”هڪ منٽ جي خاموشي“
ادبي پروگرام پنهنجي پڄاڻيءَ تي هو ۽ اسٽيج سيڪريٽري اعلان ڪيو ته:
”تمام گھڻي ڏک سان هي اعلان ڪجي ٿو ته سنڌ جو سر موڙ شاعر سورهيه سنڌي لاڏاڻو ڪري ويو آهي. سڄي سنڌ انهي سوڳ ۾ ورتل آهي. سائين سورهيه سنڌي سڄي زندگي سنڌي شاعريءَ کي ارپي ڄڻ ته سنڌ ماءُ جو قرض ادا ڪري ويو آهي. هن جي اوچتي دکدائڪ موت تي اسان ”صرف“ هڪ منٽ جي خاموشي ڪنداسي، جيئن هن سنڌ ڌرتيءَ جي مهان ڪوي جو اسان به قرض لاهي ڇڏيون، ته پوءِ اچو ته ڀيٽا طور هڪ منٽ جي خاموشي ڪري ثابت ڪيون ته اسان مرده پرست قوم نه آهيون.“
اهو چئي اسٽيج سيڪريٽري پنهنجي جديد موبائل فون ڪڍي هڪ منٽ ڏسڻ شروع ڪيو. سموري پنڊال ۾ خاموشي پکڙجي ويئي اڃا اڌ منٽ به نه گذريو هو ته ساڳئي اسٽيج سيڪريٽري جي موبائل فون جي رِنگ ٽون وڳي ۽ ساري پنڊال جي خاموشيءَ کي ٽوڙي ڇڏيو.