ڳولا جي رڻ ۾
“دنيا ۾ اليڪٽرانڪ ٽرينون ۽ جديد بسون هلن ٿيون، اسان اڃان انهن ڇڪڙا بسن ۾ ڪيستائين سفر ڪنداسين” هن سوچيو
هن جي ذهن تي پنهنجي شهر ڏانهن ويندڙ بسن ۽ روڊن جي حالت تري آئي، ڪيئن هي ڳوٺاڻو سفر ڪري هتي پهتو هو؟ انهي سفر دوران هن کي ڪيترا لوهه جا چڻا چٻاڙڻا پيا هئا.
هن ڏٺو ته گيٽ تي ڪجهه رش گهٽجي وئي هئي، ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ۽ شيون وڪندڙ، بس ۾ اڳتي پوئتي هلي رهيا هئا، ننڍن ٻارن جي روئڻ ۽ سامان کڻي هنڌائتو ڪرڻ وارن جا زورائتا آواز، هي سرڪي وڃي گيٽ تي پهتو، پنهنجي جاءِ تي وڃي ويٺو
بس جو انتظار، انهي کان پوءِ جاءِ وٺڻ جي لاءِ ڪوشش ۽ هاڻ ويتر بس جي حالت ڏسي، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، بي چيني جي حالت ۾ سوچيائين “هت هر شئي ۾ بيچيني ۽ بي آرامي، خزان جي پنن جيئن ڇڻي رهي آهي” پويان ٽيڪ ڏيندي پاڻ کي رليڪس ڪيائين، ڪنهن ڪنهن مهل هوا جي جهوٽي پگهريل بدن کي سرور ۾ ٿي آڻي ڇڏيو، ٽي ڏينهن جي ڪشمڪش ۽ بيچن ڪندڙ ٿڪاوٽ انگ انگ کي ساڻو ڪري ڇڏيو هو، پگهريل چهري تي هوا جي جهوٽن، هن جي اکين کي ڳورو ڪري ڇڏيو هو، هي يادن جي لهرن ۾ لڙهڻ لڳو.
ڪيڏو چاهه مان ڳوٺ روانو ٿيو هو، ڳوٺ پهچڻ تائين هن کي بس جي سفر ٿڪائي وڌو هو، سفر ته ايترو ڊگهو ڪونه هو، جيترو بس جي رفتار ۽ روڊ جي کڏن ۽ جهاڪن ۾ ايندڙ لوڏن هن کي بيزار ڪيو هو، جڏهن ڳوٺ واري اسٽاپ تي لٿو هو تڏهن سوچيائين ته هاڻي وڃي آرام ڪبو، پر ڳوٺ پهتو ته ماءُ پيءُ جو جيهڙو زور سور تي هو.
جڏهن کان هوش سنڀاليو هئائين، تڏهن کان ماءُ پيءُ کي ائين وڙهندي ڏٺو هئائين، جڏهن ماءُ ڳالهائيندي هئي ته هن جي پيءُ جي ست پيڙهين تائين پٽون پاراتا ڏيندي ويندي هئي، جنهن ۾ گڏوگڏ هن جي پيءُ کي وسارڻ ناممڪن هوندو هو، جواب ۾ هن جو پيءُ اسپيشل قسم جون گاريون بجن سميت ڏيندو هو، هن جي ماءُ جي ستن پيڙهين تائين هليو ويندو هو، هن سوچيو ته زال مڙس جا سڀ رشتا، محبتون هتي هڪ ڌڪ سان پرزا پرزا ٿي وڃن پيا، ڪڏهن ته زال مڙس کي سڌي منهن ڳالهائيندي نه ڏٺو هئائين، هن سوچيو ته اسان جي ڇڙوڇڙ ۽ بيزار طبيعت ٿيڻ ۾ هنن جي هن ئي محبت جو اثر آهي
هاڻي ته هن ڳوٺ ۾ رهڻ ڇڏي ڏنو هو، پر پوءِ به ٻنهي ڀائرن جو پاڻ ۾ وڙهڻ يا وري ڀاءُ ڀيڻ جو پاڻ ۾ وڙهڻ عام ڳالهه هئي، ماءُ پيءُ جهيڙو اڃان ٿڌو ئي مس ٿيو هو ته ڀاءُ ٻني تان موٽي گهر آيو، پريان ئي منهن ۾ گهنڊ ڏسي، هي سمجهي ويو ته ڪجهه ٿيندو ۽ ڪجهه دير بعد ٿيو به ائين هنن جي سڳي ماءِ کي دڙڪا ڏيندي “ماءُ” تي پٽي گار ڏني، هاڻي هن جي ذهن ۾ هٿوڙا لڳڻ شروع ٿيا، هن نٿي چاهيو ته اڄوڪو ڏينهن به خراب گذري، ڇو ته اڃان هن کي ٻه ڏينهن ٻيا به هتي گذارڻا هئا، انهي ڪري هي اٿي پاڙي وارن جي گهر هليو ويو، ٻئي گهر ۾ پنهنجو پيل سامان ڏسي حيران ٿي ويو، هن جا پيتي ۾ پيل ڪتاب ڪچي ڪوٺي جي درين ۾ ٽڙيا پکڙيا پيا هئا، جن تي جهرڪين جون وٺون پيون هيون، ڪيترن ڪتابن جا پنا ٽٽا پيا هئا، هڪ ڊائري مٿي روشندان ۾ پئي هئي، ٻيون هيٺ ڪنڊ ۾ اڇليون پيون هيون، هن جا ذاتي ۽ پسنديده فوٽو ڪي پيتي جي تري ۾ ته ڪي غائب هئا، هن کي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ماءُ سان وڙهڻ لاءِ جذباتي ٿيو، وري سوچيائين امان سان ته هرڪو وڙهي ٿو گهٽ ۾ گهٽ آئون ته ايئن نه ڪريان، امان جو انهي ۾ ڪهڙو ڏوهه؟ هي حالت تي هن جي ننڍي ڀاءُ ڪئي هوندي، منجهند جو هن جو ڀاءُ ۽ پيءُ پاڻ ۾ ڏاڍا وڙهيا، شام جو هن جي ڏند چڪ ڀاءُ سان ٿي وئي، پويان اڌ ڏينهن هي الائي ڪيئن گذاريو هو، نيٺ اڄ ڳوٺان بيزار ٿي شهر ڏانهن روانو ٿيو هو.
هاڻي بس آهستي آهستي روڊ تي سرڻ شروع ڪيو هو. ڪلينرن جا هوڪا، ٻارن جو گوڙ، شين وڪڻڻ وارن جا واڪ سڀ ڪجهه پوئتي ڇڏيندي بس هلڻ شروع ڪيو ته هي به ٿانيڪو ٿي ويٺو، الائي ڇو اڳي ويندو هو ته ڏاڍي اڪير ۾ ويندو هو، پر جڏهن واپسي ٿيندي هئي ته هن کي پنهنجي فيصلي تي پاڻ کي ڪاوڙ ايندي هئي، شهر جي زندگي کان به بيزار ٿي پيو هو، پر هن جي شهر کان سواءِ ٻي ڪا به واهه ڪانه هئي، وڃي ته ڪيڏانهن وڃي؟ ڳوٺ ۾ گهر جو ماحول من لاءِ زهر هو، وري ٻهراڙي جو ماحول دنيا جهان کان ڪٽيل اهڙي حالت ۾ رهڻ هن لاءِ ناممڪن هو، انهي ڪري شهر ۾ رهڻ هن جي مجبوري هئي، شهر جيڪو
جيڪو سلوپوئائيزن جيئن هن جي اندر کي کائيندو ٿي ويو، سٺي اداري ۾ سروس حاصل ڪرڻ هن لاءِ محال هئي ۽ نه ئي شهر ۾ ايڏو ڪمرشل هو، جتي وڏا وڏا ڪمرشل ادارا هجن، انهي ڪري پيٽ پالڻ لاءِ هن کي هڪ گهٽ پگهار واري اخبار جوائن ڪرڻي پئي، جيڪا هن جي رت ۽ ذهن کي چوسي رهي هئي.
“سائين ڪرايو؟” ڪنڊيڪٽر جي آواز هن کي خيالن جي دنيا مان واپس آندو هن کيسي مان پنجاهه جو نوٽ ڪڍي ڪنڊيڪٽر کي ڏنو، ڪنڊيڪٽر اڳتي وڌيو ته هي وري ٽيڪ ڏئي خيالن جي دنيا جي مالها ماضي سان پوئڻ لڳو.
هن سوچيو ته اخبار جي دنيا به عجيب ڪشمڪش واري آهي، ڪي اخبارون پنهنجي سرڪيوليشن ۽ اشتهارن وسيلي خودڪيفيل آهن جيڪي چڱي خاصي اسٽاف سان ڪم ڪري رهيون آهن ۽ ڪي ڪجهه هزارن جي سرڪيوليشن ۽ غير معياري جنسي اشتهارن تي محدود اسٽاف سان هلي رهيون آهن، انهن ۾ اسٽاف ڄڻ بيگار ڪيمپ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ياد جي لهر هن کي اخبار جي آفيس ۾ کڻي وئي، نيوز روم ۾ نيوز ايڊيٽر جي وٺ وٺان، ويچارو ايڊيٽر مولائي پاڻ نيوز ڊيسڪ تي ويٺل “جلدي ڪري وٺ، خبر ٻه ڪالم ڪر، هن جو انٽرويو ٺاهه، اڙي هي خبر ٺاهي اٿئي، انهي جو ته ڪارو منهن ڪري ڇڏيئي، وري لک، ڪلهوڪي واقعي جو ايڪسڪليوزو لکي ڏي، هن خبر کي هيڊنگس ڏي، پي ٽي وي ٻڌئي، سي اين اين لڳاءِ، ڪاپي جلدي لاهيو، ڏهه چاليهه ٿي ويا آهن. هوڪرا.... هو ڪر هي ڪر...! هن جي ذهن ۾ ماڪوڙا ڊوڙڻ لڳا، هن جا ٻئي هٿ وارن ۾ کپ ٿي ويا، وارن کي زور سان پوئتي ڇڪيندي جهٽڪو ڏنائين، ڳچ دير کان پوءِ اکيون کولي شوڪارو ڀري ڪنڌ لاڙي ڇڏيائين.
ٿوري دير بعد سڌو ٿي سگريٽ دکايائين، ٻه ٽي ڪش هڻي رليڪس ٿيو، سوچيائين ته هاڻي ڪٿي رهڻ گهرجي؟ ڪنهن وٽ رهي؟ جڳهه ملڻ مشڪل آهي، ڪٿان پارٽنر اچن؟ اڳئين پارٽنرن ڪيترو ذليل ڪيو هو؟ نه ڪم نه ڪار کي هٿ ڏين نه وقت تي ڪرايو ڏين ۽ اسٽيٽ ايجنسي وارا سدائين هن جي سر تي، هڪڙو ڄڻو ته جڳهه وٺي نٿو سگهي، سوچائين ڪيئن ڪجي؟ ڪيڏانهن وڃجي، هي به فليٽ ڪهڙا ڪچي آبادي کان گهٽ آهن نه پاڻي جو بندوبست، نه لائٽ جو آسرو، سوچيائين ڇا ڪجي؟ هڪڙي ڪمري واري جڳهه اها به پندرهن سو ڪرايو، ڏهه هزار ايڊوانس، هاڻي ايڊوانس ڪٿان آڻجي؟ پگهارون ته اڳي رهيون پيون آهن، چار مهينا ٿيا آهن، ڄڻ اخبار نه وڏيري جي ونگار هلي رهيا هجون، مالڪ صاحب پرفيوم ۾ ٻڏل ۽ روزانو شراب جي بوتل ڪٿان ٿو آڻي؟ نيوز ڊيسڪ تي ڪم ڪرڻ مڙئي اسان کي ٿو ٺاهي.
هڪڙو دڪاندار اڳي هلڻ ڪونه ٿو ڏي، الائي ڪنهن نڀاڳي فليٽ ڇڏڻ واري ڳالهه ڪئي آهي انهي ڪري صبح شام واٽ جهليو بيٺو آهي، مٿي وري واندا، سڃا، اديب، شاعري سڄو ڏينهن ويٺا آهن، رڳو پيا فرمائشون ڪندا يار سگريٽ ته گهراءِ، يار چانهه ته پيار، کيسي ۾ هڪ روپيو به ڪونهي ۽ پاڻ کي نرودا ۽ مارڪيز ٿا سمجهن، چوٿون ڏينهن پئسا ڪونه هئا، جو ڪرايو ڀري اخبار آفيس وڃي، لفٽ وٺندو وٺندو وڃي آفيس پهتو، الله الائي ڪنهن کي ڀلايو جو خبر ڏيارڻ جي لاءِ آفيس ۾ آيو، سوير اچڻ ڪري اڃان آفيس ۾ سرموڙ صحافي ڪونه آيا هئا، انهي ڪري هي اڪيلو هو، همراهه خبرن واري پني جي وچ ۾ ٻه سو سو جا نوٽ ويڙهي خبرن وارو پنو هن ڏانهن وڌايا “سائين هي خبر هلائڻي آهي” هن جا هٿ بي ساخته پني ڏانهن وڌيا “حاضر خبر بلڪل هلندي” هن جي اخباري دنيا ۾ اها پهرين بي ايماني هئي.
انهي ڏينهن ڪاپي ڊائون ٿيڻ تي ٻن ڏينهن جي موڪل لکي آفيس ۾ ڏئي ٻئي ڏينهن ڳوٺ ڏانهن روانو ٿي ويو هو، سوچن جي سمنڊ ۾ لڙهندي هن کي خبر ئي ڪانه پئي ته سفر ڪيئن گذريو، بس مين اسٽاپ تي پهچي چڪي هئي، ماڻهو بس مان لهي رهيا هئا، هي به ٿيلهو بغل ۾ وجهي هيٺ لٿو، ماضي جي ساروڻين هن کي چڱو ولوڙي ڇڏيو هو، انهي ڪري اڃان انهي سحر ۾ هو ماڻهو رڪشن ۽ فورسيٽرن ۾ چڙهي پنهنجي منزل ڏانهن وڃي رهيا هئا، هي فيصلو ئي نه ڪري سگهيو ته ڪيڏانهن وڃي.