”دُک جي ديوار“
انگريزن جي دور جو هڪ پراڻو سرڪاري ڪوارٽر ۽ سرڪاري ڪوارٽر ٻاهران پوليس جو ڪڙو چڙهيل ۽ هي ٻئي آخري ملاقات ۾ ماٺ ڪيو هڪ ٻئي سامهون ويٺل آهن. فهميده کي ڳاڙهو وڳو پاتل آهي. سڄڻ کي مسلسل سواليا نهاري رهي آهي. سڄڻ سندس اڳيان ڪنڌ جھڪايو ويٺو آهي. چڱي ماٺ کان پوءِ فهميده ڀرجي آيل اکين ۽ ڳوري آواز سان چئي ٿي:
”سڄڻ!..... مون کي ڇڏڻ جو فيصلو تو ڪيو ڪيئن؟“
فهميده جي اکين جا ڳوڙها ڇپرن جا بند ڀڃي وهي پيا. ائين ٿي ڀاسيو فهميده جا اهي ڳوڙها سڀ ڪجھ وهائي ويندا سڀ ڪجھ..... ڪاش سڄڻ طرفان مليل دک جي ديوار کي به پاڻ سان کڻي وڃڻ جي سگھ رکندا هجن ها. هونئن ته سڄڻ سان نڪرڻ واري مهل کان وٺي هر مرحلي تائين هن هر هڪ دک کي پئي سٺو، پر سڄڻ جي ڇڏڻ تي الائي ڇو هي ته اڌ ٿي پئي هئي.
سڄڻ جيڪو سماج جي ڪوڙين ريتن رسمن جي هٿ ڪڙولن ۾ گرفتار ٿي چڪو هو. تنهن اکر به ڪو نه اُڪليو پر سندس منهن مسلسل هيٺ هو. فهميده پنهنجي سموري سگھ ميڙي وري ڳالهايو:
”تنهنجي خاموشي کي سڄڻ! مان ڇا سمجھان تون ئي ته هُئين هيترن ماڻهن مان جنهن تي منهنجي اعتبار جي ديوار رکيل
هئي تون ته اهو ٻوٽو هئين جنهن تي اعتبار جي مند ۾ گل ٽڙي پوندا آهن. تو هي ڇا ڪري ڇڏيو. اسان هڪ ٻئي کان ايترا اوپرا ٿي ويا آهيون، جو اسان جي هن آخري ملاقات ۾ هن سرڪاري ڪوارٽر ٻاهران سرڪار جو ڪڙو چڙهيل آهي. مون کي جواب ڏي ته هاڻي هن سماج ۾ منهنجو ڪردار ڇا بچندو. سڄڻ! تو ائين ڇو ڪيو؟“
سڄڻ جي ڳوڙهن به نيٺ بند ڀڳا پر سندس منهن پوءِ به هيٺ هو.
فهميده وري ڳالهايو:
”سڄڻ! آخر تون ڪو به جواب نٿو ڏين ته مان ڇا سمجھان..... تون بيوفا آهين يا مان!..... مونکي رستو ڏيکار ته آخر مان ڇا ڪيان منهنجو رهبر جو تو هئين، ڇا مان ائين سمجھان ته تون ارادي جو مضبوط ناهين، هميشه مون جھڙين ڇوڪرين کي ائين ٻليدان چاڙهيو ويندو رهندو؟ هن هيڏي سفر ۾ مان تو سان گڏ بيٺي آهيان.“
پر سڄڻ پنهنجو منهن مونن ۾ وجھي روئندو ئي رهيو ۽ فهميده انگريزن جي دور جي سرڪاري ڪوارٽر جو دروازو کولي ٻاهر هلي ويئي.