عشق جي نه پڄاڻي آ
هي انهن کان بيخبر کٽ جي ايس تي ڪنڌ لاڙيو، اوڇنگارون ڏئي روئي رهيو هو، ڪير به همٿ ڪري چاچي هميرئي ڪولهي کان اهو پڇي نه سگهيو ته پوري اسٽاپ تي پٿر دل سڏجندڙ هن هميريئي جي هانوَ کي ڪهڙي جهٻي آئي جو نيڻ سنڌو جي وهڪرن جيئن وهي پيا هئا؟
صرف اکين جا ڳوڙها ئي نه هئا پر اندر ۾ هڪ پراڻو گهاءُ هو، جيڪو هن جي هانو کي نپوڙي رهيو هو، ذهن ۾ هڪ يادن جو سمنڊ هو، جيڪو ڇوليون هڻي رهيو هو، هي بارها پاڻ بچائيندي ياد جي الائي ڪهڙي ڇوليءِ جو شڪار ٿيو، جنهن هن کي کڻي اڄ کان ٽيهه سال پوئتي اُڇلائي ڇڏيو، جڏهن هي نوجوان هميرو ڪولهي هو، ڳوٺ جي نوجوانن سان ڪثرت ڪرڻ، مهيني ماس ڳوٺ جي ڀر سان لنگهندڙ ونجهي نالي واٽر جي ڇيڙ دوران ڪنهن کي به ڪوڏر ۾ رسائيندو ڪين هو، هن جي ڳوٺ جو پٽيل وڏيرو علي مراد نه صرف ڳوٺ جو ڌڻي هو، پر هر ڪنهن غريب غربي سان وقت سر وهي وڃڻ وارو هوندو هو، ڪنهن جي به گهر شادي، مرادي، مرڻي پرڻي پاڻ ته ٺهيو سڄي گهر کي موڪليندو هو، انهي ڪري هي ڳوٺ مثالي ڳوٺ هو، ٿر ۽ سنڌ جي سنگم واري هن ڳوٺ ۾ الائي ڪيترين ذاتين جي رهندڙن جو به پاڻ ۾ سنگم هو، انهي ڪري شام جو سڀ اچي ڳوٺ جي اُلهندي ڇيڙي تي ڀڙي وٽ ڪچهري تي گڏ ٿيندا هئا، رات جو علي مراد جي اوطاق يا دينوءِ واري دڪان تي دير تائين ڪچهري پئي هلندي هئي، ڳوٺ جون ننڍيون وڏيون ونجهي تي پاڻي ڀرڻ مهل اچي گڏ ٿينديون هيون، جنهن ۾ نه صرف
ڳوٺ جون، پر وڏيري جي گهر جون مايون پڻ هونديون هيون، ايئن شام ٿيندي جتي ڳڀرو نوجوانن جا راندين جا هوڪرا ۽ هڪلون ٻڌبيون هيون ته اتي شام جو مال ۽ ٻنين کان ورندڙ ٻڍڙن جا بيزاري وارا سڏ ۽ پاڻي ڀري ايندڙ پاڻيارين جا ٽهڪڙا به ٻڌڻ ۾ ايندا هئا، اهڙين ڪڪوريل الهڙ شامن ۾ جن ارڏن جوانن جي اوڙي پاڙي هاڪ هوندي هئي، اُنهن ۾ هميريو به هڪ هو، شادي مرادي ۾ جڏهن رات جو گهرن جي ڪشادن پڌرن ۾ دُهل جي دڌڪي تي ڏانڊيو ۽ مَٽڪو راند جا دور هلندا هئا ته نوجوان ٽولن جي صورت ۾ راند ڪندي ڪنهن جهوني جيءُ کي جهنجهوڙي وٺندا هئا، جيڪي جوان ڪنوارين جي نيڻ ڪٽورن ۾ سمائجي ويندا هئا، اُنهن ۾ هميريو سڀني کان اڳرو هوندو هو، هن جي پير جي کڻت، بت جي وراڻي ۽ هٿ جو اوراڪو، گهڻين ارڏين جوانين جا ڇڪا ڇڏائڻ سان گڏ، پراڻن ناچوئن گومندو ۽ ملوڪ کي به جهومائي وجهندو هو، پر هر ڀيري دل انهي ويل هٻڪي پوندي هئي ته هي ڪارو ڪولهي آهي، ڪنهن به نه ٿي ڄاتو ته هي سانوري رنگ جو ڪولهي، اندر ۾ پيار جو پوتر ۽ من جو اُجرو آهي، راند جي پڇاڙڪي پهرن ۾ ڪيتريون ئي نوجوان نينگريون دل هٿان مجبور ٿي هميرئي تي پئسا گهوري، تڳو مڱڻهار جو کيسو گرم ڪري وجهنديون هيون، جنهن سان تڳو جي هٿن ۾ جنبش ۽ مٿي جي لوڏ ۾ وڌيڪ تيزي اچي دهل جي دڌڪي کي وڌائي وجهندي هئي ته هميريو به ڪنهن هڳاءُ کي محسوس ڪندي بت جي وراڻي، پير جي کڻت ۽ هٿ جي وراڪي ۾ تيزي آڻي وجهندو هو، پر جڏهن ملوڪ جي رڙين تي “واول وڄاءِ واول” تي تڳو فقير جي وڄت ڦيرائيندو هو ته هي ناچ پورو ڪري ويهندو هو، پر الائي ڇو هن کي ڪا به نظر پنهنجي نه لڳندي هئي، هي ناچ ڪندڙ مور جيئن مايوس ٿي پيرن ۾ نهاريندو هو.
سانوڻ کير واري جي نياڻي ۽ پٽ جي شادي ۾ باقي چار ڏينهن هئا. سڄو ڳوٺ پوئين هفتي کان سانوڻ جي گهر لٿل هو، تڳو فقير جي دهل جو دڌڪو هو، هڪ پاسي ڇوڪرن ڏانڊئي ۽ مٽڪو جا لهرا ٿي هنيا، پر ٻئي پاسي انهي سڄي ميلي ۾ هميريو غائب هو، جنهن ڪري ڪنهن کي به راند ۾ مزو نه ٿي آيو، ملوڪ ته رڙ ڪندي گومندي کي چيو هو “اڙي گومندا، ڪيئن ٿو ڀائين هميرئي جو وراڪو”
انهي رات وڏيري جي گهران ٻار به آيل هئا، علي مراد جي ڌيءُ سنگهار دهل جو دڌڪو ٻڌي گلان کي چيو هو “اي هل ته هميرئي جي راند ڏسون”
“هميريو آهي ئي ڪونه” گلان ڏکائتي انداز ۾ چيو هو
“هان!” سنگهار کان دانهن نڪري وئي، پر پاڻ سنڀالي چيو هئائين “اي هل ته راند ڏسون”
“ادي اسين ڪلهه رات ڏسڻ ويون سين، ڪونهي حال” ساران پاسو ورتو
پوءِ ٿيو به ائين اڌ راند دوران هي سڀ واپس موٽي آيون هيون، پر هميرئي جو نه هجڻ سڀني کي دل ۾ ڪنڊي جيان کُپي ويو هو، آڌي رات هُل هنگامو ٿيو، تڏهن نوجوان نينگرين سان گڏ پوڙهين پڪين جو به ڌيان مڙسالو ماڻهن ڏانهن ڇڪجي ويو هو “اي هميريو آيو آهي” ساران سنگهار کي بي ڌياني ۾ ڌڪ هڻندي چيو هو، سنگهار ڏٺو ته هميريو ڪلهي تي چٽڪٻرو ٽوال رکيو ملوڪ جي پيرين پئي رهيو هو. ملوڪ گلي لائيندي ڏوراپو ڏنو هو “اي ڇورا، تو بنا ڪر ڪاڄ ٻُسو لڳو پيو آهي، آهين ڪٿي؟”
“استاد واڍڪو ڪم ٿو سکان، 12 ميل تي” هميرئي ملوڪ اڳيان هٿ ٻَڌندي چيو هو، جيڪو ڏانڊيو راند ۾ هميرئي جو استاد هو
“اي ڪم کي هڻ گولي، توکي خبر ڪونهي، سانوڻ جي گهر ڪاڄ آهي”
“استاد اڄ انهي ڪري ته آيو آهيان”
“چڱو ڪئي، هاڻي راند جا لهرا ڏيکار ته هينئون ٺري، اڙي تڳو دُهل کي هٿ هڻ، هاڻي هميريو آيو آهي”
تڳو سگريٽ جو ڪش هڻندي دُهل کي ڪشي تيار ڪيو هو، سگريٽ جو آخري ڪش هڻي دُهل کي گهائي ڏني هئائين ته ويٺلن جي دلين جي ڌڙڪڻ تيز ٿيڻ سان گڏ تگو فقير جي آڱرين ۾ لرزش به وڌيڪ اچي وئي هئي، هميرئي دوستن سان گڏ راند جي گرن ۽ ڦيري جي دائري تي ڳالهيون ڪندي گهر جي اڱڻ ڏانهن ويٺلن زائفائن ڏانهن نهاريو هو ته ڳوٺ جون ڇوڪريون ٽولو ٺاهي بيٺل نظر آيون هئس، جيڪي اڌ منهن چُنين سان ڍَڪي کينچلون ڪري رهيو هيون، سنگهار سڀني کان اڳ ۾ بيٺل هئي، گاسليٽ واري گولي جي روشني ۾ مُک وڌيڪ چَمڪي رهيو هوس، گومندي ڪانڀ ڪڍندي ڇوڪرن کي دائري ۾ بيهڻ لاءِ چيو ته ملوڪ تڳو فقير کي وڄت ۾ تيزي آڻڻ لاءِ هٿ سان اشارو ڪيو، ڇوڪرن جا هٿ ۽ پير هڪ رڌم سان کڄندي بدن ورڻ شروع ٿيا، ملوڪ ڪانڀ ڪڍي ويٺل گومندي جي ڀير ۾ ويهندي پير جي کڻت بدن جي لوڏ ۽ هٿ جي وراڪي تي رايا ڏيڻ لڳو، جنهن سان سهڪار ڪندي گومندي به ها ۾ ها ٿي ملائي، اڄ سڄي ڳوٺ جي ماڻهن ۾ سرهائي هئي، سڀئي دُهل جي وڄت ۽ راند ۾ جي موج ۾ محو هئا، هاڻي تڳو هڪ طرف ڪنڌ لاڙي دُهل جي وڄت ۾ تيزي آڻي ڇڏي هئي، راند تيز ٿي چڪي هئي، ساٿ ڏيندڙ نوجوان ۽ پڪي عمر وارا ساٿي هڪ هڪ ٿي دائري ۾ نڪرندا پئي ويا، باقي چند ڇوڪرا هئا جيڪي هميرئي سان ساٿ ملائڻ لاءِ ڪوشش ڪري رهيا هئا، پر هميريو هو هر پير جي کڻت ۾ انهن کان اڳڀرو نڪريو ٿي ويو، ملوڪ ٽپ ڏئي، اُٿندي پنج پنج جا ٻه نوٽ همرئي تان گهوري تڳو فقير جي کيسي ۾ وڌا.گومندي ويٺل ڪنڌ لوڏيندي چيو “واهه واهه، او اهي پير واهه ڙي هميريا واهه”
هاڻي زائفائن پئسا گهورڻ شروع ڪيا، هميريو هو جيڪو وڄ وراڪا ٿيندو، بدن کي ورائيندو دُهل جي ڌڌڪي تي اڳي کان اڳڀرو نڪرندو ٿي ويو، ڪجهه دير کان پوءِ ڇوڪرين پئسا گهورڻ شروع ڪيا، ساران، گُلان، سفوران، ڀاڳي نيٺ
سنگهار به پنج پنج جا چار نوٽ هميريئي تان گهوري تڳو فقير جي پيرن وٽ رکيا، تڳو جو کيسو پئسن سان ڀرجي چڪو هو، هاڻي پيرن ۾ پئسا گڏ ٿي رهيا هئا، دل ئي دل ۾ هميرئي کي دعا ڪيائين
راند چوٽ چڙهي چُڪي هئي، سڀ ڇوڪرا پگهرجي هڪ هڪ ٿي نڪري چڪا هئا، هميريو آخري بچيو هو، ملوڪ هڪل ڪئي “گوڏو ڀڃي اُٿي، گوڏو ڀڃي” هميرئي دُهل جي آواز ۾ صرف ملوڪ جي هٿ جو اشارو ڏٺو، هميرئي هڪ گوڏو زمين تي کوڙي دُهل جي ٿاپ تي هٿ ورائيندي وراڪو کاڌو، ڄڻ وڄ زمين تي جهپو هڻي آسمان چڙهي وئي، هڪ، ٻيو، ٽيو..... هميريو هو، جيڪو زمين آسمان هڪ ڪرڻ ۾رُڌل هو، چئوطرف تاڙيون وڄي ويون، وڏيري علي مراد پنجاهه روپيا گهوري تڳو کي ڏنا، تڳو راند جي پڄاڻي ڪندي آخري گهائي ڏئي دُهل هيٺ رکيو ته هميريو به هٿ مٿي ڪندي سڀني کي نمسڪار ڪري وڃي هوا تي ويٺو، اڄ ٻين جي دلين ۾ هميرئي لاءِ ڪجهه پنهنجائپ هئي نه هئي، پر سنگهار پنهنجو سڀ ڪجهه هميرئي تان واري چڪي هئي، انهي جو اندازو ڪاڄ واري رات هميرئي کي انهي مهل ٿيو هو، جڏهن ڪاٺين جو ڀاڪر سانوڻ جي گهر مانيون پچائڻ وارين ماين کي پهچائڻ ويو، واپس ورندي هن کي سنگهار رومال جي هڙ ڏني، جنهن ۾ جونئر جون ٽڪيون، فوٽا وغيره هئا، هميريو ڳالهه کي ته سمجهي ويو هو، پر ڳوٺ جي وڏيري جي لڄ ۽ پاڻ ڪارو ڪولهي هئڻ ڪري گهڻو پريشان هو، سوچيائين شايد زندگي مون سان مذاق ڪندي هجي، پر دل هٿان ماڻهو مجبور ٿيندو آهي، تڏهن ذهن جون سڀ تدبيرون ڪوڙيون ٿي وينديون آهن، ائين هميريو به هانوَ هٿان مجبور ٿي ويو هو.
ڪاڄ نبرڻ کان ڪجهه ڏينهن پوءِ جڏهن شام جو واٽر واري گهيڙ تي پرين جو مشاهدو ماڻڻ ويو، تڏهن گلان ۽ سنگهار به گڏ هيون، سنگهار کي چيو هئائين “مون کي اڃان اُنهي ڳالهه تي تعجب ٿو اچي ته زمين ۽ آسمان ڪڏهن پاڻ ۾ گڏ ٿيا آهن، ڏينهن ۽ رات ڪڏهن به هڪ وقت تي نٿا ٿي سگهن”
“هميرا، آئون تنهنجي جواني ۽ تنهنجي انهي ناچ ڏسڻ کانپوءِ هانوَ هٿان مجبور ٿي سڀ ڪجهه ڪري رهي آهيان، مون کي خبر آهي باهه ۽ پاڻي گڏ رهي نٿا سگهن، پر دل جي اڳيان ڪنهن جي ڪا به ڳالهه هلي آهي؟ پر جيستائين توکي ڏسي سگهنديس ايستائين ڏسندي رهندس”
هميرئي سوچيو “پرين پسڻ لاءِ ڇا ٿو ڪري سگهجي” پوءِ هميرئي الائي ڇو تڳو فقير جي در جا دلا ڀرڻ شروع ڪيا هئا، تان جو خبر انهي ڏينهن پئي جڏهن پياري ٻڪرين واري جي جي پٽن جي طهرن ۾ تڳو فقير ساهي کائڻ لاءِ دُهل هميرئي کي ڏنو هو، هميريو دُهل ڪلهي ۾ وجهي ايئن وڄائي رهيو هو، ڄڻ تڳو فقير، ماڻهو حيران هئا ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آهي، جڏهن ڏانڊيو راند سکيو ته ملوڪ جون سڪون ڀڃي ڇڏيون هيون ۽ جڏهن دُهل وڄائڻ شروع ڪيو هئائين ته تڳي فقير جي سڪ لاهي ڇڏي ڏني هئائين.
هميرئي کي دهل سکڻ جي دير هئي ڄڻ تڳو فقير جا سئو ڏينهن پورا ٿي پيا هئا، تڳو ڌڻي در روانو ٿيو ته هر گهر ۾ شادي طهر تي هميرئي کي سڏ ڏنو ويندو هو، انهي بهاني هميريو به پنهنجي پرين جو ديدار پسيندو هو، اکيون بند ڪري ڪنڌ لاڙي، جڏهن دُهل وڄائيندو هو ته هن جي بند اکين ۾ پرين جو واسو هوندو هو، اکيون تڏهن کُلنديون هيون، جڏهن پرين پاڻ هٿن سان اچي کيسي ۾ پئسا وجهندا هئا، هي پئسن کان بي ناز ديدار جو دان وٺي خوش ٿيندو هو، هٿ ۾ اهڙي وڄا هئي جو ماڻهو ڏانڊيو راند وساري ويٺا هئا، پر سنگهار ڪيترائي ڀيرا خيال ڪيو هو ته هو هميرئي جو ناچ هڪ ڀيرو ڏسي، پر پرين جي پسڻ واري خوشي اڳيان هن جي اها خواهش ختم ٿي ويندي هئي.
هڪ ڀيري هي دهل وڄائي ساهي پٽڻ لاءِ هڪ پاسي ويٺو هو ته سنگهار حيلي بهاني پاسي وٺي چيو هوس “هميرا ايئن ڪيستائين پيو پري کان پسندين؟. زمين ۾ نظرون هوندي چيو هئائين “آئون ڪارو ڪولهي، انهي بتي جي گولي کي ڇهندس ته داغدار ٿي ويندو، مونکي ڪيئن به ڪري پنهنجي پيار جو ڀرم رکڻو آهي ۽ هن ڳوٺ جي عزت علي مراد جي پڳ بچائڻي آهي، انهي لاءِ جيستائين سسيءِ ۾ ساهه آهي، ايئن پري کان پسندو رهندس”
سنگهار اڳتي ڪجهه به ڪُڇي نه سگهي هئي، صرف هميرئي جي اکين مان ڪرندڙ ڳوڙهن کي ڏسي سگهي هئي.
وقت جو ڦيٿو پنهنجي محور ۾ ڦرندو رهيو هو، ائين پنج سال گذري ويا، نه هميرئي پنهنجي محبت کي داغدار ڪرڻ لاءِ سوچيو ۽ نه ئي پنهنجي مُک تي موڙ سجايائين، پر علائقي جو سٺو واڍو ۽ دُهلاري ٿي ويو هو، وقت ڪڏهن هڪ جهڙو رهيو آهي؟ هڪ سج کي ٻه پاڇا آهن، نيٺ اهو وقت آيو جڏهن سنگهار کي اهو ڳوٺ ڇڏڻو پيو، سنگهار ڪنهن جي نالي ٿي پرائي ديس وڃڻ لاءِ ونواهه ۾ ويٺي هئي، انهي ڪاڄ ۾ هن خوب نڀايو هو، سڀني پئي سمجهيو ته وڏيري علي مراد جي گهر ڪاڄ آهي، انهي ڪري هميريو پاڻ وڻائي رهيو آهي، پر ڪنهن کي ڪهڙي خبر ته اڄ هن جي اندر جو هانوَ ڪڍي ڪير کڻي وڃي رهيو آهي، هي اندر نهائين جي نيهن وانگر پچي رهيو هو، جيئن هن پنهنجي سمجهيل گرن ۽ وڄتن کي دهل جي واڄن ۾ پلٽي ڇڏيو هو، ايئن واڍڪي جا سڀ ڏاهپ ۽ فن هن کٽ تي لڳائي هڪ سهڻي کٽ تيار ڪري پنهنجي پرين کي تحفي طور ڏني، سوچيو هئائين ته آئون پرين کي ڇُهي به نه سگهيس پر منهنجن هٿن سان ٺهيل کٽ تي پرين سهاڳ ماڻي ۽ اها ئي کٽ سهاڳ رات ۾ سنگهار لاءِ سجائي وئي هئي.
سنگهار پرائي ديس وئي، هاڻي هن جو دُهل وڄائڻ هن لاءِ ضروري نه رهيو هو، هي وري 12 ميل هليو ويو هو، جتي شادي به ڪيائين ۽ پنهنجي گذر سفر لاءِ واڍڪو
ڪم ڪري گذر سفر ڪرڻ لڳو هو، پر اُتي زندگي راس نه آئي هئس، ڪجهه سالن پڄاڻا واپس آيو هو، وقت جا نه ڄاڻ ڪيترا سج اوڀر کان اُڀري اُلهي ويا هئا، جيڪي هن جي سون جهڙي جوانيءِ ۾ چاندي جون تارون سجائي ويا هئا ۽ ايئن هي ڳوٺ جي اسٽاپ تي هميرئي مان ڪاڪو هميريو سڏجڻ لڳو هو، پنهنجن مان هن کي سُک لکيل ئي ڪونه هو، پُٽ ۽ گهر واري به هن جا نه ٿيا، هڪ هڪ ٿي الڳ ٿي ويا هئا، وڃي ٻين ڳوٺن ۾ رهيا هئا، جڏهن هن کي سنگهار ئي نه ملي سگهي هئي ته ٻئي زماني مان هن کي ڇا ٿي ملي سگهيو، هن جا ڀائر هن کان وڇڙي ويا هئا، هنن جي مرتئي تي به هي ڪونه رُنو هو، ڪنهن جي مرتئي تي روئندو ڪونه هو، صرف خاموش رهندو هو، انهي ڪري اسٽاپ تي رهندڙ توڙي سڀئي ڳوٺ وارا کيس پٿر دل سڏيندا هئا، ڳوٺ ۾ پنهنجي گهر ۾ رات جو اچي ڪرندو هو ۽ صبح جو اُٿي دڪان کوليندو هو، اها ئي هن جي ڪل ڪائنات هئي.
سنگهار ته هن کي ڪڏهن ڪونه ملي نيٺ اها کٽ هميرئي وٽ اچي پهتي ۽ اُها هن وانگر گهڻي جُهري ۽ ٽُٽي چُڪي هئي. انهي کٽ کي ڇُهندي ئي هن جي اندر ۾ صبر جو درياهه ٽُٽي پيو هو، هي اوڇنگارون ڏئي کٽ جي ايس تي مٿو رکي روئي رهيو هو، جنهن تي ڪير چئي رهيو هو ته “پُٽ ياد آيا اٿس” “ڀاءُ ياد آيا هوندس” هرڪو پنهنجو رايو ڏئي رهيو هو ۽ هي سڀني کان بي نياز لڙڪ لاڙي رهيو هو.