ڪھاڻيون

وارياسا وجود

نصير جي ڪهاڻين جي خوبصورتي جو هڪڙو راز اهو به آهي جو سندس ڪهاڻين جا ڪردار بنهي سادا ۽ روزمره جا عام ڪردار ۽ استعمال ڪيل ٻولي واندي لفاظي کان بلڪل پاڪ تمام سادي ۽ عام فهم آهي، جيڪا علم ادب جي چوٽي جي پارکُو کان وٺي مون جهڙي ادنيٰ انسان کي به سمجهه ۾ اچي. واقعي نصير پنهنجي ڪهاڻين سان خوب نڀايو آهي ۽ پنهنجي تخليقي پورهئي سان هُو ادبي کيتر ۾ پنهنجي هڪ نمايان حيثيت رکي ٿو.
  • 4.5/5.0
  • 2990
  • 763
  • آخري ڀيرو اپڊيٽ ٿيو:
  • نصير ڪنڀر
  • ڇاپو پھريون
Title Cover of book وارياسا وجود

کنوڻين کيل ڪيا

هن پينٽ جي کيسي مان چاٻي ڪڍي، انٽر لاڪ ۾ گهمائي، در کي ڌڪو ڏئي، ڪنڊي کي گهمايائين ته در کلي پيو، در کلڻ شرط فليٽ جي ٻوساٽيل هوا هن جي آجيان ڪئي، ٻاهر گاڏين جي دونهي، لٽ واري هوا اڳ ۾ ئي حواسن ۾ محسوس ڪري رهيو هو، وري انهيءِ ٻوساٽ هن جي نڪ ۽ دماغ کي عجيب بوءِ ۾ ويڙهي وڌو.
اڄ صبح جو اٿيو هو، تڏهن محسوس ڪيائين ته فليٽ ۾ ڪچرو گهڻو ٿي چڪو آهي، پر سوچيائين ته مون کي ته شيو ٺاهڻ جو وقت به ڪونه ٿو ملي، سو ڪهڙيون ٻهاريون ڪڍندس، پارٽنر اڃان ستل هئا، جو هي تيار ٿي ڊيوٽي تي هليو ويو، هن کي صبح سان ئي ماحول ۾ عجيب گهٽ محسوس پئي ٿي، ڄڻ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي، آفيس ۾ به دل ڪانه پئي لڳس، مختلف فائيلن کي اڪلائيندي ذهن الائي ڪيڏانهن ٿي هليو ويس، گم ڪندڙ روبينه صديقي چيس “سارنگ صاحب اڄ توهان جي طبعيت ته ٺيڪ آهي نه؟”
“هون! ها طبيعت بلڪل ئي ٺيڪ آهي” هن خيالن جي دنيا کان واپس ايندي چيو.
“الائي اڄ منجهيل منجهيل پيا لڳو”
“نه نه اهڙي ڪا ڳالهه ڪانهي” هي نٽائي ويو.
آفيس ۾ ڊائريڪٽر صاحب جي نه اچڻ ڪري ايتري ڪم جي وٺ وٺان ڪانه هئي، پنهنجي ٽيبل تي آيل فائيلن کي نمٽائي سپرنٽينڊنٽ جي حوالي ڪندي هن به ٻين وانگي کسڪڻ جو سوچيو، بس ۾ هن کي عجيب ماحول ٿي لڳو، جتان هي روز لنگهندو هو، اُهي رستا، اُهي جايون ۽ ملندڙ ماڻهو هن کي اوپرا ٿي لڳا، اُن ڪري بجاءِ جو هي ٻئي پاسي گهمڻ وڃي سڌو فليٽ جو رُخ ڪيائين.
اندر گهڙي بوٽ لاهي، ڪپڙا بدلايائين، هڪ نظر اندر ڪمري ڏانهن ڪيائين ته سامان ٽڙيو پکڙيو پيو هو، رڌڻي ۾ چانهه جا ڪپ ٿانو پکڙيا پيا هئا، ڄڻ زلزلي ۾ ڪير جان بچائڻ لاءِ ائين ٽڙيل پکڙيل سامان ڇڏي ڀڳو هجي، ڪپڙا بدلائي، وکريل رليون ويڙهي ڪتاب هڪڙي پاسي رکيائين، رڌڻي جي در تي بيهي هڪ نظر رڌڻي ۾ رکيل ٿانون تي وڌائين، ٿانون جي حالت ڏسي ماني تان ارواهه کڄي ويس “ڏسان دوست جي يونيورسٽي مان آيو ته پيٽ پوڄا ڪبي نه ته خير آهي” پنهنجو پاڻ سان ڀڻڪيو، سوچيائين هي به ڪا زندگي آهي، هر روز نئين ڪٿا، اسانجي جيون ۾ جنم وٺي ٿي، غريب پئسي پويان ڊوڙي ٿو، امير آرام ڪري پئسو اڏائي ٿو، ڏينهون ڏينهن ڌرتي اسان لاءِ سوڙهي ٿيندي پئي وڃي، اُن صحافي دوست جا چيل لفظ هن جي ذهن تي تري آيا، جنهن زلزلي جو ٻڌي چيو هو “اها ڪهڙي ڳالهه آهي، اسان جي پيرن هيٺيان روز زمين نڪرندي آهي” واپس ڪمري ۾ اچي ڊيڪ جي ڀر ۾ پلٿي ماري ويٺو، ٽڙيل پکڙيل ڪيسٽن ۾ هن جو هٿ هيڏانهن هوڏانهن ڦرڻ لڳو، پر دل کي ڪا به ڪيسٽ ڪانه پئي وڻيس، اوچتو بغير ڪور واري ڪيسٽ تي نظر پيس “اڙي هي ڪيسٽ ڪڏهن کڻي آيو آهي؟” استاد جمن جي پسنديده ڪيسٽ ڪو دوست کڻي ويو هو، جيڪا هن جو پارٽنر واپس کڻي آيو هو.
ٻئي لمحي استاد جمن جو آواز هن جي سماعتن تي پهتو “سگهڙا آوين سانول يار” هن ڪيسٽ فارورڊ ڪري ٻيو پاسو لڳايو، ڏور غفائن مان ڪنهن اپسرا جي آواز جئين ايندو هن جي سماعتن تي پهتو “رات به مينهڙا وٺا، ٻاجهارن جي ملڪ مٿي رات به مينهڙا وٺا...” آواز هيو، جيڪو پنهنجي پرنم موسيقي تي هن کي ڏور درمندي جي ديس ڏانهن کڻي پئي ويو
ٺڪ ٺڪ در تي اوچتي آواز هن جي خيالن جي ڪاڪ محل کي چور چور ڪري وڌو، هيٺيون چپ ڏندن ۾ ڀڪوڙي اشهد آڱر ڊيڪ جي بٽڻ واري لائين ۾ آف تي دٻائي ڇڏي، در کوليائين ته ٽپالي سلام ڪري لفافن جي ڀري مان لفافو ڪڍي هن ڏانهن وڌايو، هن لفافو وٺي ايڊريس تي هڪ نظر وڌي، “سارنگ ڌناڻي اي-15 صدف پلازه حيدرآباد” “مهرباني ادا، اچو چانهه پيو” ٽپالي کي صلاح ڪيائين “نه سائين مهرباني” ٽپالي مرڪندي هٿ وڌايو ته هن به پنهنجو هٿ هن جي ڳاڙهي ٻڙي واري منڊي پاتل هٿ ۾ ڀچائي ڇڏيو
در بند ڪري هڪ نظر ايڊريس تي ۽ موڪليندڙ جي ايڊريس پڙهيائين، شهمير ڌناڻي، واگهي جي اوانڍ، ويهندي خط کوليائين
پيارا نورچشم سارنگ
اسلام عليڪم
جي احوال عرض ته هت سڀ خير آهي، اميد ته توهان به خير خيريت سان هوندو، آمين ثم آمين
پيارا پٽ هن فاني دنيا مان ڪيترائي روز گذري چڪا پر توهان پيارن جو ڪو حال احوال نه مليو آهي، اُن ڪري هن خط ملڻ شرط پنهنجي احوال کان واقف ڪندا، پيارا نورچشم توهان وڃي پرديس ۾ ڏينهن لاهي ڇڏيا، اسين هتي تنهنجي لاءِ پريشان آهيون، پٽ تنهنجي طبيعت به ٺيڪ نه رهندي آهي، اُن ڪري توکي چيو هئوسين ته احوال احوال ضرور اماڻيندو ڪر، پٽ تنهنجي ڪمائي کان وڌيڪ تنهنجي حياتي اسان کي پياري آهي “اهڙو سون ئي گهوريو، جيڪو ڪن ڇني” پٽ توکان سواءِ اسان جو سهارو ڪير آهي؟ ان ڪري هي خط ڏاڍو تفصيلي لکي رهيو آهيان پٽ تنهنجي امڙ توکي گهڻو ساري ٿي، هر ويلي ماني کائيندي هڏڪي اچي ٿي ته چوندي آهي ته الائي الائي سارنگ ماني کاڌي آهي يا نه؟ اُن چوڻ تي تنهنجي ڀيڻ سڀاڳي به روئي پوندي آهي آئون ته چوندو آهيان ته اهڙيون مايوسي جون ڳالهيون نه ڪر، ڇوڪري کي ٿي روئارين، پوئين مهيني کان ماڻهين جي طبيعت به ٺيڪ ڪانهي ۽ سڀاڳي کي به هلڪو بخار رهي ٿو، ويچاري سنگهار گهر اچي ٿي ڪم ڪار جي لاءِ، اُن مهل آئون گهران هليو ويندو آهيان، هاڻي هوءِ ڪيئن گهر اچي پنهنجي ادي سبحان پر سال چيو هو ته ٻيلي مون تان بار لاهيو جي ادي جو چيو مڃون ها ته هن وقت هي ڏينهن ڪونه ڏسڻا پون ها ڇا ڪريون...؟ سال وڃي پويان پير کوڙيا، ٿيو ان جو داڻو به ڪونه، گهر ۾ اُٺ اوريا پيا آهن، زماني ۾ ڪجهه ڪونه رهيو آهي، مونکي ته ڪجهه سُجهي ئي نٿو ته ڇا ڪريان؟.
ٻيو ته پوئين مهيني دڪان واري کي تو اڌ پئسا موڪليا ها، ان ڪري هاڻي سيڌو ڏيڻ به گهٽائي ڇڏيو اٿائين، مال جو به حال ڪونهي، پاڻي لاءِ وهيٽ ڪونهي، اُٺ ته پوئين سال ڏڪر ڏسي وڪڻي ڇڏيوسين ۽ گڏهن ۾ ايتري طاقت ڪانهي جو وارا ڇڪين ۽ هي ساٺيڪا کوهه اصل وهيٽ جو موت ٿا ڪريو ڇڏين، ابا پاڻ واري سائي ڍڳي به ويچاري ٿي ڌڻي در رواني، ويچاري گابڙي جي رڙ پئي پئي، هتي ته کير ته چانهه ڍڪ لاءِ ڪونه ٿو ملي، سو انهي معصوم لاءِ ڪٿان آڻيون، ڳوٺ وارا ايڪڙ ٻيڪڙ ٽپڙ کنيو سنڌ پيا وڃن، پر ڪالهه مون ريڊيو ته خبرون پئي ٻڌيون ته چيائون ته سنڌ ۾ پاڻي ڪونهي، سو سنڌ وڃي ڪڄاڙو ڪنداسين، مال ۾ بيماري آهي پٽ، ڳالهيون انيڪ آهن اچي ٻڌجان، هاڻي تون هن خط ملڻ شرط ڳوٺ ورڻ جي ڪجان ڪجهه سامان به وٺيو اچجان، هتي دڪان وارا ابتي ڪاتي سان ٿا ڪُهين، ماڻهين ۽ ڀيڻ لاءِ تپ جون شينهن ڇاپ گوريون ۽ ڳاڙهي دوا آڻجانءِ، اٽو به سٺو نهاري وٺي اچجان ۽ موسم ڀري پئي آهي جي سج ۾ تپس ڏسين ته موڪل جهجهي وٺي اچجان ته ٻني به پوکرائين، وڌيڪ خيرت
ٿورو لکڻ گهڻو سمجهڻ
فقط تنهنجو والد شهمير
خط ته ڪڏهوڪو پڙهي ورتو هئائين، پر هي اڃان خط کي وري وري نهاري اٿلائي وچان وچان ٽڪرا پڙهي رهيو هو، خط ويڙهي لفافي ۾ وجهي ڊيڪ تي رکندي محسوس ڪيائين ته هن جي اکين جون ڪُنڊون آليون ٿي چڪيون آهن، اکين کي مهٽي چهري تي هٿ گهمائي سڌو ٿي ويٺو، خط هن جي اڳيان ڪيترائي يادن جا ڪتاب کولي ڇڏيا هئا، پوئين مهيني آفيس ۾ آڊٽ هئڻ ڪري ڳوٺ ڪونه وڃي سگهيو هو، پئسا به چڱا خاصا پنهنجي دوائن تي خرچ ڪري ڇڏيا هئائين، باقي پئسا ڳوٺ مني آرڊر ڪري موڪليا هئائين، سڄو ٿر بر لڳو پيو هو، مال مري وڃي باقي بچيو هو، ماڻهو گهڻا بيمارين ۾ وڪوڙيل هئا، تڙن ۽ تانگهين ويرين جا پاتار اونداهه ٿي چڪا هئا، ائين ئي هن جي مڱيتي سنگار ۽ ڀيڻ سڀاگي جا جوڀن ڀريا جسم به سُڪي اڪ جي ڪاٺي ٿي چڪا هئا، هي ٻئي الهڙ ڪنواريون، مندائتي مينهن جو انتظار پنهنجي پرين کان وڌيڪ ڪري رهيون هيون جي وسڪارو نه ايندو ته ڏڪار ڏيهه مان نه ويندو ته هي پنهنجا پرين ڪيئن ماڻي سگهنديون.
هن جي ذهن تي وسڪاري جا اُهي جوڀن ڏينهن تري ٿي آيا، جڏهن اسُر ويل گهرن مان لسي ولوڙڻ جو آواز ايندو هو ۽ هن جو پيءُ شام جو مال وٿاڻ ڏي ورائي ڪيئن اوطاري جي اڳيان ڪانڀ ڪڍي ڏاڏي فتح خان جي ڪچهري ٻُڌندو هو. جڏهن هِن جي پسند جا گانا “رات به مينهڙا وٺا” يا “دردمنديءَ جو ديس وسي ٿو” ايندا هئا ته ڪيئن نه هن جو پيءُ ڪانڀ ۾ ويٺو جهوليندو هو، يادن جي درياهه هن جي اکين جا بند ٽوڙي وڌا ۽ ٻه گرم لوڻاٺا لُڙڪ هن جي ڳلن جي بنجر زمين کي پُسائيندا هيٺ لهي ويا.
ڊيڪ ڏانهن نهاريندي هن جي اشهد آڱر پلي تي اچي بيٺي، هن زور ڏنو ته استاد جمن جو آواز هن جي سماعتن تائين پهچڻ لڳو
“دردمندي جو ديس وسي ٿو، بوند برهه جي بهار لڳي”
در تي وري ٺڪ ٺڪ ٿي ته هي ڊيڪ وڄندو ڇڏي ٻاهر در تي هليو ويو، در کوليائين ته پارٽنر بيٺو هو “هيلو سارنگ، اڄ سوير اچي وئين” پارٽنر چيو
“ها يار صاحب هو ڪونه، دل ڪانه پئي لڳي اچي ويس”
“واهه اڄ ته استاد جمن پيو ٻُڌجي، ڳوٺ ياد آيو اٿئي ڇا؟” پارٽنر ڊيڪ وڄندو ڏسي چيو “هون.... ها” هن مُرڪندي جواب ڏنو
“يار راهي اڄ ڳوٺان خط آيو آهي، امڙ به ٺيڪ ڪونهي، گهر راشن به ڪونهي، ٿر جي ته حالت خراب آهي”
“الا!” راهي ڪتاب رکندي هن ۾ يڪ ٽڪ نهاريندي چيو
“ها يار اڄوڪي خط مونکي ته پريشان ڪري ڇڏيو ، بابا اڳي اهڙو پريشان نه هوندو آهي” هن منهن ٻئي پاسي ڪندي چيو
“پوءِ سارنگ تون موڪل ڪري ڳوٺ هليو وڃ، الله خير ڪري پئسا منهنجا به ڳوٺان آيا آهن، اُهي کڻي وڃ ڪجهه توکي آفيس ۾ ملي ويندا، تون سڀاڻي ڳوٺ هليو وڃ”
“ها يار مون پاڻ اهو ئي سوچيو آهي” هن ڪنڌ وهاڻي مٿان لاڙيندي چيو
“هاڻ تون رليڪس ٿي، ڀلا ماني؟” هن کان وري پڇيائين
“ماني وڻي ڪانه ٿي”
“واهه ڙي واهه وڻي ڪانه ٿي، تون ويهه آئون ماني ٺاهي ٿو وٺان”
راهي اٿيو ته هي به راهي کي مدد ڪرائڻ لاءِ رڌڻي ڏانهن هليو ويو، رات جيئن تيئن گذري ٻئي ڏينهن هي ڳوٺ روانو ٿي ويو، ڏورانهين پنڌ کي لتاڙي ڳوٺ وڃي رات جو پهتو، پيءُ، ماءُ ڏاڍا خوش ٿيا. ماءُ منهن تي هٿ ڦيرائي “شل مان صدقي وڃان منهنجو پٽ آيو” ڀيڻ به ڊوڙي اچي ملي، پيءُ اندر چونئري ۾ کنگهي رهيو هو، هي وڌي چونئري ۾ ويو ته پيءُ سڌو ٿيندي چيو “ابا، پٽ ڀلي آئين” پيءُ جا هٿ پنهنجي هٿن ۾ وٺندي هن محسوس ڪيو ته پيءُ جا هٿ ڪيڏا سخت ۽ سيءُ ڪري ڦٽل آهن، سوچيائين هنن ويچارن سڄي زندگيءِ ۾ محنتون ڪيون، تڏهن هي حال ٿيا آهن، پيءُ جا هٿ گرم محسوس ڪندي چيائين “بابا تنهنجا ته انگ ڪوسا ڪيڏا آهن” ها پٽ ڪالهه صبح سوير ويو هئس ٻڪري نهارڻ، سو گرم بدن ۾ پاڻي پي وڌو، زڪام ۽ بخار ٿيو آهي
“تون ڪيئن آهين؟”
“بابا آئون ٺيڪ آهيان”
“الله ڪري خوش هجين”
“تنهنجي ماءُ ۽ ڀيڻ کي اڃا بخار مس ڇڏيو آهي ته مون کي ڪيرائي وڌائين” پيءُ ڳالهه پيرائتي ڪندي چيو
“ادي تون ڪيئن آهي؟”
“ادا آئون هاڻي ته ٺيڪ آهيان”
“تنهنجي لاءِ مون دوا آندي آهي”
“اي هي اداري وارا پيا پاڻي جهڙيون دوائون ورهائين، اهڙي ته ڪانهي” سڀاڳي پڇيو
“اداري وارا؟” هن چيو
“اي ابا هي انگريز اداري وارا ڪونه پيا ورهائين سامان ۽ دوائون” ماءُ وراڻيو
“تو ڪهڙي گهوڙيئي ڇاپ واري دوا آندي آهي” ڀيڻ پڇيو
“ها ها” هن ڪنڌ لوڏيو
“اهو ڊاڪٽر ڪالهه آيو هو، مونکي به دواءِ ڏني” ماءُ چيو
“اي ابا اهي پيا مڙئي هلن، مونکي چيائين پوڙها توکي پراڻي بيماري آهي، ٽيون ڏينهن زڪام لڳو آهي سو ٿي پراڻي بيماري” “خير ڇڏيو اهي ڳالهيون، مون دوا آندي آهي، هاڻي الله خير ڪندو” نهاريندي چيو
“اڙي ابا هڪڙي دوا صبحان وارن جي گهر ڏئي اچو، هو ڇوڪري سنگهار ڪالهه کان بخاري پئي آهي” شهمير چيو، سارنگ جي ڪنن ۾ گهنڊڻيون وڄڻ لڳيون، سوچيائين الله خير ڪري، هن ماءُ ۽ ڀيڻ ۾ نهاريندي اکيون ڦيري ڇڏيون.
“ادا مونکي ڏي، هتان سڏ ڪري ٿي ڏيان، ماسي پريان ايندي، پاڻ ئي وٺي ويندي، سنگهار کي بخار الاهي آهي”
رات ته گذري پر ٻئي ڏينهن شهمير کي بخار وڌي ويو، هيلٿ ڊپارٽمنيٽ جي وزيٽنگ ٽيم آئي، تنهن ڊاڪٽر، سارنگ کي خوش لباس ڏسي، سٺي نموني ڊيل ڪيو، چيائين
ڏڪار جي ڪري کاڌو چڱو نه ملڻ ڪري ڪمزوري آهي، ڦڦڙ ڪمزور آهن، اڄوڪي هي دوا پياريو، بخار لهي ويندو، کاڌو سٺو کارايو جي بخار نه لهي ته تعلقه اسپتال وٺي اچجو”
سڄو ڏينهن ڪاڙهو به چڱو رهيو، اُن ڪري منجهند کان پوءِ آسمان تي ڪڪر به سٺا ٿي رهيا هئا، هر ڪنهن ڳوٺاڻي جي منهن تي مُرڪ هئي، شهمير بخار ۾ هئڻ باوجود هڪ ٻه چڪر نڪري آسمان جو مشاهدو ڪيو “شايد، يار اڄ پلر پياري” شهمير آسمان ۾ چتائيندي چيو “ها بابا اڄ ته ڪانگ وات ۾ ڪک پئي کنيا، پکي به صبح کان پوءِ آسمان ۾ مٿي پيا اڏامن” سڀاڳي چيو
ايتري ۾ سارنگ آيو “بابا توکي بخار آهي، پگهريل بدن ٻاهر نه نڪر”
“اڙي پٽ هي ڪڪر ڏسي ڪهڙي نڀاڳي کي اندر ويهڻ ايندو”
شام جو شهمير کي بخار به تيز ٿي ويو، سارنگ دوائون به پياريون، پر بخار نه پئي لٿو، طبيعت ۾ ڪمزوري وڌيڪ پئي محسوس ڪيائين، شام جو گورين جو ٻيو وزن کارايائين، نه ڪٿان ڪا گاڏي ٿي آئي، جو شهر وڃجي.
هاڻ اوڀر کان کنوڻ به مٿي چڙهڻ شروع ڪيو، شهمير سارنگ کي چيو “ابا ريڊيو کول جهوني کي ٻُڌان” پروگرام ٻُڌندو رهيو، پر طبيعت ساٿ نه پئي ڏنو، رات جو طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي، ان ڪري ساهه ۾ به تڪليف وڌي وئي، سارنگ ڪوشش پئي ڪئي ته دوائن جي سهاري ڪا فرسٽ ايڊ ڏجي، برسات هاڻ وسڻ جا ويس ڪري رهي هئي، کنوڻ ۽ گج گوڙ مٿي ٿي رهي هئي، هلڪيون هلڪيون ڦڙيون ڪري رهيون هيون، ريڊيو وارن به استاد جمن جو گيت لڳايو “درد مندي جو ديس وسي پيو، بوند برهه جي بهار لڳي” شهمير جي عضون هاڻي ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو هو، سارنگ چيس “بابا او بابا...” شهمير جو آواز ڪونه پئي نڪتو، اکيون کولي هڪ نظر اُنهن سڀني تي وڌائين، سڀني جون اکيون آليون هيون، وري اکيون بند ڪندي ڪنڌ لاڙيائين ته سارنگ سڏ ڪيو “بابا.... او بابا.... هي ڏس تنهنجي پسند جو گانو هلي رهيو آهي، هو ڏس تنهنجو ديس وسي پيو..... بابا....او بـ.... بابا”
استاد جمن جو آواز ٻاهر وسندڙ مينهن ڪڻين جي سرگم، هن جي سڏڪن ۽ گهر ڀاتين جي روڄ راڙي ۾ گم ٿي ويو....!