”آخري مُـلاقات“
”راجا! تون واقعي سٺي شخصيت آهين، تو مون سان سمورين اوڻائين باوجود پيار ڪيو، منهنجن دردن کي پنهنجا درد سمجھي پنهنجي سيني سان لاتئي ۽ تو مونکي ان وقت سهارو ڏنو جڏهن مان پوريءَ طرح زندگيءَ کان مايوس هُيس. مون کي جيون ۾ تو جھڙو حقيقي ۽ سٺو جيون ساٿي نه ٿي ملي سگھيو. تو ۾ جيون ساٿي هجڻ جون سموريون صلاحيتون موجود آهن، پر جيئن ته مون کي اڃان اڳتي وڌڻو آهي تنهن ڪري مان توسان شادي نٿي ڪري سگھان. هي هيڏي ساري زندگي پيسي کان بغير، کوکلن لفظن، خالي ڪتابي ڳالهين، فضول شاعريءَ تي نٿي گذاري سگھجي. تون سٺو ماڻهو آهين. پنهنجي لاءِ ٻي ڇوڪري ڏسي شادي ڪري ڇڏجانءِ وري مُلاقات ٿئي الائي نه..... تنهن ڪري دل ۾ نه ڪجانءِ.....“
ايترو چئي شازيه چانهه جو بل ڏيئي راجا کان موڪلائي هلي ويئي. راجا جيڪو شازيه جي دل جو راجا نه ٿي سگھيو هو، پر پنهنجي هارايل وجود جو راجا ٿي ڀاسيو شازيه جا لفظ پڙاڏو بڻجي ڪنن ۾ وڄندا رهيس ۽ پنهنجون اکيون آليون ٿيندي محسوس ڪيائين پر جلديءَ ۾ پاڻ سنڀاري ويو.
صبح جو جيئن آفيس پهتو ته سندس ڪلارڪ دوست ٻڌايو ته ”پاڻ واري ٽائپسٽ مس شازيه پاڻ واري صاحب سان شادي ڪري ڇڏي آهي ۽ ڪافي ڏينهن کان سندن افيئر به هلي رهيو هو.“ اهو ٻڌي راجا کي ڪا به حيرت ڪا نه ٿي.
مهيني جي موڪل کانپوءِ شازيه وري ڊيوٽي تي اچي ويئي ان تي آفيس جي ڪنهن به ماڻهو کي حيرت ڪا نه ٿي، ڇو ته پندرنهن ڏينهن کانپوءِ ٻنهيءَ ۾ طلاق ٿي ويئي ۽ ان وقت به راجا کي ڪا به حيرت نه ٿي هئي ۽ اڄ جڏهن مهيني کانپوءِ شازيه ڊيوٽي تي آئي هئي تڏهن به کيس ڪا به حيرت نه ٿي آهي.