بند ٽوڙي آيل ڳوڙها
ويم جي سور کي ته هي برداشت ڪري رهي هئي، پر هن کي اهي روايتي جملا وڌيڪ ايذاءُ ڏيئي رهيا هئا، جيڪي ٻاهر پڪي عمر جون مايون هڪ ٻئي کي چپن تي آڱر رکي چئي رهيون هيون “ائي موڀي پٽ هجي ته ڀلو نه، ڌي ته آهي پرايو ڌڻ”
“پر امان جيڪي رب ڏنو. پاڻ ڇا ٿا ڪري سگهون.”
“مائي ملڪ ۾ اچي پاپ وڌيو آهي.”
اهي جملا هن جي ذهن تي هٿوڙي جيان پئي لڳا ڄڻ ته ڌي يا پٽ ڄڻڻ هن جي وس جي ڳالهه هجي.
قدرت جي مرضي جي خبر هوندي به اهڙا ڏنگيندڙ جملا هن لاءِ عذاب بڻجي آيا. وري جڏهن اهي مايون اندر اچي پڇنديون هيون ته، “آئي ٺيڪ آهين؟”
“امان جيڪو رب کي منظور، ڌي به پنهنجو مقدر کائيندي” تڏهن هن جي دل ٿي چاهيو ته اهڙيون ڦيٽائون رنن کي ڪنڌ کان وٺي ٻه ٽي ڌڪ هڻي چوي ته “توهين ته آهيو رڳو فتني ۽ فساد لاءِ، ماڻهن جا گهر اجاڙڻ لاءِ” پر پوءِ به هن صبر جو ثمر هٿا نٿي ڇڏڻ چاهيو.
اهڙيون ڳالهيون انهن ڦيٽائون ماين جي فطرت ۾ سمايل هيون
اهڙين ماين جي طعنن ۽ تنڪن ڪيترائي گهر اجاڙيا هئا، هن کي پنهنجي زندگي جا اهي ڏينهن ياد اچي رهيا هئا. جڏهن هي ننڍي هئي ۽ هنن جي گهر ڇهين ڀيڻ آئي ته دائي ڀاڳي هن جي پيءُ رحيم کي چيو “ ابا رحيم هاڻي ته ڇهه ٿي ويون، اڃان ڪيتريون اينديون؟”
“جيڪو رب کي منظور ماسي” رحيم منهن ڦٽائيندي چيو.
انهي ڏينهن هن پنهنجي پيءُ جي منهن تي ڪاوڙ جا آثار ڪجهه وڌيڪ ڏٺا هئا. انهي بعد هن ڪڏهن به پنهنجي پيءُ کي ماءُ سان مرڪي ڳالهائيندي نه ڏٺو. هي ايتري وڏي به ڪونه هئي. پر سمجهي ويئي هئي ته پيءُ جي نرڙ تي گهنج ڇو آهن؟ ڄڻ هن جي ماءُ جو ڏوهه هجي.
نو مهينا اڳ جڏهن هن جي ڪک سائي ٿي ته حجاب ۾ سليم کي هٻڪندي هٻڪندي مس چئي سگهي هئي ته سليم خوشي مان گلاب جي گل جيئن ٽڙي پيو هو. سليم پڙهيل لکيل نوجوان هئڻ ڪري، هن کي سڀ احتياط ۽ کاڌي پيتي لاءِ هدايتون ڏيئي ڇڏيون هيون. سليم هن کي ڀائيندو به گهڻو هو ۽ ڳوٺ جي گهڻن ڇوڪرن کان مختلف هو، پر جڏهن پٽ يا ڌي جو ذڪر نڪرندو هو ته، هي گھٻرائجي ويندي هئي، هن جي اکين اڳيان معصوم صالحان جو چهرو گهمي ايندو هو. پر هن ڊپ ۾ ڪڏهن به صالحان جو ذڪر سليم اڳيان نه ڪيو، هن کي پهرين ڊليوري جو ڊپ ايترو نه هو، جيترو صالحان سان ٿيل ويڌن جو. ها البت سليم چوندو هو ته “ ڌي يا پٽ اها سڀ نصيب جي ڳالهه آهي تنهنجي منهنجي وس ۾ ڪجهه ڪونهي. جيڪو رب کي منظور هوندو اهو ٿيندو”
پر جڏهن هن جي پيٽ سان ٿيڻ واري ڳالهه، ڳوٺ جي ماين ۾ هلي ويئي تڏهن هي الائي ڇو ڪوشش جي باوجود لسي لاءِ ايندڙ صالحان سان اکيون اکين ۾ ملائي نه سگهي، هڪ ڏينهن صالحان چيو “ ادي ٻڌو آهي تون ڀاڳن واري ٿيڻ واري آهي؟”
“هان! هن کان ڇرڪ نڪري ويو، لسي ڪڍڻ لاءِ ڀريل ناريل جي وٽي ڇڏائجي لسي جي ڪني ۾ ڪري پئي هئي
“ها-هائو” هن منهن ٻي پاسي ڦري ڇڏيو
“بس ادي الله ڪري پٽن واري ٿئين!!”صالحان واپس مڙندي چيو
هن پويان صالحان کي سڏ ڪرڻ چاهيو، پر لفظ هن جي نڙي ۾ ئي اٽڪي پيا. هن چاهيو ته صالحان کي سڏي گلي لڳائي دلداري ڏيئي چوي “ادي هي تو هڪڙي سان نه ، پر تو جهڙين گهڻين سان ٿيندو آيو آهي، انهي ۾ اسان جو پنهنجو ڪهڙو ڏوهه؟” پر هي ڪجهه به چئي نه سگهي، ڏکن سان موهن جو دڙو بڻيل صالحان کي پويان نهاريندي رهي.
هي جڏهن پرڻجي آئي تڏهن ڳوٺ جي ٻين عورتن جي باري ۾ ٻڌائيندي هڪ ڏينهن هن جي نڻان سڀائي، صالحان جي ڪهاڻي ٻڌائي ته هن جي پيرن هيٺيان زمين نڪري ويئي، سارنگ صالحان کي گهڻو ڀائيندو هو، پاڻ ۾ ڏاڍا خوش هئا، پهرين سال سڄي ٻني جو ڪم ٻنهي ڄڻن گڏجي ڪيو، پر جڏهن صالحان کي پهرين ئي ڌي ڄائي ته سارنگ کي الائي ڇا ٿي ويو، حرمت ۽ مهرو جي طعنن ۽ چيڙائيندڙ جملن الائي ڪهڙو اثر ڪيو جو هو ٻن ڏينهن تائين ته گهر ئي ڪونه آيو
ٽئي ڏينهن جڏهن گهر ۾ آيو ته سڌو وڃي صالحان جي ڪمري ۾ گهڙيو، صالحان کي گاريون ڏيندي ننڍڙي معصوم کي ٿي ماريائين، صالحان جو هن جا خوني هٿ ننڍڙي ڏانهن وڌندي ڏٺا ته ڊوڙي وچان پئي، ويم جي ڪري اٿڻ جي طاقت نه هئس، پر هن کي معصوم جو ساهه پيارو هو، انهي ڪري رڙيون ڪيائين ته سارنگ جي ماءُ به ڊوڙي پهتي، تنهن سارنگ کي ڌڪي ٻاهر ڪڍيو، پوءِ ته سارنگ ٻارنهن مهينا سنڌ منهن ڪري هليو ويو، مس کيس واپس وٺي آيا، اهو ڏينهن اڄوڪو ڏينهن نه صالحان ۽ ڌي سان ڳالهائيندو آهي ۽ نه انهي جي هٿ جي ماني کائيندو آهي
“انهي ۾ صالحان جو ڪهڙو ڏوهه؟” هن چيو
“صالحان جو ڪونهي ڏوهه پر انهي ماين سارنگ کي چوريس، هن ويچاري جو گهر اجڙي ويو”
انهي کان پوءِ هن کي صالحان تي رحم ايندو هو، صالحان سان هن کي همدردي هئي، پنهنجا پراڻا ٻه وڳا به صالحان کي ڏنائين، پر جڏهن کان هي پيٽ سان ٿي هئي تڏهن کان صالحان سان نظرون نٿي ملائي سگهي، ويتر هن جي دل ۾ خوف جا ڪوريئڙا ڄار اڻي رهيا هئا، جنهن ۾ وڪوڙجي ٿي ويئي، جتان هن کي سليم جون مٺيون ڳالهيون به ٻاهر نه پئي ڪڍي سگهيون، سارنگ جي ڀيٽ ۾ سليم وڌيڪ پڙهيل لکيل هو، پر انسان ۽ ڪاٺي جي اندر جي ڪنهن کي خبر؟ ڪنهن به وقت ڪلهه ڦري سگهي ٿي، دائي ڪريمان ۽ ٻين پڪي عمر وارين ماين جيڪي اٺ ڏهه ٻار ڄڻائي چڪيون هيون انهن جڏهن هن کي ڏٺو ته اٺين مهيني کان پوءِ پڪ پئي ڏني ته توکي پٽ آهي. “ائي ماسي ڏسين ڪونه ٿي ڇوڪري هلڻ مهل پهرين ساڄو پير پئي کڻي” ڪريمان دائي تجربي تحت چيو“منهن ڏسينس، صفا ڳل ويهي ويا اٿس” “هون اهي ته آهن” “آئي چيلهه ۾ سور رهئي ٿو؟” سفوران پڇيس “هل مائي، ڇوڪري سڌي ڪانه ٿي ٿي سگهي” سس ساران چيو هي ٿانو ڌوئيندي ڪنڌ هيٺ ڪري سڀ ڪجهه ٻڌندي رهي.“ته پڪ سان هن کي پٽ آهي” تڏهن هي مرڪي پئي هئي، دل ئي دل ۾ خدا جا شڪر ادا ڪرڻ لڳي ته “يا رب تون انهن جا ٻول سچا ڪجين”
شام جو جڏهن اهي ڳالهيون ڪچهري ڪندي سليم کي ٻڌايائين ته سليم پهرين ٽڙي پيو، پر پوءِ چيائين ته “ جيڪو رب کي منظور هوندو، ايئن ٿيندو، ڌي به الله جي رحمت آهي” پر انهي مهل هن جي اکين اڳيان ماءُ جو اداس چهرو ۽ معصوم صالحان جي پراڻن ڪپڙن واري تصوير ڦري آهي، هن کي پهرين حمل جي نه پر ڌي يا پٽ ڄمڻ جي ڳڻتي هئي، سليم تي ته ڀروسو هوس پر ڳوٺ جي اڌڙوٽ ماين جي به خبر هئس جيڪي تيلي مان ٿنڀ ٺاهڻ جون ماهر هيون
ڪالهه هن اوچتو سليم کي ڪمري اڳيان لنگهندي ڏٺو ته سڄي اجهامي ويئي سليم جو منهن لٿل هو، هن سوچيو ته جيڪر زمين جاءِ ڏي ته هي زمين اندر هلي وڃي، پر پوءِ انهي معصوم جو ڇا ٿيندو؟ هاڻي هن کي پنهنجو نه پر هن معصوم ڪومل تخليق جو الڪو هو، ويتر هن کي انهي مهل اهڙو ڌڪ لڳو جڏهن سفوران هن کي خيرت پڇڻ لاءِ ايندي سليم کي چيائين
“او ابا منهن ڇو لاٿو اٿئي، ڌي ته گهر اچي ويئي اها به موڀي” هن کي اهڙا وهلور چڙهيا جو ڊوڙي وڃي سفوران جي ڪنڌ کان وٺي چوي “ ڪتي رن تو ته چيو هو هي پڪ سان پٽ ڄڻيندي، خدا جي ڳجهه ۾ هٿ به توهان وجهي ماڻهن کي آسمان تي چاڙهيو ۽ پوءِ اتان ڪيرايو به توهان ٿيون” پر هي سڄي ڪاوڙ هيٺين چپ ۾ چڪ هڻي پي ويئي، سفوران اندر آهي، پڇيائين “ امان ٺيڪ آهين؟” تڏهن رکائي ۾ ها چوندي ڪنڌ ڦيري ڇڏيائين، سفوران مهاري کولي ڇوڪريءَ کي ڏٺو “مائي آهي ته بلڪل پيءُ جهڙي، امان الله بچائي ڌي” سفوران ته ٿوري دير ۾ هلي ويئي پر هن کي الڪن اچي ورايو ته هي مايون ضرور ڪجهه ڪري ڏيکارينديون، سس جي چهري تي پيلاڻ ڏسي سمجهي ويئي ته مونکي به صالحان جيئن سور پٽڻا پوندا، وري جو ٻرندي تي تيل اڄ صبح دائي ڪريمان هاريو جڏهن سليم کي ايندو ڏسي چيائين“ ابا ڳالهائين نه ڳالهائين ڌي تنهنجي جوءِ ڄڻي آهي، مونکي دائپي جا ٻه سو روپيه ڏجين، پوءِ ڀلين سدا ڪاوڙيو ويٺو هجين”
“ها ها” سليم رکائي مان جواب ڏئي هليو ويو.
هي سوچڻ لڳي ڇا ڪري پنهنجو پاڻ کي ماري وجهي رڙيون ڪري پر ڪري ڪجهه نٿي سگهي، انهي لاءِ “مٺي به ماٺ، مُٺي به ماٺ” منجهند جو ڪجهه ڀيڙ لٿي ته ماني مهل ڀائٽي مريم چيو “چاچي کان مون پڇيو ٻائي جو نالو ڇا رکنداسين؟” چيائين “بختور” هن کي ماني جو گرهه اٽڪندي رڙهي ويو، سوچيائين الائي ڪهڙا بخت کڻي آئي آهي، پر هتي ته هي نڀاڳيون اسان جي بخت پويان پيل آهن، لڙڪ اکين جا بند ٽوڙڻ وارا هئا ته روڪي ويئي
شام جو گهر ڪير ڪونه هو، ننڍڙي روئي رهي هئي، هن سس ساران جو انتظار پئي ڪيو ته اچي ننڍڙي کڻي ڏي ته ٿڃ پيارانس جو ويم جي ڪر هي اٿي ڪانه پئي سگهي، اوچتو سليم ڪمري جي در تي اچي بيٺو هي يڪدم اٿي سڌي ٿي ويئي، هيٺيون ساهه هيٺ مٿيون ساهه مٿي سڪي ويس، اکيون کليل رهجي ويس، سليم هڪ ٽڪ هن جي چهري ۾ نهاريندي اندر آيو ته هي اهڙي ڪڇي جهڙي ديوار، هن جو گلو خشڪ ٿي چڪو هو، پيگهي ۾ معصوم وجود روئي رهيو هو، ٻئي لمحي سليم پينگهي ڏانهن وڌيو هن کان دانهن نڪري گلي ۾ دٻجي ويئي، سليم کي روڪڻ لاءِ سڌا ڪيل هٿ سڌا ئي رهجي ويا، سليم ننڍڙي کڻي پنهنجا خشڪ چپ معصوم جي نرڙ تي رکي ڇڏيا، چمندي ننڍڙي کي مٺي ڏيئي هن حوالي ڪري گڏ پئسا ڏيندي چيائين “ هي ٻه سو روپيه دائي ڪريمان کي ڏجان ۽ ٻڌائجان ته منهنجي بخت کي ڪجهه به نه چوي هي وڏي ڀاڳن واري آهي”
هي يڪ ٽڪ سليم جي چهري ۾ نهاريندي رهي، ٻه لڙڪ اکين جا بند ٽوڙي هن جي سڪل ڳلن تي اٽڪي پيا.