وارياسا وجود
زندگي جا گذريل اهي ستر سال هن لاءِ ڄڻ هڪ پل هئا، مرحيات پيءُ هوٿي جا سڏ اڄ به سندس ڪنن ۾ گونجي رهيا آهن، هن کيسي کي هٿ هنيو، جنهن ۾ خالي سُلفي کڙڪي رهي هئي، تماڪ به اڄ صبح ختم ٿي ويو هئس، هي گڏهن کي هڪلڻ لڳو ۽ ماضي جي ولڙين هن کي وري وڪوڙي وڌو، اڳئين نماز مهل گهر اچي پهچندو هو، تڏهن ٻاجهر جي ماني ۽ لسي نصيب ٿيندا هئا، وري شام جو دلا کڻي مٺي پاڻي لاءِ ڳوٺ جي ڀر ۾ “پار” تي ڀرڻ هليو ويندو هو، گهڻي ڪوشش کان پوءِ ٻه دلا پاڻي مس ملندو هو، جنهن لاءِ کيس تارن ڀري رات تائين چار ويرين تي وارا ڇڪڻا پوندا هئس، اهو هن جو روزانو جو معمول هوندو هو، هن گهاڻي جي اُٺ وانگي هلي جيون گهاريو هو، ها جڏهن ڇمر ڇاٽ ڪندا هئا، ڪڪر ڪارونڀار ڪري وڏ ڦڙي جي وسڪارو ڪري پلر سان پوٺا، تل ترايون پُر ڪندا هئا، ته هي ڀوڻ ورت ويڙهي گوسين کي ڪجهه ساهي ڏيندو هو، پر پڌري پاڻي جو ڪهڙو آسرو ڪيستائين!؟ مال ۽ ماڻهو کاري پاڻي جي ڏنل ساري سال جي اُساٽ ئي مس لاهيندا هئا ته پاڻي ختم! نڪا اهڙي ترائي هوندي هئي جنهن ۾ گڍڙي، ڀوڏيسر ۽ ويراواه جيئن ٻه چار مهينا پاڻي رهي، هتي ته ٽوڀا ۽ ڇلر هوندا
هئا، جيڪي هرڻين جي اُڃ مس اُجهائيندا هئا، هي ساڳيا ڀوڻ ۽ ورتون کڻي عليم جي وانڍ تي ڪڏهن ڀڳتي جو تڙ پيو پاڻي لاءِ هلندو هو.
قدرت واري اهڙي ڪئي جو سندس ڳوٺ ۾ سٺ پُرهن وارو کوهه کوٽڻ کان پوءِ به کارو پاڻي نڪتو، پاڻي ڇا هو ڄڻ زهر نڪتو هو زهر! هن کي اُهو ڏينهن ياد اچي رهيو هو، جڏهن کوهه ۾ پاڻي نڪتو هو، چکڻ تي هر ڪنهن گرڙي ٿي ڪري ڇڏي، ڪڇيو ڪنهن ڪجهه ڪونه، پر هر ڪنهن جي خاموشي اکين ئي اکين ۾ هڪ ٻئي کي ٻڌائي ڇڏيو هو، ته هتي به پنهنجي قسمت جا سڪا کوٽا ٿي چڪا آهن، انهي ڏينهن ڳوٺ جي جهوني رحيم ڏني ڪونڀٽ جو ڊينگهر کوهه تي ڏيندي صرف ايترو چيو هو “هئي ڙي قسمت!” انهي ڏوراپي ۾ ئي الائي ڪيترين زندگين جي پيڙا سمايل هئي، پاڻي ڪنهن اُپسرا وانگي هن کي ڪڏهن ڪٿي ته ڪڏهن ڪٿي ٿي رُلايو، هن جي زندگي رُڳو پاڻي جي پويان هئي، پاڻي جي اُڃ هاڻي هن جي رڳن ۾ نه، پر رت ۾ سمائجي وئي هئي، گهر ۾ لپ داڻا نه هوندا هئا ته پرواهه نه هوندي هئي، جيترو پاڻي جو اُلڪو هوندو هو!
هن کي اٺهٺ جي ڏڪار جا اُهي ڏينهن ياد ٿي آيا، جڏهن ساندهه ٽي ڏينهن پاڻي نه هئڻ ڪري، هي عليم جي وانڍ ۾ رهيو هو، پويان پوڙهو پيءُ، پنهنجي نُنهن سليمت جي پچايل ٻاجهر جي ماني ۽ مٽي جي لوٽي ۾ لسي کڻي اچي کوهه تي پهتو هو، گڏهه ڦهنگار ڪئي ته هي وري خيالن جي دنيا مان حقيقت ڏانهن هليو آيو، ٻاجهر جي ماني جو ذائقو ۽ لسي جي کٽاڻ وات ۾ محسوس ڪيائين ته وات پاڻي پاڻي ڪرڻ لڳس، پاڻي واري وات مان زبان آلي ڪري چپن تي ڦيرڻ لڳو، گڏهن کي ڪٽڪارو ڪندي سوچيائين ته اڄ مرحيات بابا هجي ها ته ضرور ٻاجهر جي ماني ۽ لسي جي لوٽي کڻي، ٻائوري جي لٺ کوهيندو، عليم جي وانڍ تي اچي نڪري ها، پر اڄ هي پاڻ اچي پيءُ جي عمر جو ٿيو هو، هڪڙو دين دنيا ۾ پٽ هئس، سو به ٻن ڏينهن کان وڃايل ٻڪرين جي ڳولا ۾ ويل هو.
هيل برسات نه پئي هئي ڄڻ مصيبت پيدا ٿي پئي هئي، آساڙ (آکاڙ) مهيني ۾ ڪو ريج مينهن وٺو ته ڪٿي نه وٺو، انهي تي ماڻهن جو مال هٿان ٿي ويو، ماڻهو پاڻي جي ڪري، ٻني ٻارو پوکي يا مال سنڀالي، اڳي ته ويساک ۾ وسندو هو ملڪان ملڪ مينهن پوندو هو، جام، اصل گاهه پاڻي جا انڇر ٿي پوندا هئا، ملڪ ٺري پوندو هو، پر هيل يار کي الائي ڪهڙي اچي پئي؟ ڪٿان ٻه ڇنڊون آڳاٽيون ٿو ڪيرائي، اصل مال ٿو هٿان وڃي، بروبر وڏن سچ چيو آهي “آساڙ وٺو، ملڪ مُٺو”
رات جي ديوي پنهنجا پر ڦهلائي ڇڏيا هئا، چوڏس تڏين جي چرچر جو آواز پئي آيو، انهي مهل هي گهر اچي پهتو، هن جي گڏهن کي هڪلڻ لاءِ ڪيل ڪٽڪارو زال ٻڌو، ته پُٽ کي سڏ ڪيائين
“ربو او ربو ”
“ها” ربو موچاري جي گهران جواب ڏنو
“هل پُٽ هل جنڊا آيا” ماءُ وراڻيو
ربو ۽ سليمت جنڊا لاٿا، هي وڏو شوڪارو ڀري لٺ اوٽي تي اُڇلي، کٽولي تي ويٺو، ٻئي کٽولي تي زال ٻاجهر جي رٻ ٺاري ڇڏي هئي، تنهن تي نظر پيس، ته ويتر آنڊن ۾ وٽ پوڻ لڳس، پاڻي پيئندي ڏٺائين ته زال گڏهن لاءِ داڻا کڻڻ چونئري ۾ پئي وڃي ته چيائين “اڙي هنن اٻولن کي لپ لپ ڪڻ وڌيڪ ڏجئين، نڌڻڪا ڪالهوڪا مرتا آهن، هنن ويچارن الائي ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، جو پيا سزا ڀوڳين!”
سليمت ٻاجهر جا ڪڻا ڪونڊي ۾ وجهي ٻاهر نڪتي ته گڏهن جي سڏڪن تي هن جون اکيون ڀرجي آيون، هن هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀيڪوڙي اکين کي بند ڪري ڇڏيون، ڳچ مهل کان پوءِ توبهه ڀريندي مٿي نهاري التجا ڪيائين “اي منهنجا رب! تون ڪوئي هاڻي رحم ڪر نه ته هي بي زبان ته مري ويندا، ڪو هنن جي ڀاڳ جون ٻه ڇنڊو ئي ڪيراءِ”
زال واپس مس وري ته پڇيائين “ٻڪريون لڌيون يا ربو ائين وري آيو”
“لڀجي ويون” زال وراڻيو
“ڪٿي؟” هن اتاولائي مان پڇيو
“او پيراڻي جي پار جي اُترئين مڙهي ۾” سليمت اتر هٿ ڪندي چيو
“هون! مال جي ڪو تري اُپڙي آهي ڪه نه؟” ڪيڏي مهل گهر آيو؟” هن وري پڇيو
“منجهند جو مانيءِ ٽاڻي” سليمت جواب ڏنو
“پار مان پاڻي ڀرڻ ڪو ويو هو ڪه نه” پاڻي جا لهور وري اچي ويا
“ڪير وڃي؟ آئون هڪڙي ڄڻي آهيان گهر جي بلي، ربو منجهند جو مري ٽُٽي اچي پهتو، چئي پيو صبح ڀريندس، پاڻي به هڪڙي دلي ۾ پيو آهي” زال سڄي وارتا ڪري وئي
“هاڻ ڏيو منهن” هي ٻرندڙ جبل جيئن ڦاٽي پيو “اڙي رات جو ڪير وهائي ويو ته، تون سدائين گهر ۾ قابو آهين، پر هيٺ وئي هئين، ڪير وهائي ته ڪونه ويو؟”
“نه آئون ته ڪونه ويس، پر موچاري چيو ته، ڪنهن جو پير ٻيو ڪو نه هو” زال چيو
“اڄ نه هو ته رات وهائي ويندا، وري نئين مصيبت!” ڳلي ۾ خشڪي محسوس ڪندي هن جيڪو پاڻي جو گلاس لوٽي مان ڀريو هو، اهو هٿ ۾ جهليل رهجي ويس سو پيتائين.
“ڀيڻسان! اسان ته پنهنجي زندگي ئي ائين پاڻي پويان گهاري ڇڏي، خدا کي الائي ڇا منظور آهي، ڇا ڪجي؟” هي سوچن جي ڪوهيڙي ۾ گهيرجي ويو، پٽ کي ايندو ڏسي هي وري نئين سري سان ڳالهه کڻي ويٺو “اڙي ٻيلي، تون آيو هئين ته
وڃين ها، پاڻي ته ڀري اچين ها، ڏسين نه پيو هتي ڪهڙو ڪربلا متو پيو آهي”
“کڻي ڪنهن تي اچان” ربو پڇيو
“ڪنهن نه ڪنهن جو جو گڏهه ڪاهي وڃين ها” هن وراڻيو
“ماڻهن جا وهٽ مرن ٿا، نٿا ڏين” ربو نهڪار ۾ هٿ لوڏيندي چيو
“ته تون ڀري ته ڇڏين ها، هي ننڌڻڪا به مرن ٿا، پر هينئر هنن تي کڻي اچين ها”
“صبح ڀري ايندس، ڪير ڪونه ڀري ويندو” ربو کٽولي تي آهلندي چيو
“صبح جو هجي ته ڀرجئين” هن وراڻيون
ٿوري دير ۾ زال ٻاجهر جي رٻ ۽ لسي جو وٽو ڀري ڏنس، پر هن جي دماغ تي پاڻي واري سوچ سوار هئي، جنهن ٻيو ڪجهه سوچڻ نٿي ڏنس، جهڙي تهڙي کائي، گرڙي ڪري، کيسي مان سلفي ڪڍيائين، تماڪ ته صبح ئي ختم ٿي ويو هئس، “اڙي! تماڪ ته ڏي” زال کي چيائين
زال گهر ۾ پيل تماڪ ڏنس، کٽ تي ويٺي ويٺي ٻه ٽي سلفيون ڀري پيتائين، پر پاڻي جي ڳالهه هن کي منجهائي وڌو هو، سوچيندي اُتان اٿيو، ٻاهر گهٽي ۾ بيهي ڪن ڏئي ڳوٺ جي هيٺين پار ڏانهن ڪجهه ٻُڌڻ جي ڪوشش ڪيائين ته پار ۾ ڪنهن جي ڳالهائڻ جو آواز ته ڪونه ٿو اچي، پر چوري پاڻي ڀرڻ وارا ڳالهائيندا ٿورو ئي آهن
هن کي ياد آيو ته ڪيئن هي ۽ سندس ڀاءُ پيرن تي ٻوهه ٻڌي ماڻهن جي ويرين مان پاڻي ڀري ايندا هئا، هي واپس اچي بستري تي ليٽيو، پر ڏينهن جي ٿڪاوٽ هئڻ باوجود کيس ننڊ نه ٿي آئي، مسلسل پاسا ورائيندو ٿي رهيو.
آڌي رات مهل سڄو ڳوٺ آرامي هو، انهي مهل هن کي ننڊ جو جهوٽو مس آيو ته، اوچتو رڙ ڪري اُٿيو، رڙ ڇا هئي، جيڪا خاموشي جا پردا چاڪ ڪندي سڄي ڳوٺ ۾ ڦهلجي وئي، هي ڊوڙ ڪندو ڳوٺ جي اُتر طرف کوهه ڏانهن ڀڳو، ڳوٺ مان ڪو ڪٿان ته ڪو ڪٿان، پرين اگهاڙو ته ڪو لٺ سان ڀڳو پئي آيو.
هي سڏ ڪندو کوهه ڏانهن ٿي ويو، “اڙي کوهه پاڻي ڏنو آهي، پاڻي!”
موچاري، حيدري ۽ علو کوهه جي سارڻ ۾ هن کي وڃي جهليو، همراهه وهي کاڌل هوندي به گهليو پئي ويو، وري چيائين “جليا!، بُريا! ورتون کڻي اچو، ٻيلي کوهه مٺو پاڻي ڏنو آهي” وري ٽهڪ ڏيندي ساڳيا اکر ورجايائين، موچاري چيو “اڙي جن لڳو آهي” علو هڪل ڪند چيس “ڪلمو پڙهه، ڪافر ڀيڻسان!”