳالهائڻ لڳي.
”اهو منظور ڪير آهي؟ تون ڪير آهين؟ توکي شرم حيا نٿو اچي جو پرائي مڙدن سان ڳالهائين ٿي؟ آخر اهو منظور آهي ڪير؟ هي منهنجو مڙس آهي تنهنجو منظور ناهي، آئينده هتي فون نه ڪندي ڪر. پنهنجو منظور ٻين جي گھرن ۾ نه ڳول. هي منهنجو منظور آهي. مون هن کي ٽي دفعا منظور ڪيو آهي ۽ هن مون کي
ٽي دفعا منظور ڪيو آهي. اسان کي تنهنجي منظور جي ڪا به خبر نه آهي. سمجھئي.......“
ايترو چئي وڃڻ کان پوءِ منهنجي بيگم غور ڪيو ته ٻئي پاسي کان لائين تي ڪو به نه هو ته مون کيس مرڪي چيو.
”اصل ۾ اهو سڀ ڪجھ ڪرڻ لاءِ خادم پي سي او واري کي چيو هوم ته ٻن وقتن تي رڳو هڪ ڀيرو رِنگ ڪجانءِ ۽ پوءِ باقي سمورو ڪم منهنجو هو.“
”جاويد! تو ائين ڇو ڪيو؟“
”رڳو تنهنجو پيار ڏسڻ لاءِ ۽ پوءِ ٻئي مرڪي هڪٻئي کي منظور ڪندي ويلنٽائن ڊي کي ملهائڻ ۾ لڳي وياسين.