”اڏام“
”اسان جي به ڪا زندگي آهي، اڄ ٽيون ڏينهن آهي جو مينهن بند ٿيڻ جو نانءُ به ڪو نه پيو وٺي. ڏس هڪ ڪچو گھر ٻيو گھر جو آڳر به گرچڻ سان سٿجي ويو آهي. هڪ اسان غريب وري ٻيو عذاب به اسان سهون“
”اڙي سفوران! ڇا پئي چپن ئي چپن ۾ ڀڻڪين؟“
”اڙي! رئان پئي پنهنجي مقدر تي“
”اڙي هاڻي ڇو ٿي هٿ هڻين، لشڪر ڪڍيون ويٺين آهين“
”اهو به تنهنجو نه!“
”نه ڙي نه...... اسان ٻنهين جو پورهيو آهي“
”واهه ڙي مڙد تنهنجو انصاف“
”اڙي هاڻي ٺهيو، هنج وارو ننڍڙو پيو روئي تنهن کي ببو ڏي“
سفوران ٻار کي ببو ڏنو ته ٻار سانت ڪئي، وري سندس مڙس شمن ڳالهايو:
”سفوران!“
”چئو ڇاهي؟“
”اڄ سوڌو مينهن وسي پيو اهو مينهن ٻه ڏينهن ٻيا وٺو ته پاڻ ڇا کائينداسين ۽ مٿان وري هي ڪچڙو عيال“
”بس شيروءَ جا پيءُ! مالڪ کي رحم پئي پاڻ ڇا ٿا ڪري سگھون“
”ڀلا ٻڌ!“
”ها چئو“
”ننڍڙو سمهي پيو“
”ڇو؟“
”اڙي تو ۾ ڪم آهي“
”پوءِ اتان ئي چئو نه“
”صفا سادي آهين، ننڍڙي کي سمهاري هيڏي منهنجي کٽ تي اچ!“
سفوران ننڍڙي کان آهستي پنهنجو ببو ڇڏايو ۽ کيس آهستي آهستي پنهنجي ٻن سالن جي ننڍڙي ڌيءَ سان سمهاريو. پوءِ هوءَ اتان اٿي ٻئي کٽ تي آئي، جتي سندس ٽي ٻار ستا پيا هئا. انهن مٿان ٻرانگھ وجھي پنهنجي مڙس شمن جي کٽ تي آئي.
”ها شيروءَ جا پيءُ! چئو“
”آءُ مون سان گڏجي سمهه، توسان ڪچهري ڪرڻي آهي“
سفوران فرمانبردار گھرواري جيان پاسي ۾ اهلجي پيس.
”سفوران! ڪيڏن ڏينهن کانپوءِ پاڻ گڏ ستا آهيون“
”ڇا ڪيان ٻارن مان واندي ئي ڪا نه ٿي ٿيان، سڄو ڏينهن انهن جي اڳ پوءِ ۾ گذري وڃي ٿو. جڏهن اهو جبل جيڏو ڏينهن کٽي ٿو ته وري رات جو هر هر ننڍڙو ٿو اٿي، هاڻي الائي ڪئين مس آرام آيو اٿس“
”پر سفوران! پاڻ سڄو ڏينهن وڃين ٿو ڪم ڪار ۾ گذاريان، رات جا چار پهر جيڪر گڏ گھارجن ته سموري ڏينهن جا اصل ٿڪ ئي لهي وڃن“
شمن سندس مٿان ٻانهن ڦيري سفوران کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪيو. ”سفوران! اسان غريبن جي به ڪهڙي زندگي آهي؟ خبر ئي نه پئي ٻارن ٻچن وارا ٿي وياسين. سڄو ڏينهن ٿو وهان تڏهن به پورت ڪونهي، پهرين شيرو ڄائو ته مڙئي مالڪ جي مهربانيءَ سان گاڏو پيو گڙندو هو، پر هاڻي هنن هيڏن ٻارن جي لٽي ڪپڙي جي ڪيان، انهن جي کائڻ پيئڻ جي ڪيان يا انهن جي پڙهائي جي ڪيان!“
”اڙي شيروءَ جا پيءُ ايتري ۾ دل لاٿي اٿي، اڙي ٻار اسان تي ڪهڙو بار آهن، هر ڪو پنهنجو رزق پاڻ سان کڻي ايندو آهي، تون ڪو الڪو نه ڪر، مڙئي ڀلائي ٿيندي.“
سفوران شمن جي اڻتڻ جي تهه تائين پهچي چڪي هئي، ان ڪري هن شمن کي هڪ مٺي ڏني، انهي مٺي شمن جون سموريون ڳڻتيون ختم ڪري ڇڏيون، انهي مٺي شمن ۾ ڄڻ ته شڪتي آڻي ڇڏي ۽ انهيءَ مٺي شمن کي بي قابو ڪري ڇڏيو، شمن پنهنجو هٿ سفوران جي چولي اندر وڌو ۽ سندس ڇاتين سان کيڏڻ لڳو، سفوران به هڪ قسم جو سرور محسوس ڪيو، ائين ٻنهي هڪ ٻئي تي مٺين جو وسڪارو لائي ڏنو.
ائين ٻنهي جسمن ۾ گرمي وڌندي وئي ۽ هاڻي ٻئي جوڀن ۾ اچي ويا. شمن سفوران جي قميص جو مٿيون پلو مٿي ڇڪي ورتو سندس سامهون سفوران جي ڇاتي هئي، جيڪا اڳ جي ڀيٽ ۾ کيس نپوڙيل ڀاسي، انهيءَ لڙڪيل گوشت جي ٽڪرن کي ڏسي وائسي رهيو، جيڪي کيس هن کي ڪنهن مسجد جا ڊٿل مينار ڀاسي رهيا هئا.
شمن کي شادي جي پهرين رات ياد آئي، ان ڏينهن سفوران پنهنجي ڦوهه جواني ۾ هن سامهون هئي، سندس وڌيل اڳ کيس ڪنهن قلعي جا مضبوط برج ڀاسيا هئا. سفوران جو وڌيل اڳ هميشه شمن جي ڪمزوري رهيو. ايتري ۾ ننڍڙو روئڻ لڳو، سفوران پنهنجي قميص هيٺ ڪري هڪدم ننڍڙي ڏانهن وڃڻ لاءِ اٿي، شمن پنهنجي سوچ مان واپس موٽي آيو. کيس پنهنجي ننڍڙي تي ڪاوڙ به ٿي آئي ۽ پيار به.
ايتري ۾ وري مينهن تيز پوڻ شروع ٿيو ۽ شمن ڪمري کان نڪري ورانڊي ۾ بيهي، تيز پوندڙ مينهن کي ڏسڻ لڳو. شمن
چپن ئي چپن ۾ چيو ”الله سائين! هاڻي مينهن کي بند ڪر، اچي تنگ ٿيا آهيون. شمن اندر ڪمري ۾ گھري آيو سفوران کيس چيو:
”شيروءَ جا پيءُ! مينهن تيز پيو پوي ڇا؟“
”هائو“
”هاڻي الله سائين بند ڪريس اڳئي پنهنجو گھر ڪچو آهي، وڌيڪ مينهن پيو ته پوءِ پنهنجو غريباڻو اجھو ته لڙهي ويندو.“
پر شايد مالڪ ٻنهي جي ٻڌي ورتي هئي، مينهن آهستي ٿيو هو ۽ شمن وري مينهن جو جائزو وٺڻ لاءِ ورانڊي ۾ آيو، هاڻي مينهن جي ڦڙي ڦڙي ٿي پئي. هي سڌو ڪمري ۾ اچي پنهنجي کٽ تي اهلجي پيو.
”سفوران!“
”ها چئو“
”ننڍڙو سمهي پيو؟“
”ها مس وڃي اک لڳي اٿس.“
”پوءِ ٻيلي قرب جو پير ڀري هيڏي اچ نه، اڄ الائي ڇو دل توکي پنهنجي پاسي ۾ سمهارڻ گھري ٿي.“
سفوران کيس اتان ئي مرڪي چيو:
”دل چوئي ٿي يا.....“
”اڙي! مان ٿر آهيان، اچ مون تي وسڪارو ڪر، جيئن منهنجو سَنڌ سَنڌ ٺري پئي.“
سفوران ننڍڙي کي وري پنهنجي ڌيءَ سان سمهاري شمن ڏي آئي ۽ گڏ ستي.
”شيروءَ جا پيءُ!“
”ها چئو“
”اسان تان ڏکيا ڏينهن ڪڏهن ٽرندا؟“
”اڙي! مولا چاهيو ته جلد ئي، ان وٽ دير ضرور آهي پر انڌير ناهي“
”پر شيروءَ جا پيءُ!“
”پر ڇا؟“
”پر اهو ته اسان کي به ڪجھ سوچڻ کپي، تون ڪمائڻ وارو هڪ آهين ۽ اسان کائڻ وارا هيترا، مٿان وري گذران به مشڪل سان پيو ٿئي، پاڻ پنهنجو پيٽ گذر الائي ڪيئن پيا ڪيون.“
”اڙي شيروءَ ماءُ! اُلڪو ڇو ٿي ڪرين؟ مان ويٺو آهيان نه، جيستائين منهنجي سيني ۾ دم آهي مان توهان کي بک تي ويهڻ ڪو نه ڏيندس، هيڪر تون مينهن کي بند ٿيڻ ڏي پوءِ ڏسجانءِ“
”شيروءَ جا پيءُ! شيرو پاڙي وارن جي گھر ٽي_وي ڏسي آيو آهي، تون نڪري ويندو آهين ته مون کي چوندو آهي ته بابا کي چئو ته اسان کي به ٽي_وي آڻي ڏي.“
هي ماٺ رهيو، پر پوءِ سفوران کي چيائين:
”بس تون مينهن کي بند ٿيڻ ڏي، ڏسان ٿو ڪنهن کي، متان ڪو قسطن تي ٽي_وي ڏئي وجھي، بس ويٺا ڏسجو بس“
”پر مونکي ٽي_وي ڏسڻ جو شوق ناهي“
”اڙي! تو کي ناهي ته ڇا آهي، شيرو ۽ ٻيا ٻار ڏسندا“
شمن وري سفوران مٿان ٻانهن ڦيرائي، کيس پنهنجي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ هڪ ڳل تي مٺي ڏنائين. سفوران هن جي اندر جو چور پڪڙي ورتو هو سو سفوران پاڻ ئي پنهنجي قميص مٿي ڪري ڇڏي ۽ هي لڙڪيل گوشت جي ٽڪرن تي پيار منجھان هٿ گھمائيندو رهيو ۽ پيار منجھان هٿ گھمائڻ سان گڏ ٿوري هلڪي ڇڪ ۽ زور به ڏيندو رهيو. ان سان هڪ ته سفوران جي ڇاتيءَ مان کير ٿي وڙهو ته ٻئي پاسي هڪ سُرور ٿي محسوس ڪيائين سفوران کيس چيو:
”شيروءَ جا پيءُ! هنن جو مالڪ سامهون کٽ تي ستو پيو اٿي ڪجھ خيال ڪر.“
شمن سفوران جي کيچل سمجھي ويو چيائينس:
”اهو منهنجو پٽ آهي، اهو ڪير ته مان ڪير..... پهرين منهنجو حق آهي.“
ايتري ۾ شمن، سفوران کي زور سان ڀاڪر ۾ ڪيو، هاڻي ٻنهي جسمن زور سان ٿي ساهه کنيا، هڪ ٻئي سان چهٽي پيا سندن وجود هڪ ٿي وڃڻ لاءِ آتو هو. ٻنهي پاسي سهڪو وڌندو ويو، لطف مسلسل وڌي رهيو هو. ٻئي ڄڻا منزل طرف ڪاهي پيا، ٻئي بيخود ٿي پيا، سندن ساهه وچڙهندو رهيو، هاڻي سندن دنگ ويجھو هو ته ايتري ۾ ننڍڙو رُنو پر هيڏانهن پنڌ منزل طرف تيزي سان جاري هو تنهن کي ڇڏڻ سولو ڪونه هو، هوڏانهن ننڍڙي تيز روئڻ شروع ڪيو هيڏانهن سوار سهڪي پيو.
سفوران جلدي سان پاڻ کي ٺاهي ننڍڙي کي وڃي کڻي بُبو ڏنو ته هر طرف مٺي ماٺ ٿي ويئي. ٻئي زال مڙس هڪ ٻئي کي ڏسي مرڪي پيا.
صبح جو آسمان بادلن جي گھيري ۾ هو. شمن الله سائين جو نالو وٺي رزق جي تلاش ۾ گھران نڪتو. شام ڌاري جڏهن واپس گھر وريو ته سندس منهن لٿل هو، سفوران کيس اداس ڏسي پڇيو:
”خير ته آهي شيروءَ جا پيءُ؟“
هي موٽ ۾ ماٺ رهيو.
”ڇو..... ماٺ ڇو آهين..... ڪم نه مليو ڇا......“
”هائو سفوران! ڪم ڪو نه مليو، ڏسين نه پئي ڇا هيڏو مينهن پيو آهي. اڄ منڊي تي، ڪو به ڪم ڪرائڻ لاءِ ڪو نه آيو..... هر ڪو مزدور پنهنجي پنهنجي گھر ڏانهن راهي ٿيو... هر هڪ مايوس، مايوس به آخر ڇو نه ٿين، جنهن جي گھر ۾ اچي ۽ پچي، نه ته بک بچي“
”اڙي! الله سائين مالڪ آهي هيانو لاٿو اٿي، اڄ نه ته سڀاڻي ڪم تي ضرور چڙهي ويندين.“
”سفوران! پوءِ گھر جو گاڏو ڪيئن گڙندو؟“
”تون ڪو اُلڪو نه ڪر، ڏکئي وقت لاءِ ڪجھ ڏوڪڙ بچائي رکيا هئم سي ڪم لائبا، وڌيڪ مالڪ سائين سڻائي ڪندو.“
شمن جي منهن تي هلڪي مرڪ تري آئي ۽ پاڻ کي هلڪو محسوس ڪيائين، کيس پاڻ تي رشڪ ٿيڻ لڳو جو هيڏي سليقي واري سگھڙ عورت هن جي زال آهي. هي اٿيو سفوران کي ڀاڪر ۾ ڪيائين، سندس سڄي ڏينهن جي مايوسي هڪ ڀاڪر ۾ پَرَ ڪري ڪيڏانهن اُڏامي هلي ويئي.
”ماڻهو ٿو ٺاهيان“
”ڇا ٿو ڪرين؟“
”چري ماڻهو ٿو ٺاهيان!“
”ڪيئن...؟“
”جيئن تون ۽ مان ٺاهيا ويا آهيون!“
”اِهو ڪيئن؟“
”ڏس! هيئن.....“
”اهو غلط ڪم آهي!!“
”اهو غلط يا صحيح پر تون ۽ مان ٻئي ائين ئي ٺاهيا ويا آهيون“
”مطلب.....؟“
”مطلب... تنهنجو پيءُ ماءُ... ۽... منهنجو پيءُ ماءُ پاڻ ۾ ائين ئي مليا آهن ته پوءِ تون ۽ مان ٻئي ٺهيا آهيون“
”تو ۾ ذرو به شرم حياءُ ڪونهي..... تون منهنجي ۽ پنهنجي پيءُ ماءُ لاءِ ايترو ڪِنو ٿو ڳالهائين.....“
”پر سهڻا! اها ته حقيقت آهي... تون ڪاوڙجين ڇوٿي.....؟“
”نه اِها حقيقت نه پر، بي حيائي آهي..... مان تو جھڙي بي حياءُ سان هاڻي نه رهنديس.“