ميندي رتو هٿ
هن جون عجيب ڪيفيتون هونديون هيون، اکيون منهن ڦاڙي پئي ٻارن کي نهاريندي هئي، تان جو منهن ۾ ٿڪ گگ جي صورت ۾ وهي ويندي هئي، ڪڏهن ته ڪنهن سُٺي شيءَ کي ڏسندي اهڙي حالت هوندي هئي جو الائي ڪهڙن خيالن ۾ گم رهندي هئي، اکين مان لڙڪ وهي پوندا هئا، ڪو ماڻهو نه سمجهي سگهندو هو ته هن ڇوڪري کي ڇا ٿيو آهي ۽ خيالن خيالن ۾ ڇو هن جون اکيون ڀرجي آيون آهن، شمل هزارين شيون پيل ۽ ماڻهن کي وٺندي ڏسندي هئي ۽ دل ۾ خوش به ٿيندي هئي، هلندي هلندي شين ڏانهن اشارا ڪندي ويندي هئي، دڪاندار هن جي انهي حرڪت کي عجيب نموني ڏسندا هئا ۽ هڪ ٻئي ڏانهن نظرن ۾ اشارو ڪندا هئا، پر شمل بي خبر بڻجي پنهنجي ڌن ۾ پئي ويندي هئي، ڪڏهن ڪنهن ڇوڪري يا ڪنهن ڇوڪريءَ کي نهاريندي هلندي ڪنهن ماڻهون سان ٽڪرائبي هئي ۽ هن کي ماڻهن جي واتان گٿا لفظ به ٻڌڻا پوندا هئا “انڌي جي ڌيءِ ڏسين ڪونه ٿي ڇا؟” “اکيون کولي نٿي هلين ڇوري انڌي”
اڄ به هيءِ عيد جون شيون ڏسي وائڙي ۽ بيگاني هئي، اوچتي هن جي نظر دڪان ۾ ٻاهران ٽيبل تي رکيل ميندي جي دٻي تي پئي، هن ميندي جي دٻي تي ٺهيل گل واري هٿ کي ڏٺو.
“آئون به اهڙو ئي گل ٺاهيندس” هي پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪي، چٽ ڏسڻ لاءِ اڃان ڪجهه ويجهي ٿي
“ڇا ٿي ڏسين ڇوري”
دڪاندار جي دڙڪي هن جا خيال ٽوڙي وڌا ۽ هي اڳتي هلڻ لڳي، بس هن جي نظر ميندي ۾ هئي، پوئتي نهاريندي هي سامهون ايندڙ ماڻهو سان ٽڪرائجي وئي، ماڻهو هن جي ڪنڌ کي اڳتي لوڏو ڏيندي تڪڙو گذري ويو، هو ڳلي جي ڇيڙي تي پهتي، پر ميندي هن جي ذهن مان نه ٿي لٿي، شمل دڪان وٽ اچڻ لاءِ ٻي ڳلي وٺي وري موٽي آئي ۽ ميندي کي تڪڻ لڳي، دڪاندار پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو، عيد جو موقعو هئڻ ڪري گراهڪ جام هئا، هو بلڪل ميندي جي پڙي ڀرسان بيهي چٽ ڏسڻ لڳي، ڄڻ ميندي چوندي هجي، “مونکي کڻي هل، تنهنجي هٿن تي به اهڙو ئي رنگ ڪندس” هن خيالن ئي خيالن ۾ ميندي ورتي ۽ گهر ۾ لڳائي پاڙي جي ٻارن کي ڏيکاري رهي هئي، هن جي بدن ۾ سيءُ جي لهاٽ اٿي ۽ هي پوئتي هٽي بيٺي، سڄو بدن هلڪي هلڪي پگهر سان آلو ٿي ويو، ايتري ۾ ٻه گراهڪ ٻيا به آيا، هاڻي دڪان ۾ چڱي رش هئي ڪو ٽوپيون ڪي سينٽ ڪي پائوڊر وٺي رهيا هئا.
هن جو هٿ بي اختيار ميندي ڏانهن وڌيو ۽ هي ميندي کڻي ڀڳي، هڪڙي گراهڪ رڙ ڪئي “ڇوري ميندي کڻي وئي” ايتري ۾ دڪاندار به رڙ ڪئي “اڙي ڇوري” ائين دڪاندار پويان لڳو، ماڻهو وائڙا هنن ڏانهن ڏسڻ لڳا ايتري ۾ هي هڪ ڳلي پار ڪري مين روڊ تي پهتي، پاڻ کي ٽريفڪ ۾ لڪائي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪيائين، چوطرف گاڏين جا هارن پان پان.......... بريڪن جا چيهاٽ، اوئي اوئي جا آواز، اوچتو دڪاندار جو آواز هن جي ڪن تي پيو “هي ٿي وڃي” هن پوئتي نهاريندي اڳتي ڊوڙ ڪئي ته هن جو منهن وڃي جيپ جي هڊ سان لڳو، هي پوئتي ڪري پئي، جيپ جو ٽائر هن جي ميندي واري هٿ مٿان گذري ويو، نرڙ مان رت جا ڦڙا هن جي ڳلن طرف سرڻ لڳا، رت سان هٿ ڳاڙهو ٿي ويو، جنهن ۾ هاڻي ميندي به رنگ وڌائي رهي هئي