”ماچيس جي تيلي“
اوچتو رڙيون مچي ويون.....
”پڪڙيو پڪڙيو.... حرامين کي پڪڙيو.....!“
ڪنهن فليٽ مان ڦر ڪرڻ جي ارادي سان آيل ڦورو ناڪام ٿيڻ تي ڀڄي نڪتا ته اوچتو ماڻهن ۾ هُل پئجي ويو....
گڏ ٿيل ماڻهن جي وڏي ميڙ ٽنهي ڦورن کي پڪڙي ورتو ته ميڙ مان ڪنهن چيو:
”هنن ڪتن کي پوليس جي حوالي نه ڪجو.... ڇو ته اُهي هنن کي ڇڏي ڏيندا..... هنن اسان جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي!“
وري ڪنهن چيو:
”سوئر.... سوئر جا پٽ آهن هي.... ڪٽيو زال جي ڀڙون کي.... نه ڇڏجو....“
وري ڪنهن چيو:
”هي ڪهڙو اسان تي رحم ٿا ڪن.... مارڻ ۾ به دير نٿا ڪن..... نه ڇڏجو.... هتي ئي ٽنهي کي ڦاسي ٿا چاڙهيون....“
هڪ پوڙهي چيو:
”ڇڏيو پٽ! قانون کي هٿن ۾ نه کڻو، رياست هنن کي پاڻ سزا ڏيندي، هنن کي پوليس جي حوالي ڪريو، ائين نه ڪريو، هر ڪنهن پاڻ سزا ڏيڻ شروع ڪئي ته پوءِ ڪو به محفوظ نه رهندو!!“
نوجوان چيو:
”ڇڏ چاچا! اِهي نصيحتون، هي ته روز جو معمول ٿي ويو آهي اسان تنگ اچي ويا آهيون....“
ٻئي نوجوان چيو:
”ڪڍو موٽر سائيڪل مان پيٽرول، ساڙيو حرامين کي.....“
۽ پوءِ مٿن پيٽرول هاريو ويو ۽ پوءِ ماچيس جي تيلي جو ننڍڙو شعلو مٿن اڇلڻ سان ٽنهيءَ جون هانوَ ڦاڙيندڙ رڙيون ۽ درد ڀريون آهون هيون، جيڪي ماڻهن جي ميڙ جي ٽهڪن ۽ رڙين ۾ دم ٽوڙي وجھن ٿيون.........