هڪ ڪاٺگر جو موت
“ايترو سڃاڻون ٿا ته ڪاٺگر آهي” ماڻهن جي وچ ۾ اڇي ٽوپي واري چيو
“اها ته مونکي به خبر آهي” صوبيدار ڪاوڙ ڀرئي لهجي ۾ چيو
“ڪنڊ وارو دڪاندار هن جو دوست هو” ساڳئي همراهه جواب ڏنو.
“ڇا نالو آهي؟” صوبيدار جي اکين ۾ چمڪ تري آئي.
“مير محمد” ڪنهن جواب ڏنو.
صوبيدار سپاهين تي هڪ نظر وڌي سپاهين جي بدن ۾ سختي آئي ۽ چيلهون سڌيون ٿي ويون، ڄڻ ڪنهن مٿي جي وارن کان جهلي ڇڪيو هجي، سڌا ٿيندي اکيون ڦيرائڻ لڳا.
“اوهان وڃو انهي کي وٺي اچو” صوبيدار نيٽ سان اشارو ڪندي چيو. سپاهين جي بوٽن جا ٺڪا ۽ هٿ سلام لاءِ نرڙ تائين آيا.
صوبيدار ڪرسي سرڪائي لاش کان پرڀرو ٿي ويٺو، لاش جي ڀر ۾ هاڻي ماڪوڙين سرڻ شروع ڪيو هو، ڪمري ۾ ايڪڙ ٻيڪڙ سامان وکريو پيو هو، مختلف سائزن جا ڪاٺ جا ٽڪرا پيا هئا، مٿي هڪ نامڪمل ڪاٺ جو مجسمو پيو هو.
ڪاٺگر جو دوست سلام ڪري اڳيان بيٺو، سپاهي پوئتي هٽي ويا، صوبيدار هڪ نظر هن تي وڌي، اڌڙوٽ عمر، قد پورو پنو، سنهي بدن تي اڌ ميرا ڪپڙا، وري هڪ نظر لاش تي وڌائين، ڪاٺگر ته هن کان صحتمند ٿي لڳو.
“هن ۾ قتل ڪرڻ واري ڪا به ڳالهه ڪانه ٿي لڳي” صوبيدار آڏي اک سان نهاريندي سوچيو.
“سر قاتل اندر کان خطرناڪ ٿو لڳي” سپاهي چيو.
“هون!” صوبيدار ڪنڌ لوڏيندي چيو.
“تون هن کي ڪڏهن کان سڃاڻين؟” صوبيدار لٺ سان لاش ڏانهن اشارو ڪيو، هي لاش کي ڇهڻ لاءِ هيٺ جهڪيو ته صوبيدار لٺ سان روڪي وڌو “ويجهو ناهي وڃڻو، هتان ئي سڃاڻي سگهين ٿو” هن چاهيو ٿي ته دوست کي هڪ ڀيرو هٿن سان ڇهي وٺي، پر قانون جي تقاضا هن کي روڪي وڌو، هن اداس نظرن سان نهاريندي صوبيدار ڏانهن ڏٺو ۽ چيائين “پوئين ويهن سالن”
“صرف سڃاڻندو هئين؟”
“نه سٺو دوست هو، هي مون وٽ ايندو هو، آئون به روز وٽس ايندو هئس”
“کاڌو پيتو؟” صوبيدار نوٽ بڪ ۾ نوٽ ڪندي پڇيو
“پاڻ تيار ڪندو هو”
“سامان توکان کڻندو هو؟”
“ها سائين”
“اوڌر وغيره؟”
“ها سائين هزار کن هئي”
“هون...!!” صوبيدار ڪنڌ لوڏيندي چيو.
“اڇا! هن جي موت جي باري ۾ توکي ڪنهن تي شڪ شبهو؟”
“هن جي موت جي ذميوار اها ڪاٺ جي مورتي آهي” هن مورتي ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته صوبيدار سميت سپاهين ۾ ٿرٿلو اچي ويو، ڄڻ اها مورتي هن جي اشاري ساڻ هنن کان فرار ٿيڻ واري آهي.
صوبيدار جي وردي ۾ ڄڻ ککرون گهڙي ويون هجن، هو باهه ٿي ويو پر پنهنجو پاڻ تي ضابطو ڪندي چيائين.
“مون کي...... ٺاهڻ جي ڪوشش نه ڪر، مون پوليس ۾ ويهه سال نوڪري ڪئي آهي، رڍون ڪونه چاريون آهن”
“سائين اوهان اعتبار ڪريو يا نه ڪريو، آئون سچ ٿو چوان” ڪاٺگر جي دوست چيو
“صاحب هي ايئن سچ ڪونه ڳالهائيندو، وٺي هلوس ٿاڻي تي” سپاهي صلاح ڏيندي چيو.
“ٿاڻي تي “سچ پترا” هن لاءِ تيار آهن، پر آئون ڀانيان ٿو معاملو هتي حل ٿي وڃي ته انهي ۾ هن جو به ڀلو آهي”
“سائين آئون بلڪل صحيح ٿو چوان انهي ڳالهه جو هن مون سان پوئين ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ذڪر ڪيو هو”
“ڪهڙي ڳالهه جو؟” صوبيدار سوال ڪيو
“انهي قتل جو”
“سائين توهان منهنجي ڳالهه ٻڌو آئون اوهان کي سڀ ڪجهه ٻڌايان ٿو، هي مورتي هن سنڌ راڻي جي ٺاهڻ ٿي چاهي” هن وري مورتي ڏانهن اشارو ڪيو ته صوبيدار ۽ سپاهين ۾ هلچل اچي وئي.
“هن مورتي جي لاءِ هي ڪيترا ڏينهن ڪاٺ جي ڳولا ڪندو رهيو”
ڪاٺگر جي دوست جيئن ڳالهه شروع ڪئي ته صوبيدار پين ۽ نوٽ بڪ سنڀاليو، سوچائين ته من ڪا معلومات ملي وڃي.
“تمام عمدي قسم جو ڪاٺ گهڻي ڏينهن جي ڳولا کان پوءِ مليو، انهي ڏينهن ڪاٺگر تمام گهڻو خوش هو، هاڻي هن جي ذهن ۾ سنڌ راڻي جي تصوير هئي، جنهن کي تيار ڪرڻ جي لاءِ هي نئين ڇيڻي ۽ هٿوڙي وٺي آيو ، پوءِ رات ڏينهن رڳو سنڌ راڻي جي مجسمي جي هن وٽ ڳالهه هوندي هئي، آئون جڏهن به ايندو هئس ته سنڌ راڻي جي ڳالهه ڪندو هو، هن سڄي سنڌ جو حسن، پيار، محبت، امن سنڌ راڻي جي مجسمي ۾ آڻڻ ٿي چاهيو”
صوبيدار بوريت کان بچڻ لاءِ ٽنگ ٽنگ تان لاهي سڌو ٿي ويٺو. ڪاٺگر جي دوست وري ڳالهه کي جاري رکندي چيو
“پوءِ هن سنڌ راڻي تي رات ڏينهن هڪ ڪري محنت ڪئي، هن سنڌ جي هڪ سوناري کان سٺي ڇير تيار ڪرائي، ڇو ته سنڌ جون ناريون پيرن ۾ ڇيرون پائينديون آهن، عمدي کان عمدي ڇير سنڌ راڻي جي پيرن ۾ وڌائين جيڪا هو پئي آهي”
ڪاٺگر جي دوست مجسمي جي پيرن ۾ پيل ڇير ڏانهن اشارو ڪندي چيو، صوبيدار ڪنڌ ورائي ڏٺو ته مجسمي جي پيرن ۾ هڪ چاندي جي ڇير پئي آهي، جيڪا سپاهين کي هاڻ نظر آئي هئي ۽ هاڻي پنهنجي ذاتي تحويل ۾ وٺڻ محال هئي ڇو ته مٿس صوبيدار جي نظر پهچي چڪي هئي.
“انهي کان پوءِ سنڌراڻي ۾ موهن جي دڙي واري ناچڻي وارو ناچ ۽ لچڪ آڻڻ ٿي چاهيائين، ڇو ته سنڌ جو اهو پراڻو تهذيبي ناچ آهي، انهي لاءِ هي سفر ڪري موهن جي دڙي جي ناچڻي وٽ ويو ۽ چيائين ته آئون سنڌ راڻي جو مجسمو ٺاهي رهيو آهيان انهي ڪري تنهنجي بدن ۾ ڪلاسيڪل ناچ واري لچڪ آهي اهو ڏي ته آئون سنڌ راڻي جي مجسمي ۾ اهو ناچ آڻڻ ٿو چاهيان، موهن جي دڙ واري ناچڻي چيو ته انهي ناچ تي آئون اڳي ئي ڪسجي چڪي آهيان، انهي ڪري بهتر آهي ته تون سنڌ راڻي جو مجسمو ٺاهه ئي نه، هن ڏاڍو ضد ڪيو ته انهي تي ناچڻي چيو مون اهو ناچ ۽ لچڪ جتان ورتي هئي انهي کي واپس ڪري ڇڏي، اها سنڌو ندي کان ملندي، اتي وڃ.
پوءِ ڪاٺگر ڪشالا ڪڍندو، جهرجهنگ جهاڳيندو سنڌو ندي وٽ ويو، سنڌو ندي اڳي ئي اُٻاڻڪي ويٺي هئي، هن جي وجود مان واري اڏامي رهي هئي، هن ڪيترائي ڏينهن سنڌو تي گهاريا، پر نه سنڌو ۾ پاڻي آيو ۽ نه هي سنڌو جي ڇولين واري لچڪ ۽ مستي وٺي سگهيو، مايوس ٿي موٽي آيو.
پوءِ هن سوچيو ته سنڌ راڻي جي بدن ۾ مروئي جي مهڪ ۽ گلاب جي خوشبو هئڻ گهرجي، هٿن تي لال ميندي هئڻ گهرجي ۽ وارن ۾ گجرا هجن ڇو ته سنڌ جون ڪنواريون ناريون مروئي جي تيل سان وار سنواري گلاب جي خوشبو لڳائي ميندي هٿ لال ڪري گجرا، موتيا سجائي لوڏون ٻڌي، سانوڻ ۾ لڏنديون آهن
پر هن کي ڪٿي به نه مروئو مليو نه گلاب جو گل ۽ نه ميندي جا ٻوٽا مليا، سڄي سنڌ ويران ئي نظر آئي، هر طرف رڃ ئي رڃ، ڪلر پوٺا، ۽ واري جا دڙا هئا، ڪيترن ڏينهن جي سفر پڄاڻا هي واپس آيو ته مروئي گلابن جي مهڪار بجاءَ هي مٽي ۾ ڀڀوت ٿي آيو جيڪا ڳولا جي دوران هن جي وجود کي وڪوڙي وئي هئي
صوبيدار بيزاري مان هڪ نظر هن تي وڌي، نوٽبڪ جا پنا اٿلائيندي انهي تي ليڪا ڪڍندو رهيو ۽ سپاهي صاحب جي صوابديدي حڪم جو انتظار ڪري رهيا هئا.
پوءِ هن سوچيو ته سنڌ راڻي جي هٿن ۾ امن جو اڇو ڪبوتر هئڻ گهرجي، پوءِ ڪاٺگر سڄي سنڌ رليو پر هن کي ڪٿي به سنڌ ۾ امن جو اڇو ڪبوتر ملڻ ته ٺهيو پر اڏرندي به نظر نه آيو جڏهن هن هڪ باز کان اڇن ڪبوترن بابت پڇيو ته هن روئڻهارڪو ٿيندي چيو “سنڌ ڪڏهن امن جي ڌرتي رهي آهي؟ هتي ته هميشه پنهنجن جي اشاري تي ڌارين ڪاهون ڪيون آهن، سنڌ ۾ ڪڏهن امن هو، هتي جا ڪبوتر اڇا ته ڪونهي، پر رت ڀنا آهن، انهي ڪري اڇا ڪبوتر سنڌ ۾ ٿيندا ئي ڪونه آهن” ڪاٺگر امن جو ڪبوتر نه ملڻ بعد ڏاڍو مايوس ٿيو، کيس سنڌ راڻي جي شاهڪار مجسمي جو اونو هو
پوءِ ڪاٺگر سوچيو ته سنڌ راڻي جي چپن تي لازوال مرڪ هئڻ گهرجي، جيڪا مونا ليزا جي مرڪ کان به وڌيڪ هجي، ڇاڪاڻ ته سنڌ جي ناري جي هڪ مرڪ ئي گهڻن کي گهائي وجهي ٿي، پوءِ ڪاٺگر لازوال مرڪ جي لاءِ در در خيرات گهرندو رهيو، ڪو به اهڙو گهر هن کي سنڌ ۾ نه مليو جتان ڪو مرڪندو هن سان ملي، هر ڪو روئيندو ۽ پنهنجا درد ٻين کي ٻڌائيندو ٿي آيو، هن هڪڙي ماڻهو سان دل جي ڳالهه ڪئي ته هن چيو “تون ڪهڙي مرڪ جي ڳالهه ٿو ڪرين هتي ته ڀاءُ ڀيڻ ۽ ماءُ کي ڪاري ڪري ٿو ماري، مڙس زال تي شڪ ٿو ڪري، ڪنواري ناري بنا پڇڻ جي پوڙهي سان به پرڻائي ٿي وڃي اتي اهڙي لازوال مرڪ ڪٿي ٿي ملي سگهي؟”
“آخر تنهنجو هي بيان ڪيستائين هلندو؟ يا پيو اجايو ٽائيم وڃائيندين؟” صوبيدار تنگ ٿيندي چيو
“سائين جيڪا حقيقت آهي ٻڌايان ٿو” ڪاٺگر جي دوست چيو
“ٺيڪ آ ڪم جي ڳالهه ڪر” صوبيدار ٽنگ تي ٽنگ رکندي چيو
“پوءِ ڪاٺگر سوچيو ته سنڌ راڻي ۾ سچ، بهادري ۽ سجاعت هجي ڇو ته سنڌ جون ناريون بهادر ۽ پنهنجي ڌرتي ۽ ورن سان سچيون آهن. پوءِ سچ جي ڳولا ۾ ڪيترا ڏينهن ڪاٺگر رلندو رهيو، پر هن کي ڪٿان به سچ نه مليو، ٻن همراهن پڇڻ تي ٻڌايو “اسين ڀاءُ هڪ ٻئي سان سچا ڪونه آهيون، مونکي پنهنجي زال، ڌيءِ، ۽ ڀيڻ تي شڪ آهي، تون سچ جي ڳولا ٿو ڪرين؟” ڪٿي به سچ نه ملندو، ها ڪوڙ ڪپت کپي ته اهو هر هنڌ ملي ويندو، ڀلا بهادري ۽ شجاعت؟ ڪاٺگر جڏهن انهن کان پڇيو “جتي سپهه سالار ئي مير جعفر، هجن اتي بهادري رڳو هوشو جي نعري ۾ رهندي آهي، اهو شيون ڪٿي به ڪونه ملنديون، اسين پنهنجي نوڪري ۽ وزارت بچائڻ ۾ پورا آهيون، سو اسين ڪهڙا دودا ٿي وڙهنداسين”
انهي کان پوءِ ڪاٺگر ڏاڍو اٻاڻڪو ٿي پيو هو، هن کي پنهنجي شاهڪار مڪمل ڪرڻ لاءِ ڪابه شيءِ نه پئي ملي، آخري ڀيرو جڏهن ڪاٺگر وڃي رهيو هو، تڏهن مون کانئس پڇيو ته “اڃان سنڌ راڻي لاءِ ڇا ٿو وٺڻ وڃين؟” چيائين “وڃان ٿو لڙڪ وٺڻ ته جيئن آئون ۽ سنڌ راڻي صرف پنهنجا ڏک سور روئي سگهون” انهي ڀيري ڪاٺگر ڏاڍو ٿڪل قدمن سان هلندو، منهنجي اکين کان اوجهل ٿي ويو، پوءِ ڪيترا ڏينهن ڪاٺگر سنڌ راڻي جي نيڻن ۾ لڙڪ رکڻ لاءِ لڙڪن جي ڳولا ڪندو رهيو، پر هن کي ڪو به اهڙو ماڻهو نه مليو جنهن جي اکين ۾ ڳوڙها هجن، روئي ته پنهنجي سورن تي هرڪو رهيو، پر سڀني جا نيڻ خشڪ هئا، جڏهن هن هڪ بزرگ کان ڳوڙهن جي خيرات گهري ته بزرگ چيو “لڙڪ ڪٿي به ڪونه ملندئي، سنڌ ڏکن ڀري آهي، هتي ماڻهو پنهنجي سورن تي روئي روئي ٿڪجي پيا آهن، سندن نيڻن جا ڳوڙها ئي ختم ٿي ويا آهن، هتي ڪيترن ڏينهن کان سنڌو ندي بنجر ٿي وئي آهي، ماڻهن کي وهندڙ پاڻي ملڻ جڏهن کان بند ٿيو آهي، سنڌ جي ماڻهن جي اکين مان ڳوڙها ئي ختم ٿي ويا آهن، هتي سڀني جون اکيون خشڪ ٿي ويل آهن، انهي ڪري ڪٿي به ڳوڙها ڪونه ملندئي”
انهي بعد ڪاٺگر ڏاڍو مايوس ٿي ويو، انهي رات ڪاٺگر وٽ ويس جنهن رات هي واپس موٽي آيو هو، هي رنو ته جام پئي پر هن جي اکين مان به لڙڪ نه ٿي وهيا، شايد هن جون اکيون به خشڪ ٿي چڪيون هيون، انهي ڏينهن کان پوءِ ڪاٺگر مسلسل خودڪشي جون ڳالهيون ڪري رهيو هو، مون کي هن جي خودڪشي ڪرڻ جو ڀرپور احساس ٿيڻ لڳو هو”.
“پر هي مجسمو هن جو قاتل ڪيئن آهي؟” صوبيدار پڇيو
“انهي جو نه مڪمل ٿيڻ ئي ڪاٺگر جي خودڪشي جو سبب آهي”
صوبيدار ڪاٺگر جي لاش تي هڪ نظر وجهندي چيو “ڇا توکي انهي کان علاوهه هن جي قتل جو ٻيو قصو ٺاهڻ ڪونه ٿي آيو؟”
“سائين آئون بلڪل سچ ٿو ٻڌايان”
“ها ها تون سچو آهين، وٺي هلوس هن کي ٿاڻي تي”
پوليس وارن کي حڪم ڏيندي، هن هڪ نظر وري لاش تي وڌي ۽ پوءِ ڪاٺ جي مجسمي ڏانهن ڏٺائين ته ڇير تي نظر پئي، هن ڇير ڪڍي پينٽ جي کيسي ۾ وڌي ۽ ٻاهر نڪري ويو.