پرچيل سپنا، رُٺل ساڀيائو
“آيا آس ٿيام ٻاروچا ڀنڀور ۾” ڪنهن ڪنڊ ۾ شاهه جي شيدائي ورد ڪيو، “ويلڪم ٽو نيو ڪمرس” ڇوڪرن جي گڏيل گروپ مان جملو هن جي ڪنن تائين پهتو، ڀر ۾ ويٺل ڇوڪريون نرڙ ۾ گهنج وجهندي هن جي پرسنلٽي جو جائزو وٺڻ لاءِ پين جي کڙي کان چوٽي تائين نهارڻ لڳيون
جڏهن ڪلاس ۾ ماٺار ٿي ته هن هڪ نظر بورڊ تي وڌي، انهي بعد ڪلاس جو جائزو ورتو تڏهن خبر پئي ته ڪرسين جي ٻانهن تي ٺونٺيون رکي ويٺل ڇوڪرن جون آڏيون ابتيون نظرون اڃان تاڙ ۾ هيون ، هو وري سهيلي سان آهستي ڳالهائي مرڪي ۽ مرڪ جي گل جو باقي پتيون نظر ڦيرائي سموري ڪلاس ۾ نڇاور ڪري ڇڏيائين، واپس ڪرسي کي ٽيڪ ڏيئي رجسٽر جا پنا ورائڻ لڳي، تڏهن رحمان مونکي ٺونٺ هنئي “ڪيئن ڀلا جڳاڙ ٿي ويندو يا نه” “ها ڏسون ڀلا” آئون انهي جي شخصيت جو جائزو وٺڻ لڳس، ايتري ۾ سر هارون ڪلاس ۾ آيو هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ لڳي ويو، ڪلاس دوران اٽينڊس شيٽ آئي، مو ن ڏٺو ڇوڪرين جي نالن جي آخر ۾ لکيل هو شرميلا وحيد، ۽ هيٺان سهيلي جو نالو رفعت هاشماڻي لکيل هو.
وقت جي ڦرندڙ ڦيٿي سان گڏ، هن جي حجاب جا پردا به ويڙهجندا ويا، بلڪل ماڊرن، فرينڪلي ڳالهائيندي هر ڪنهن سان فري ٿيڻ لڳي، ڳالهه ٺاهڻ، نه ته بگاڙڻ ۾ دير ئي ڪانه ڪندي هئي، پوءِ هلڪي مرڪ چپن تي ڦهلائي چوندي هئي “دل ۾ نه ڪجو، مون مذاق پئي ڪئي” ماڻهن جي ڪاوڙ توڙي نفرت جا سڀ قلعا ڊهي پٽ پوندا هئا، بلڪل ڀولي ڀالي هر ڇوڪرو ڪهاڻي ٺاهي ٻڌائيندو هو ته اعتبار ڪري ويندي هئي، ڳالهائيندي ڳالهائيندي سامهون ڳالهائيندڙ جي ايترو ويجهي اچي ويندي هئي، جو هن جي گرم ساهن جي گرمائش محسوس ٿيندي هئي، انهي ڪري ڪجهه قدامت پرست ڇوڪرن اهو شوشو هلايو هو صفا وائڙي آهي، هڪ ڏينهن آئون سيمينار لائبريري ۾ نوٽس تيار ڪري رهيو هئس ته هو ٽلندي آئي “ايڪسڪيوزمي” هن ڪنڌ کي هلڪو
لوڏو ڏيندي چيو.
مون مٿي نهاريو ته هو پرس ۾ هٿ وجهي آهستي آهستي پاڻ کي لوڏي رهي هئي “ توهان سر هارون جا نوٽس تيار ڪيا آهن”
“جي ها” مون وراڻيو
“مو نکي فوٽواسٽيٽ جي لاءِ ڏيندو”
“ڀلي کڻي وڃو” هو ٽلندي سيمينار لائبريري مان ٻاهر نڪري وئي
“ٿينڪ يو” ڪجهه دير بعد هن نوٽسن جو بنڊل مون طرف وڌائيندي چيو
“ويهو” مون ڪرسي طرف اشارو ڪندي چيو
“نه مهرباني ٻئي دفعي هنيئر ٻاهر رفعت بيٺي آهي” هن شڪريو ادا ڪندي چيو
اها هن سان منهنجي پهرين رسمي ملاقات هئي، پهرئين سيمسٽر جي امتحان دوران مون سان وڌيڪ فري ٿي ويئي، ائين اسان جي ڪچهرين جا وقت ڪئمپس جي مڌم هوائن ۽ يونيورسٽي جي ڇڙواڳ رستن تي وڌندا ويا، اسٽيڊي کان وٺي اسان هڪ ٻئي جي نجي زندگي تائين بحث ڪندا هئاسين، هن جون ٻه ڳالهيون منهنجي لاءِ باعث ڪشش هيون، هڪ ته هو بلڪل ڀولي ڀالي هئي، ٻه سال اڳ پڙهندڙ آنرس جي ڇوڪرين جي ڀيٽ ۾ کليل ذهن جي مالڪ هئي، ٻي ڳالهه ته ڪيترين ڳالهين بعد به دل ۾ ڪانه ڪندي هئي، گهڙي کن کان پوءِ وري سرچي ڪينٽين يا سينٽر لائبريري جي لان ۾ ڪچهري ڪندي هئي، مون اهو سوچيو ئي ڪونه هو ته اهڙي ماڊرن هر ڪنهن کي ٺهه پهه منهن تي چوڻ واري ڇوڪري هٿان دل ڦرائي ويندس.
انهي ڳالهه جو اندازو مون کي انهي ڏينهن ٿيو جڏهن هو هڪڙي ڏينهن ڪلاس ۾ نه آئي، اهو سڄو ڏينهن مون فيڪلٽي کان هاسٽل جي وچان هلي گذاريو، رات جو اسٽيڊي به ڪري نه سگهيس، ٻئي ڏينهن صبح جو آئون ڪلاس ۾ پنهنجي خيالن ۾ گم هئس ته هن پويان اچي سڏ ڪيو “عقيل” مون مڙي ڏٺو هو گلابي وڳي ۾ مرڪي رهي هئي، ڪنڌ سان مون کي ڪلاس کان ٻاهر اچڻ جو اشارو ڪيائين آئون ٻاهر نڪتس ته هو سيڙهيون لهي رهي هئي، ڏاڪڻ جي موڙ تي رسيس.
“ڪالهه ڪٿي هئين؟” مون پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهندي چيو
“ڪالهه رفعت جي سالگرهه هئي، انهي ڪري اچي نه سگهيس، توکي به ڪونه ٻڌايم، هون به ضروري به ڪونه سمجهيم”
“اڇا!”
“نه نه اهڙي ڳالهه ڪانهي”
اسين ڪينٽين ۾ وياسين- مون بيري کي چانهه ۽ سمبوسه آڻڻ لاءِ چيو
“ڇو اڄ ناشتو ڪونه ڪيو ڇا؟” هن چيو
“صرف ناشتو، رات جي ماني به ڪانه کاڌم”
“ڇو؟”
“تون ڪونه ملئين جو”
“مار.... عقيل منهنجي ڪري توهان کي تڪليف ٿي” مون هن جي نيڻن جي ساگر ۾ ڏٺو ته هن جي نيڻن جو ساگر بند ٽوڙي ٻوڙان ٻوڙ ڪرڻ وارو آهي “واقعي عقيل مون توکي نه ٻڌائي سٺو ڪونه ڪيو، اسين سٺا دوست آهيون پر اسان کي ايترو اڳتي نڪري نه وڃڻ گهرجي”
انهي هفتي اسان جو موضوع شادي رهيو، منهنجي بارها ڪوشش جي باوجود هن پنهنجو رايو نه ٻڌايو، صرف مرڪي چوندي رهي “وقت اچڻ تي سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويندو” مٿئين هفتي جا ٻه ٽي ڏينهن موڪلون هيون مون به ڳوٺ وڃڻ چاهيو، انهي ڪري هفتي جا ٻه ڪلاس مس ڪرڻ جو سوچيم، ڳوٺ وڃڻ واري ڏينهن اسان پاڻ ۾ تمام گهڻيون ڳالهيون ڪيوسين. “ايڏي وڏي موڪل تي پيو وڃين خير ته آهي” هن چيو “سڀ خير آهي، ڳوٺ ويئي گهڻا ڏينهن ٿيا آهن، ٻه ڏينهن ايندي ويندي جو سفر آهي” مون جواب ڏنو “ يا شادي وغيره جو پروگرام آهي” هن وري سوال ڪيو “نه نه شادي وغيره ڪجهه ڪونهي، مون پهرين جتي چاهيو اتي مڱڻي ٿي ڪانه هاڻي بابا وارا جتي چاهين ٿا اتي آئون ڪونه ٿو ڪريان”
“ڪهڙي ضرورت آهي عقيل ٻهراڙي ۾ شادي جي، اتي يونيورسٽي ۾ کوڙ ڇوڪريون آهن” ظاهر آهي ٻهراڙي ۾ ايتري ايڊيوڪيشن ڪٿان آئي جيتري هتي هوندي” هو رڳو مرڪي “هاڻي هلون توکي دير ٿيندي هوندي” هن پرس کڻندي چيو
“شرميلا دل چوي ٿي ته اڄ آءِ آءِ قاضي جي مزار تي هلون اتان پوءِ گهر هلنداسين” اسين ڳالهيون ڪندي قاضي جي مزار تي آياسين، اتي ڪيتري دير ڳالهيون ڪندا رهياسين، منجهند جو ڪوسي لُڪ جڏهن ڄامشوري جي سرهي هوائن ۾ گڏجڻ لڳي تڏهن اسين شهر وڃڻ لاءِ اٿياسين مون هن جا ٻئي هٿ پنهنجي هٿن ۾ جهلي اکين تي رکي چمندي چيو “ شرميلا جيڪر منهنجي گلي جو هار ٿيا ته اهي هٿ ٿيندا نه ته ڪي به هٿ نه ٿيندا” هو شرم ۾ ڳاڙهي ٿي وئي، پنهنجو مُک منهنجي سيني تي رکي ڇڏيائين
“عقيل هلون دير پئي ٿئي” هن ڪنڌ مٿي کڻندي چيو، اسين سنڌالاجي وٽان شهر لاءِ روانا ٿياسين، شرميلا کي شهر ۾ ڇڏي آئون ڳوٺ روانو ٿيس.
بس ۾ منهنجي ماضيءِ جون ساروڻيون سانوڻ جي اوهيرن جيئان ذهن تي تري آيون، جڏهن شمع جوان ٿي چڪي هئي ته آئون ڪاليج جو امتحان پاس ڪري گهر ويٺو هئس، تڏهن ڳوٺ جي ڇوڪرين ۾ مونکي شمع سڀ کان وڌيڪ وڻي هئي، پوءِ جڏهن مڱڻي جي ڳالهه هلي ته ڀاڄائين، چاچين وسيلي بابا امان تائين اها ڳالهه پڄايم ته منهنجي مڱڻي ڪيو ته شمع سان ڪيو، ڪجهه معاشري
اڻبڻت جي ڪري منهنجو شمع جو مڱڻو نه ٿي سگهيو، انهيءِ دوران منهنجي يونيورسٽي ۾ داخلا ٿي وئي، آئون ڄام شوري هلي آيس، تڏهن اڳيون سڀ ڳالهيون وساري علامه آءِ آءِ قاضي جي مزار تي اگربتيون ٻاري نئين زندگي جي شروعات انهي وچن سان ڪيم ته هاڻي اتان پنهنجي زندگي جون جيون ساٿي ڳولبو، اهي منهنجا جاڳندل اکين جا خواب ساڀيائن ۾ بدلجندي محسوس ٿي رهيا هئا.
“ها سائين ڪرايو” ڪنڊيڪٽر جي آواز مونکي حقيقي دنيا ۾ آندو، ڪرايو ڏيئي آئون مئگزين پڙهڻ ۾ لڳي ويس.
رات جو ڳوٺ پهتس، هفتو گهر رهي، واپس يونيورسٽي جي لاءِ پئي آيس ته امان چيو “تنهنجي مامي غفور وارن جو نياپو آيو هو، هُو سڱ ڏيڻ لاءِ تيار آهن، هاڻي تون کڻي ها ڪر ته ڳالهه پڪي ڪيون” “نه امان مونکي ڪونهي ضرورت شادي جي” مون ڪپڙا ٿيلهي ۾ وجهندي چيو.
“ابا جيڪڏهن هُتي نه ٿي ته ٺهيو هي به پنهنجا آهن”
“نه مونکي ڪونهي ضرورت، مامي وارن کي جواب ڏيئي ڇڏيو”
“ابا ائين ڪندين...”
“بس چيم نه امان مونکي ناهي شادي ڪرڻي” مون امان جي ڳالهه ڪٽيندي چيو
گهر وارن کي جواب ڏيئي آئون يونيورسٽي هليو آيس، مهيني کان پوءِ اسان جا امتحان ٿيا، هفتي جي موڪل بعد اسان جا فائينل ايئر جا ڪلاس شروع ٿيا، اسان کي استاد توڙي ڊپارٽمنٽ جو اسٽاف تمام سٺي عزت ڏيڻ لڳو، هرڪو پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رُڌل هو، پر ڪچهرين جا وقت وڌڻ لڳا سڀ ڪو پنهنجي جوڙي سان صبح جو ڪينٽين جي بئنچن، سينٽرل لائبريري، فيڪٽلي ۾ ڪچهرين ۾ محو هوندو هو، شام جو پويلئن ۽ آءَ آءَ قاضي جي مزار جا روڊ ٽهڪڙن توڙي هلڪين سرگوشين ۾ گهيريل هوندا هئا.
هڪ دفعو وري منهنجي زندگي جو اهو اڀاڳو ڏينهن آيو هو، پهرين ٻن ڪلاسن ۾ غائب هئي، سر وسيم انهي ڏينهن موڪل تي هو، سڀ ڇوڪرا ٻاهر لان تي ۽ ڪينٽين ۾ ڪچهريون ڪري رهيا هئا، آئون اڄ به انهي جي نه اچڻ تي پريشان هئس، ايتري ۾ هو رڪشا ۾ آئي، وارن ۾ اڳي جيئن هيئر ڪلپ نه هنيل هو، ڪپڙن جي سيٽ اپ مان پئي لڳو ته هن راتوڪا ڪپڙا نه بدلايا هئا، هٿ ۾ ڪتابن بجاءِ صرف ڪلهي ۾ پرس هو، هوءِ مون ڏانهن وڌي آئي، اسين لائبريري جي لان ڏانهن هلڻ لڳاسين “ڇو اڄ دير ڪئي؟” مون وک ملائيندي پڇيو، بس اڄ ڪم ئي اهڙو هو، اڄ اچان ڪونه ها پر تنهنجا نوٽس ڏيڻا هئا” هن ڪنڌ هيٺ ڪري هلندي چيو “ ڇو اڄ وري ڪنهن جي سالگرهه آهي ڇا؟” مون اڳئين ڳالهه کي ذهن ۾ رکندي پڇيو “ نه ائين ڪونهي” هن رئو ٺاهيندي ڳالهه کي اڳتي وڌايو “عقيل اسين سٺا دوست آهيون، ڪلاس فيلو آهيون، لازمي ڪونهي ته ماڻهو جنهن کي چاهي انهي کي حاصل ڪري”
“شرميلا، چوڻ ڇا ٿي چاهين؟” مون کي هن جي وکريل جملن جي لڙهين ۾ پنهنجا سپنا ٽٽندي نظر آيا “دراصل عقيل منهنجي مڱڻي منهنجي ڪزن سان ٿي وئي آهي، آئون بابا وارن جي فيصلي اڳيان مجبور آهيان، هون به مون توکي ڪلاس فيلو جي حيثيت سان ڪمپني پئي ڪرائي” هن نوٽسن جو بنڊل مون ڏي وڌائيندي رڪشا کي بيهڻ جو اشارو ڪيو، منهنجي اکين اڳيان اونداهي ڇائينجي ويئي مونکي ڪجهه به سمجهه ۾ نه آيو ته ڇا چوان، صرف هن جي منهن کي تڪيندو رهيس، هن منهن ڦيرائي ڇڏيو.
هو رڪشا ۾ چڙهي ويٺي “.... عقيل دل ۾ نه ڪجان توکي هتي ٻي پڙهيل ڇوڪري ملي سگهي ٿي” رڪشا واري ڪلچ ڇڏي، رڪشا سنڌالاجي واري رستي جي لاهي ۾ دونهون اڇلائيندي پري ٿيندو ويو، منهنجي اکين مان لڙڪن جون لارون نوٽسن تي ڪريون، اڄ وري منهنجي پرچيل سپنن جن ساڀيائون رسي ويون هيون.