ڦڙڪيون
سيد ڪار مان لهندي دودي سان ڀاڪرين پئجي ويو “ڪٿي آهين، ڀورل؟” دودي هيٺيون تر وٺڻ لاءِ نمندي چيو “سائين اتي ئي اوهان جي نگريءَ ۾” هٿ ڏئي ٻئي ڀاڪرن مان آجو ٿي خوش خير عافيت پڇڻ لڳا.
“دودا، خوش آهين جوڙ...”
“مرشد رحم...”
“ٻيو مڙئي خير، بهاريون...”
“مرشد دعائون اوهان جون، مولا علي جو ڪرم”
هٿ ڏئي ٻئي ڄڻا اچي عطائي ڊاڪٽر دوست سيفل جي اسپتال ۾ ويٺا، سيد سمن شاهه ناري جو وڏو زميندار ۽ سيدن جي چڱي گهراڻي سان واسطو رکندڙ هو، سندس ياري ناري جي چڱن چوکن زميندارن، چورن ۽ خفتين سان هئي، دودو به پنهنجي وقت جو ڪاٽڪو چور هو، رئيس اميد علي جي اوطاق جهليو پيو هو، رئيس پنهنجي ڳوٺ جي اسٽينڊ تي هر ڪنهن کي ڪاروبار ڪرڻ ڏنو، انهي ڪري ٿوري عرصي ۾ ئي رئيس جي نالي سان اسٽينڊ ترقي ڪندو هڪ چڱو خاصو شهر ٿي ويو، جتي دڪان، سيٺين جا ڪانٽا، اٽي جي چڪي ۽ ٽي کن اسپتالون به هيون جنهن ۾ هنن جي پڳ مٽ يار عطائي ڊاڪٽر سيفل جي به هڪ هئي، اسپتال جو رڳو نالو هو، باقي سارو ڏينهن دودي ۽ سندس سنگت جا ڦيرا هوندا هئا، دودي جو اصل اهو ئي ٺڪاڻو هو، جيڪو به يار دوست دودي جي پڇا ڳاڇا يا ملڻ لاءِ ايندو هو ته اچي ڊاڪٽر جي اسپتال تي ڪڙڪندو هو، اهي به هٿ ٻڌي چوندا هئا “ڊاڪٽر صاحب جو خير” ڊاڪٽر به کين هٿ جوڙي سلام جي موٽ ڏيندو هو ۽ مريضن کان ڦريل پئسا سنگت جي چانهه پاڻي تي خرچ ڪندو هو.
دودو سنڌ جو ڪو به ميلو نه ڇڏيندو هو، اصل ڪاهي پهچندو هو، ڀٽڻين کان وٺي ناچوئن جون ٽوليون دودي جا يار هئس، جيڪر ڀٽڻين جي ٽولي ميلي تي نه پهچندي هئي ته ڪنهن نئين ڀورل جو وڃي پاسو وٺندو هو، دودو پاران وسڪي ۽ ڪڪڙين جا پيس پهچي ويندا هئا، هن سان پاڻ جهڙا چار پنج ڪاٽڪو به گڏ هوندا هئا، سمن شاهه سان به اتي ئي ياري لڳي هئس، هڪ ڀيري جڏهن سمن شاهه جي ڀورل تي مري ٻروچن ڪاهه ڪئي هئي ته ٻيو ڪوبه ويجهو ڪونه آيو، پر دودو ڪهاڙي کوائيندو گاريون ڏيندو مرين سان اٽڪي پيو هو، “هڪڙي هڪڙي جي ته.... اڙي سيد اڪيلو ڏٺو اٿو ڇا؟” انهي بعد سمن شاهه هن جو يار ٿي پيو هو، جنهن به ميلي جو پروگرام ٿيندو هو ته سمن شاهه ڀورل اچي ڪڙڪندو هو ۽ پوءِ اتان ئي ميلي جو پروگرام ٺهندو هو، اڄ به سمن شاهه ڏنل پروگرام تحت پهتو هو ته دودو اڳئي تيار ويٺو هو.
“سائين قبلا هتان اچو” دودي سمن شاهه کي ڪرسي ڏانهن اشارو ڪندي چيو، دودو به ڀر ۾ پيل ڪرسي ته ٺهي ويٺو، وري خير عافيت شروع ٿي وئي.
دودي هٿ ٻڌندي شروعات ڪئي “قبلا سائين خوش، مزي ۾، بهاريون ٻيو مڙئي خير”
سمن شاهه به سامهون هٿ ٻڌندي چيو “دعائون، رحم، مولا علي جا ڪرم سنگت جون مهربانيون”
سمن شاهه واري سان ڊاڪٽر سيفل ۽ ٻين ويٺلن سان به خير عافيت ڪئي، ته ڊاڪٽر ٻاهر نڪري چانهه واري کي چانهه جو آرڊر ڏنو.
“گلو چار چانهيون دود پتي” ڊاڪٽر واتان چوڻ سان گڏ هٿ جون چار آڱريون به مٿي ڪيون، واپس آيو ته ڪچهري جو جهڪور لڳو پيو هو، ڊاڪٽر به ڪچهري ۾ مگن ٿي ويو.
“سائين توهان جو نياپو ڪالهه جمعي ڏنو” دودي چيو “پوءِ مون اڃ ڇورن کي ڪم ڪار سان ڀڙائيندي اچي هن پڙ ٺڪاءُ ڪيو” ڊاڪٽر به حقيقت ڪئي “بابا سائين اڄوڪو ميلو به ڪو ميلو هوندو، ٻڌو اٿئون دادلي ڀٽڻ واري جي ٽولي آيل آهي” سمن شاهه خاطري ڏياريندي چيو “رات مونسان فون تي وڏيري علي مراد ڳالهايو، چيائين استاد خيرو واري ٽولي ته ڪانه آئي آهي، باقي دادلي ڀٽڻ جو ٽولو پهتو آهي”
“پر سائين دادلي سان به چوزا واهه جا گڏ آهن” ڊاڪٽر ڳالهه کي وڌائيندي چيو
“ها ڊاڪٽر اصل هن مائيءِ ڀيڙا قهر جا پکي آهن” سمن شاهه سگريٽ وارو هٿ مٿي کڻندي چيو، ويٺلن سڀني شاهه جي ڳالهه سان ها ملائيندي کلڻ شروع ڪيو
“سلام ماليڪم قبلا سائين” ٻاهران آيل مولوءِ هٿ ٻڌندي چيو.
“واليڪم سلام، اي منڊڙا فقير تون ڪٿي آهين؟” سمن شاهه راڊو ٻڌل، ٽي چار منڊين وارو هٿ مٿي ڪندي چيو.
مولو هيٺ جهڪندي سمن شاهه جي پيرين پئي وراڻيو “بس مرشد سائين اوهان جي ڇانوءِ ۾ پيا آهيون، مشڪل ڪشا مولا علي جون دعائون آهن”
مولو منڊڙو ساڄي پير کان منڊو پنهنجي وقت جو ڀلوڙ ڀورل هو، سدائين رئيس مهراب سان گڏ ميلا ۽ شهر گهمندو هو، جڏهن جواني اچي ڦٽي ۽ رئيس جي ڪجهه دل هٽي، ته هي گهڻو ڪجهه وڃائڻ سان گڏ هڪ پير به وڃائي ويٺو، ٻيو ڪجهه نه ڏسي هن هوٽل تي ڪم ڪرڻ شروع ڪيو، نيٺ ڪڙهائي ۾ ايڏو ماهر ٿيو جو رئيس مهراب جهڙا به اچي ڪڙهائي جو آرڊر ڏيندا هئا، وقت سان گڏ مولو
مولو به ڀورل ۽ ڪڪڙ پالڻ شروع ڪيا، پنهنجي تر جي وڏن ڪوڪڙين ۽ شوقينن ۾ شمار ٿيڻ لڳو، جتي به ميلو هوندو هو، اتي ڪاهي پهچندو هو، ڪڪڙ جو ميل ڪٿي به هجي مولو نه پهچي، اها ڳالهه ڪتاب ۾ ناهي، هوٽل کي بند ڪري ڀورل ساڻ کڻي وڃي ميل تي پهچندو هو، بازي به ضرور رکندو هو “او هي منهنجي هن بگي تي ۽ هي منهنجي سهڻل سائين جا” ڀورل پاران بازي رکندي چوندو هو مولو.
گهر جي ته اصل ياد ڪونه هوندي هئس، ڪو چوٿين، پنجين مهيني ويندو هو ته ٺيڪ نه ته خير سو به هڪڙي رات ٻئي ڏينهن واپس رئيس مهراب واري اسٽينڊ تي، ٻار ته اصل کيس سڃاڻيندا به ڪونه هئا، زال پئي چوندي هئي تڏهن به ڪن ڪونه ڪندو هو، پنجاهه، پنجويهه زال جي منهن تي هڻي وڃي هوٽل ڀيڙو ٿيندو هو.
هڪ ڏينهن الائي ڪيئن هوٽل ۾ رش هئڻ ڪري رئيس جي ڪڙهائي ۾ دير ٿي وئي، رئيس وٽ به انهيءِ ڏينهن نظيران ۽ چمپا نالي ڪبوتريون آيل هيون، تن کڻي اهڙيون ٽوڪون هنيون جو رئيس باهه ٿي ويو “اي رئيس ڪڙهائي جو آرڊر ڏنو اٿئي يا مڙئي پيو پوزي ڏئين؟”
ٻي وارو وٺائيندي چيو “رئيس جي هاڻ هلي ٺپ ڪانه ٿي، مڙئي پيو ڊاج ڏئي”
رئيس مهراب هجي ها ته اڃا پراڻي يار جو خيال ڪري ها، ننڍي رئيس نه ڪئي هم نه تم سڌو آيا مولي جي هوٽل تي- گلي مان جهلي ٻه ٽي چمانٽون وهائي ڪڍئين، ڌڪا ڏيندي چيائين “حرامخور، سڀاڻي اتي منهنجي اسٽينڊ تي نه ڏسانءِ”
هونئن به رئيس ڏانهن ڪڙهائي جا پئسا جام هئا انهي مان جا ڇڏائڻ جو رئيس وٽ ٻيو ڪو به طريقو نه هو.
مولو ويچاري ماٺ ميٺ ۾ اتان ٽپڙ کڻي اچي رئيس اميد علي جو اسٽينڊ وسايو، ڊاڪٽر سيفل جي اسپتال جي سامهون هوٽل کوليائين، اڄ جو سيد سمن شاهه جي ڪار بيٺل ڏٺائين ته ڊڪندي اچي حاضر ٿيو، سمن شاهه سان به ياري هئس، هڪ ٻه ڀيرا سمن شاهه کيس ڪڪڙ ڏنا هئا، ڪيتريون ئي ڪڙهايون کاڌيون هئائين ۽ ميلا گهمايا هئا.
“ڏي خبر فقرا، توسان رئيس هي چڱو ڪونه ڪيو؟” سمن شاهه گولڊ ليف جي سگريٽ جو ڪش هڻندي چيو
“بس سائين آئون ايترو ٿو چوان، ليمڪ جي مار پوندي، آئون منڊڙو مولائي، رئيس مهراب جي وقت کان ويٺو هئس”
“ها، هائو يار” دودي ڪنڌ ڌوڻيندي چيو.
“بس مولو ماڻهو ويا مري، هاڻي ڇورا ويٺا آهن، انهن تي ڪهڙي ميار” سمن شاهه ٻيو ڪش هڻندي چيو.
“بس سائين اسين مولائي ماڻهو، پنهنجي ڪرت ۾ پورا، ڪنهن جي نه آئي ۾ نه وئي ۾ ” مولو حال اوريندي چيو
“آئون ته هتي به خوش آهيان رب روزي ڏيندو” مولو اشهد آڱر مٿي ڪندي چيو
“تون مولا علي ڪندو ته هتي به خوش هوندين” سمن شاهه چيو “اسين سنگت ۾ هتي به توتان ڦيرو ڪري وينداسين” دودي ۽ ڊاڪٽر ڏانهن هٿ ڪندي چيائين “ٻيلي مولائي جي پارت اٿو”
“اسان جو ڀاءُ آهي، ويٺو موجون ڪري” دودي چيو
“ڏي خبر ڌنڌو ڪيئن آهي؟” سمن شاهه سگريٽ سنگت ۾ ورهائيندي چيو “ بس سائين مولا جا ڪرم آهن، اوهان جون دعائون، مڙئي رپيا سئو ڏيڍ ٿيو وڃن ٿا” مولو حقيقت ٻڌايندي چيو
“هان! ڏاڍو سٺو” سمن شاهه ڪنڌ لوڏيندي چيو.
“هتي ڌنڌو جام هلندو” دودي چيو “استاد جي هٿ ۾ شيري اهڙي آهي، جو هٽ پري”
“ڀلا گوشت آهي؟” سمن شاهه پڇيو
“ها سائين اڃان ٻه رانون آهن” مولو جواب ڏنس
“پوءِ ائين ڪر، اهي ٻئي تيار ڪر ته کڻائي وڃون، پنهنجي هن ٻنيءِ تي” سمن شاهه چيو.
“ڀلا سائين هتي به....!!” مولو ڳالهه مان اڌ ۾ هٿ ڪڍندي چيو.
“ها هائو” سمن شاهه مرڪندي چيو “توکي ته خبر آهي، اسان وٽ هڪ ٻه ڄورون ته هجن ئي هجن”
“ڀلا سائين تنهنجا شونق” مولو پيلا ڏند ٽيڙيندي چيو
“ها ها اهي قصا به پيا هلندا” دودي سر وٺائيندي چيو.
سڀني ۾ ٽهڪڙو مچي ويو، ڊاڪٽر سيفل سسي لوڏيندي ٽوڪ هنئي “حياتي جو خير هجئي، بس وڃ وهنج”
“بس ڇا ڪريون مولائي ماڻهو، پاڻهي اچي چوزڙا ڏئي وڃينس” سمن شاهه چيو
“آئي روزي، ٽري بلا” مولو وراڻيو
سمن شاهه کي به ٻين سيدن جيئن سرتيون رکڻ جو شوق هو، گهر ۾ بيبي پئي منهن لاءِ سڪندي هئي ۽ سمن شاهه جي گهر کان ٻاهر هر زمين تي هڪ سريت ويهاريل هئي، ڳوٺ ۾ ساران ماڇڻ سان ياري هئس ۽ سورهن واٽ واري ٻني تي تيجان ڀيلڻ هئس ۽ بند واري ٻني تي ڀاڳي شڪارڻ هئس انهيءِ کان علاوه رئيس بهاول جي ڳوٺ ويٺل ڪبوترين سان سندس دل ڳنڍيل هئي، انهيءِ سان گڏ ڪڪڙن جو لٺ شوقين، ڪڪڙن جا ڪيترائي قسم پاليل هئس، جنهن ڪري ڪيترائي خفتي وٽس پيا ايندا هئا.
“سائين سمن شاهه هڪ عرض ڪيان؟” مولو هٿ ٻڌندي چيو.
“ها ها حڪم ڪر، يار مولو توسان ڪهڙا حساب” سمن شاهه به سامهون هٿ ٻڌندي چيو.
“مرشد ڪڪڙ ڪو ڀلي نسل جو ڏي، ته ويڙهايانس، اصل هاڻي ته بگي جي ٻانگ ٻڌي ورهيه لنگهي ويا آهن” مولو لٿل منهن سان نماڻيون اکيون ڪندي چيو
“يار مولو ڪڪڙ ته توکي اڳي به ڏنو هوم نه؟” سمن شاه چيو
“قبلا هن جاوي جون ڳالهيون نه ڪر، اصل هانوءَ ٿو سڙي، بس دوکي ۾ ڦلو ماڇي کڻي ويو” مولو جو ڄڻ جوڌو پٽ ڦرجي ويو هجي
“جاوو اڃا سنڀيو نه هو، پر واهه جون ڦڙڪيون هئس” دودي واري وٺندي چيو
“يار وزم ته ٺاهه، ڪو موڊ ٺهي” سمن شاهه پاسي جي کيسي مان چرس جو ٽڪر ڪڍي دودي کي ڏيندي چيو
“هل دودل هن جون ڪهڙيون ٿو ڳالهيون ڪرين، اصل هڻ کڻ هو هڻ کڻ، اڃان کڙاهه مس ڪڍي هئائين، تڏهن به گهڻن کي گهمائي ٿي ڇڏيائين” مولو جاوي جي وڪالت ڪرڻ لڳو.
“ها سائين، مولو به هتان جڏهن لنگهندو هو ته اصل ڳاڙهو بغل ۾ هوندو هئس” ڊاڪٽر سيفل چيو
“ڪيڏانهن ويندو هو؟” سمن شاهه پڇيو
“بس سائين هيڏانهن فقري جا الهندي ڦيرا هوندا هئا” ڊاڪٽر سيفل چيو
“بس قبلا هيڏانهن هڪڙي مشڪي جا ڪُٺل هئاسين” مولو مرڪندي صفائي پيش ڪئي ته سڀ کلي پيا.
دودي سگريٽ چرس جو ڀري دکائي، سمن شاهه کي ڏنو
“پر سمن شاهه هاڻي تو سيد سان هي پڪو وعدو آهي ته، جيڪر ڪڪڙ ٻئي کي ڏيان، ته اصل پنهنجي ماءُ کي ٻيو مڙس ڏيان، هي ڏس” مولو ڏاڙهي تي هٿ ڦيريندي چيو
“ڪڪڙ توکي بلڪل ڏبو فقرا، ڪڪڙ به اهڙو ڏبو جو اصل هٿ ڪڍ، پوءِ مڃجئين واقعي ڪوڪڙي آهيون، نه ته نه” سمن شاهه سگريٽ سيفل ڏانهن ڪندي چيو
“بس مرشد اهي قرب” مولو ٻانهون ٺونٺن تائين ٻڌي اٿي بيٺو
“تون پاڻ وارو ڪم ڪر، آئون اچان ٿو” سمن شاهه مولو کي رانن واري ڳالهه ياد ڏياريندي چيو.
مولو پوئين پيرين ٿئي تنهن کان اڳ ڊاڪٽر هڪل ڪئي “فقرا ڪش هنيو وڃ” سمن شاهه ۽ دودي به ساڳي ڳالهه ڪئي، مولو سگريٽ مان ٺاهوڪو ڪش هڻي، سگريٽ دودي جي حوالي ڪري روانو ٿي ويو
“ڪڪڙ واقعي بگو هو، نه؟” ڊاڪٽر ڪڪڙي جي ذات پڇي.
“نه جاوو هو” سمن شاهه ماچيس تي ڪا ڌن وڄائيندي چيو.
“سائين ڪڪڙن جا قسم آهن، ڪيترا؟” ڊاڪٽر پڇيو “کوڙ” سمن شاهه چيو، وري سڌو ٿي ڪڪڙن جا قسم ٻڌائڻ لڳو.
هڪڙا موز پر، جيڪي رنگ جا جاوا سامهي ڪڪڙي کي منٽ ۾ ختم ڪري وجهن، ٻيا اسيل نانگ، ڪارا نانگ جهڙا ڌڪ ساڻ سامهون ڪڪڙ جهڙو هوئي ڪونه، ٽيان سگريٽ ڪڪڙ، وچولي قد جا، سگريٽ دکائڻ جيتري دير ۾ سامهي ڪڪڙ جو ڪم لاهيو ڇڏين، ڪي ٿري، ڪي اترادي، ته ڪي وري اترادي پشوري، لاڙ جا نيٽي، ڪي وري موتي، سرهندي، چنڊ ڦوڪ کوڙ قسم آهن” سمن شاهه سگريٽ وارو هٿ مٿي ڪندي ڳالهه جو پيرو کٽايو.
“باقي سائين ڪڪڙن ۽ ڀورلن جو فقرو آهي ڏاڍو شوقين” دودي چيو “پاڻ وٽ ڪڪڙ کوڙ آهن، هڪڙو داڻو ڏئي ڇڏينداسين، مولائي خوش ٿي ويندو” سمن شاه چيو
“باقي ياري ۾ وهڻ جهڙو آهي” ڊاڪٽر سيفل چيو
“ نه نه ياري جو مڙس ڀلوڙ آهي، دودي ۽ سمن شاهه ٻنهي ڊاڪٽر جي ڳالهه کي وزن ڏنو
“بس پوءِ پروگرام هي آهي ته آئون رات اچان ٿو تو وٽ، تون ۽ ڊاڪٽر تيار رهجو، پوءِ سانجهي هليا هلنداسين سڌو ميلي”
سمن شاهه پروگرام دودي ۽ ڊاڪٽر کي ٻڌايو.
“ها بس ٺيڪ آهي، پر هينئر هلون ٿا اوطاق تي” دودي صلاح ڪئي “ نه هينئر وڃان ٿو ٻني تي حاضري ڀرڻ” سمن شاه اٿندي چيو، “باقي ٺرو توهان وٺي ايندو، ڪجهه مون وٽ به آهي”
“ها ها مال اتي ملي ويندو” دودي چيو
هي اتان اٿي ڪار ڪاهي سڌا مولو جي هوٽل تي ويا “سائين بس ٿوري دير آهي، اچو ويهو” مولو هٿ ٻڌندي چيو “نه بس شيءَ ڏي ته ڇڪيون پنڌ کي” سمن شاهه چيو
ٿوري دير ۾ فرائي پارسل ڪري مولو کڻي اچي سمن شاهه کي ڏني ، فرائي ڀر واري سيٽ تي رکندي سمن شاهه چيو “هاڻي ميلو نبري ته پوءِ تون اچ توکي راضي ڪبو، هڪڙو ڀلوڙ پشوري ڏينداسين”
“اهي قرب، قبلا، ٻيو حڪم؟” مولو هٿ ٻڌندي چيو
“بس مهربانيون، اچي هي وٺ پئسا” سمن شاهه کيسي ڏانهن هٿ ڪندي چيو
“نه سائين نه ڇو ٿا گناهه گار ڪيو، آئون اصل ڪونه وٺندس” مولو پئسا وٺڻ کان پڙ ڪڍي بيهي رهيو، “باقي سائين پاڻ واري ڪم جي پارت هجي”
“بس پروگرام ٺهي ويو ميلي کان پوءِ...”
سمن شاهه ڪنڌ لوڏيندي چيو، سمن شاهه دودي ۽ مولوءِ کان موڪلائي ڪار ڪاهي بند واري ٻني ڏانهن روانو ٿي ويو.
ميلو گهمي جڏهن چوٿين، پنجين ڏينهن گهر پهتو ته بيبي سمن شاهه کي چيو “ٻڌ! ايترا ڏينهن گهر کان ٻاهر رهين ٿو، ڪجهه گهر لاءِ سوچيو اٿئي ڪو اسين به گهر ۾ پيا آهيون”
“پوءِ ڇا آهي؟ ڪهڙي شيءِ گهرجيءَ، سڀ ڪجهه ته گهر ۾ آهي” سمن شاهه چيو.
“پر ويهه ته صحيح آئون به توکي ڪجهه دير ڏسان” بيبي چيو
“تون ڪرين ٿي چرين واريون ڳالهيون، آئون ڪهڙو واندو آهيان، تنهنجو خيال آهي ايئن ڪيان جو گهر ئي نه اچي!!” سمن شاهه ڪاوڙ ۾ اٿي بيٺو.
“آئون تنهنجي اچڻ ۾ خوش نه هوندس ته پوءِ ڪنهن جي اچڻ ۾ خوش هوندس” بيبي روئڻهارڪي انداز ۾ چيو.
“سمن شاهه تون ڪٿي هوندو آهي، مونکي سڀ خبر آهي، پر آئون توکان ڪونه ٿي پڇان، پر ڪجهه ٻچن جو خيال ڪر” بيبي چيو
“تون ڪير ٿيندي آهين، پڇڻ واري ۽ نه ئي پڇجان ٻئي” سمن شاهه پنهنجو فيصلو ٻڌائي اوطاق ڏانهن روانو ٿي ويو، اوطاق تي پهتو ته اڳئي مولو ويٺو هو.
“قبلا سائين سلام ماليڪم” مولو هٿ ٻڌي اٿي بيٺو.
“واليڪم سلام مولو پهچي وئين؟” سمن شاهه کٽ تي ويهندي چيو، ڇوڪرا بابا مولو کي چانهه پيار، ماني به کڻي آءُ” سمن شاهه نوڪر کي حڪم ڏنو.
“سائين چانهه پياري اٿم، ماني کڻي ٿو اچان” نوڪر وراڻيو
“ها سائين چانهه پيتم” مولو تصديق ڪئي
“مولو هي ڏس مون ٽنڊي آدم مان بڻيادي نسل جو ڪڪڙي آندي آهي ۽ هي ٻانگو به مٽياري ۾ سيد حسن علي کان ورتم” سمن شاهه اوطاق ۾ ڦرندڙ جوڙي ڏانهن اشارو ڪندي چيو “انهي منجهان انشاءِ الله پاڻ وٽ اهڙو نسل ٿيندو جو ڳالهه کڻي ڇڏ”
“واه سائين واه، نر ته واه جو آهي، اصل موتي آهي” مولو چيو
“هائو مادي به بڻيادڻ اٿس، ٽنڊي ۾ پنهنجو سنگتي آهي علو مڪراني تنهن تحفي ۾ ڏني آهي” سمن شاهه چيو.
“اڙي ڇوڪرا” سمن شاهه نوڪر کي سڏ ڪيو.
“جي سائين” نوڪر سامهون اچي بيٺو
“حويلي ۾ وڃ ڳاڙهو ڪڪڙ آهي نه اهو کڻي اچ” سمن شاهه نوڪر کي چيو “ها سائين” نوڪر روانو ٿي ويو.
ٿوري دير ۾ نوڪر ڪڪڙ جي پير ۾ ڏور وڌل کڻي حاضر ڪيائين “واهه سائين واهه، اصل ٿورا ڪري ڇڏئي” مولو ڪڪڙ کي هنج ۾ کڻي پکن تي هٿ ڦيريندي چيو.
پکن تي هٿ ڦيرڻ سان ڪڪڙ ڪرڙاٽ ڪيو ته مولو چپٽي وڄائيندي چيو “بس پٽ بس”
“مولو اصل وڃي خدمت ڪرينس، مولا علي جو قسم اهڙو اترادي پشوري ڪنهن به نه ڏنو هوندو، ميل نه ماري ته کڻي چئجان”
ماني کاڌي نه کاڌي جهڙي شام جو مولو ڪڪڙ کڻي اچي هوٽل ۾ ٺڪاءُ ڪيو، شام ساڻ ئي بادام، ٻاجهر، ڳاڙها چانور، لونگ، تر ۽ گيهه سڀ وٺي اچي پشوري کي کارائڻ لڳو، رات جو پنهنجي کٽ جي ڀر ۾ کاري هيٺ ڍڪي ڇڏيائينس، صبح سوير جڏهن ڪڪڙ پهرين ٻانگ ڏني ته مولو کي ڄڻ ڪنهن لٺ هڻي اٿاريو، ٽپ ڏئي اٿيو، هوٽل جي مزدور کي اٿاريائين، پاڻ باهه ٻاري ڪڪڙ جو داڻو صاف ڪرڻ لڳو ته ڪڪڙ وري هڪ ٻئي مٿان وري ٻانگون ڏيڻ لڳو
“ڪُ، ڪُ، ڪون....... ڪڙو ڪڪڙون ڪون.....”
مولو رڙ ڪندي چيو “واه ڳاڙها تنهنجي ٻانگ.... واه جاوا تنهنجيون اهي اٿڻيون....”
هاڻي سڄو ڏينهن مولو ڪڪڙ جي خدمت چاڪري ۾ لڳو رهندو هو، پنهنجي ڀر ۾ ڪلو هڻي ڊگهي ڏوري سان ٻڌي ڇڏيو هئائين، هوٽل جي ڇوڪري کي چئي ڇڏيائين ته “خيال ڪجان، متان ڪڪڙ ٽوڙائي يا ڏوري ڇنائي لڳ نه ڪري” ايندن ويندن کي ڪڪڙ ڏيکاري پيو چوندو هو “اهي اٿئي بڻيادو پشوري، هڪ ڏينهن ضرور نالو روشن ڪندو” بس سيارو اچي ته ٿا لاهيون ته ڪي ڳاڙهي جون ڦڙڪيون ڏسون ته هانءُ ٺري”
مولو اتفاق سان ڪيڏانهن ويندو هو ته ڇوڪر کي ڪڪڙ جي ور ور پارت ڪري پوءِ ويندو هو، پوءِ به واپسي تائين رڳو ڪڪڙ جو خيال هوندو هئس، واپس ايندي ئي ايئن نه ڏسندو هو ته پشوري کوٽارون ڪري پير ۽ پر ميرا ڪري ويٺو آهي، بلڪه پٽ جيئن ڪڇ ۾ کڻي وٺندو هوس، جيڪڏهن مهيني ماس گهر ويندو هو ته پشوري کي گڏ کڻي ويندو هو، گهر ۾ زال پٽن، ڌيئن ڪنهن جي به نه ٻڌندو هو، پيو ڪڪڙ کي بادام کارائيندو هو، چپٽي وڄائي ويڙهه لاءِ تيار ڪندو هو، زال چوندي هئس “تون ان مئي مرگهيل کي پستا بادام پيو کارائين، ميان ڪجهه ته قياس ڪر، سنها سنها ٻچڙا اٿئي؟” اهو ٻڌي مولو ڏند ڪڍي تارا ڦوٽاري زال کي چوندو هو “وڃو دڪان تان اوڌر کڻي اچو، ميل کٽي اوڌر چڪائي ڇڏينداسين” سڻائي ٿئي ڇوڪري چاڪ ناهي” چوندو هو “ناناڻا ڇا لاءِ آهن، هينئر اتان وٺي اچو، پوءِ ڏئي ڇڏينداسين”
نيٺ سيارو آيو ته مولو به ملاکڙي جي تياري ڪئي، هوڏانهن سنگت ساٿ کي دعوتون پهچي ويون، ملاکڙي جي تاريخ ۽ ميدان طئي ٿي ويو، خفتي خفتي جي ذات اچي گڏ ٿي، ملاکڙي جو ميدان ڄڻ ميلو هجي، ڪيئي چانهه، پڪوڙن ۽ مٺاين جا دڪان، سگريٽن، پان سوپارين وارا پهچي ويا، ڪي گاڏين ۾ ڪي ڊاٽسنون ڪري اچي ملاکڙي تي پهتا، مولو به پشوري کي سينگاري، ضروري سامان چاقو، کڙهه (مصنوعي) ڳڙ، گوريون، سئي، ڌاڳا، هڪڙو ڪڪڙ جي آڍ، مک ماليش وارو ساڻ کڻي ڪار ڪري اچي ملاکڙي جي ميدان ۾ پهتو، ماڻهو اڳئي گول دائري ۾ ويٺا هئا، ڪڪڙن جي ٻاگن جي ڌم لڳي پئي هجي، ڪڪڙن جون جوڙيون ٺهيون، مولو جو ڪڪڙ شاهڻين جي ڪڪڙ سان جوڙي ۾ رکيو ويو، انعام رکڻ شورع ٿيا، پهرين مولو پاڻ پنج هزار رپيا انعام رکيو، پوءِ سنگت انعام رکڻ شروع ڪيا، دودي پنج سئو، ڊاڪٽر سيفل ٻه سئو، سيد سمن شاهه ٻه هزار رکيا، نيٺ وڃي، مولو جو ڪڪڙ سورهن هزار چار سئو جي بازي تي بيٺو، جيڪا بازي وچ ۾ امين چونڊي انهي وٽ رکي وئي، فيصلو ٿيو ته پهرين مولو جو ڪڪڙ ميدان ۾ لاٿو وڃي
مولو ڪڪڙ کي ڪڇ ۾ کڻي پئي تيار ڪيو، نيٺ ڪڪڙن مان هٿ ڪڍيا ويا، هٿ نڪتا ته ڇا، چئو طرف هڪلون، هوڪرا ٿي ويا، “وٺ ڀيڻسان وٺ.... وٺ ڪارا جاوي کي.... او اها... متان ويو اٿئي... او اتي- اڌ گز واري هڻ... اڃان پيو ڏسين!؟”
مولو جي ته حالت ڏسڻ وٽان هئي، ڄڻ پيشوري نه پر مولو پاڻ پيو وڙهي، ڪڪڙ کنڀ پکيڙي ڪنڌ سڌو ڪري، ته مولو به ايئن ايڪشن وٺي چئي “هڻ پڻهين کي اڃان پيو ڏسين” وري ڪڪڙ کڙاهه هڻي ته ٻانهه اڳتي ڪري چوي “او اتي مغز ڦاڙي ڇڏينس” وري ڪڪڙ ٻي کڙاهه هڻي ته ٻي ٻانهن اڳتي ڪري چوي ”اصل اُڪي اُڪي ڪري ڇڏينس” وري جو ڪڪڙ کي ڌڪ لڳي ته ٻيڻو ٿي چوي “سنڀال پٽ سنڀال....”
پنج منٽ ٿيا ته پهريون رائونڊ پورو ٿيو، مولو صحيح ڪيو ته ڪڪڙ مار پيو کائي سو پگهر ۾ شل وڃي ڪڪڙ کي کنيائين، مالش واري سان گڏ پاڻ به ڪڪڙ کي تانتڻ لڳو، ڪڪڙ کي جتي به کڙاهون لڳيون هيون اتي وات سان کڙاهه جو زهر چوسي ڪڍڻ لڳو، پاڻي جا ڦوهارا پکن ۾ ڏيڻ لڳو، ڪجهه ڳڙ ۽ ڳوريون به کارائينس، ايتري ۾ آڍ مک واري همراهه اشارو ڪيو ته “ڪڪڙ جي هڪڙي کڙاهه ختم ٿي وئي آهي”
مولو يڪدم کيسي ۾ پيل کڙاهه (مصنوعي) ڪڍي رٻڙ سان ڀڳل کڙاهه مٿان قابو ڪئي وري ڪپڙو وات ۾ وجهي ڦوڪ سان گرم ڪري پکن ۾ سيڪ ڏيڻ لڳو، ايتري ۾ وقفو ختم ٿي ويو، سامهون وارن همراهن به ڪڪڙ تانتي ورتو هو، مولو وري پيشوري کي ميدان ۾ لاٿو، پر پشوري جي پهرين ڦڙڪي ۾ کڙاهه هلي وئي، سامهون ڪڪڙ ٺڪاءُ جو کڙاهه ڪيانيس ته پشوري جي هڪ اک هلي چري، مولو رڙ ڪندي چيو “گهوڙا يا حسين، جاوا مارائي ڇڏئي” اڳتي پشوري ڪجهه ڦڙڪيون ڏنيون، پر اڳئين ڪڪڙ اصل ڦٽائي ڇڏينس، نيٺ پشوري ميدان ڇڏي ماڻهن ڏانهن وٺي ڀڳو، چئو طرف تاڙيون وڄي ويون، هوڪرا ٿي ويا، سامهون همراهن پنهنجي ڪڪڙ کي مٿي کڻي نچڻ شروع ڪيو، مولو به ڪاوڙ ۾ وڃي پشوري کي ڪنڌ کان ورتو، تڪڙو کڻي ميل کان ٻاهر آيو، سمن شاهه، دودو، ڊاڪٽر سيفل ۽ ٻيا بازي رکندڙ سڀ مڙي آيا، مولو چيو “يار ڪڪڙ ٺاهه ۾ ڪونه هو، مون ته آندو ڪونه پئي، دوستن زور ڀريو نيٺ کڻائي آيا، کڻي پٽڪو ٻڌن... هاڻي ته مڙس خوش آهن؟”
سمن چيو “اڙي يار ڪڪڙ جو پيءُ تي ڀلو هو، پر ناناڻا ٽرڙا هئا، ان ڪري ڀاڙيو ٿي پيو”
بيٺلن مان ڪنهن چيو “وجهينس اهڙي بيڪار کي کڻي سير” ٻئي لمحي مولو جا ٻئي پير پشوري جي زخمي کنڀن تي هئا ۽ چاقو کيسي مان ڪڍندي چيائين “بسم الاهه اڪبر بسم.....“ سير ڏئي، مولو ڇري ۽ ڪڪڙ کي ڏور اڇلائي ڪنڌ هيٺ ڪري ڇڏيو، ماڻهن جي ميڙ ٽڙي پکڙجي چڪو هو، “فقرا آءُ ويهه گاڏيءِ ۾ هلون....” سمن شاهه معنيٰ خيز لهجي ۾ مولوءِ کي چيو “نه سرڪار، پاڻ اتئي چڱا آهيون” ايئن چئي مولو ٽوال ڇنڊي ڪلهي تي رکيو ۽ مئل وکن سان اڳتي وڌي ويو ته سمن شاهه جي ڪار مان اٿيل دز ۽ مٽي کيس ڀڀوت بڻائي اڳتي نڪري وئي