پن ڇڻ کان پهرين
رات جي پويون پهر هئڻ ڪري اسٽيشن خاموشي جي ڪوهيڙي ۾ گهيريل هئي، اسٽسيشن تي ٻرندڙ ميرانجهڙا بلب ڪنهن سلهه جي مريض جيئن سهڪي رهيا هئا، گاڏي تان لٿو ته اتر جي سرد هوا هن جي بدن ۾ خنجر جيان لهي ويئي، هن جيڪٽ کي ٻنهي هٿن سان سوگهو ڪندي زپ بند ڪئي ۽ ٻئي هٿ پينٽ جي کيسن ۾ وجهندي، اسٽيشن جو جائزو وٺڻ لڳو.
ٿر ۽ سنڌ جي سنگم تي هي ننڍڙي اسٽيشن، جنهن جي ڏکڻ اوڀر ۾ وچولي طبقي جي آبادي، انهي کان پرڀرو فوجي، ڇانوڻي، شهر ايڏو وڏو ناهي پر آمدرفت جو مرڪز هئڻ ڪري چڱي چوکي ڀيڙ لڳل هوندي هئي. اتر طرف موسميات کاتي جون آفيسون، جتي لڳل ٽاور ۽ انهي ۾ ٻرندڙ ڳاڙهيون بتيون ٻري ۽ اجهامي رهيون هيون، هو انهن بتين کي ڪچڙي وهي کان ڏسندو ٿي آيو، انهيءَ جي ڀر ۾ لڳل گهڙيال جنهن جو هر ڪلاڪ تي ٺڪاءُ اڄ به هن جي ذهن ۾ گونجي رهيو هو.
هر شيءَ پنهنجي جاءِ تي پنهنجي محور تي هئي، پر هر ڪا شيءَ اُٻاڻڪي ۽ خالي خالي لڳي رهي هئي، اها اسٽيشن جنهن تي گاڏين جي اچ وڃ، ماڻهن جي پيهه پيهان هوندي هئي، اڄ ٻيو ڪو ڏيک ڏئي رهي هئي، اسٽيشن جا مردانه، زنانه انتظار گاهه، موڪرو پليٽ فارم، انسپيڪشن بنگلي جا پارڪ، مسافرن ۽ ڀرپاسي وارن رهواسين سان ڀريل هوندا هئا، مسافر پنهنجي پنهنجي منزل ڏانهن اسهڻ لاءِ ۽ ڀرپاسي وارا ماڻهو چهچٽو ڏسڻ ايندا هئا، رات جو ريلوي ملازمن جا گاڏا ڇڪڻ جا آواز پري پري تائين پيا ٻُڌبا هئا، جڏهن ليور بدلائڻ لاءِ هو لالٽينون کڻي اسٽيشن تي هلندا هئا ته جهڙو کڙکٻتا، سامان وڪرو ڪندڙ گهورڙين جا هوڪرا، چانهه وارن جا آواز، ڪوپن جا کڙڪا، پاڻي واري ٽئنڪي تي ماڻهن جي پاڻي لاءِ رش، بشني مڪرانين جا مسافرن پويان ڦيرا ۽ ديداربازيءَ وارن جي اچ وڃ ڌار هوندي هئي، اهي سڀ اسٽيشن جي سونهن هئا، جيڪي هن جي اکين ۾ نقش ٿي سمايل هئا.
اهي رونقون هن ماءُ جي مري وڃڻ کان پوءِ ماسي وٽ رهندي ڏٺيون هيون، ماءُ ننڍي هوندي ئي گذاري ويئي هئس، ان ڪري سندس ماسي ۽ ماسڙ جيڪو ريلوي ۾ چوڪيدار هو، کيس انسپيڪشن بنگلي جي ڀر ۾ مليل ڪوارٽر ۾ وٺي آيا هئا، هي تڏهن کان ايندڙ ويندڙ ريل گاڏين جون سيٽيون، گاڏن جي ڇڪ ڇڪ جا آواز، ماڻهن جي اچ وڃ، انسپيڪشن بنگلي ۾ريلوائي بابوئن جو پنهنجي بيگمن سان گڏ اچڻ، وڃڻ ۽ ترسڻ ڏسندو ٿي آيو، اهو منظر هن کي سٺو لڳندو هو، تنهن ڪري هن به ائين بابو ٿيڻ جو سپنو جاڳ ۾ رهندي ڏٺو هو.
ريلوائي بابو جڏهن سرڪاري ڪمين ڪارين سان ايندا هئا، ته هن اسٽيشن جون رونقون، سرءُ کان پوءِ بهار جي مند واري احساس طور جاڳي پونديون هيون، وڏا وڏا روشندان اونداهي جي سيني ۾ انوکي جوت اوتن لڳندا هئا، بنگلن ۾ پيل فرنيچر جيڪو دز سان لٽجي ويندو هو، اُهو نئين سري سان ڇنڊجي ڦوڪجي صاف ٿي ڪنهن انسان جي وجود سان ملي پنهنجي اندر جي ٿڪ کي ٽوڙي وجهندو هو، بابوئن جا اڇا ويس، ڪمانڊر ٽائيپ ٽوپيون، منڊمن جا رنگ به رنگي لباس ۽ گورا رنگ ڏسي هي به چاهندو هو ته وقت جو ڪانٽو جلدي ڦري ۽ هي هڪ رات ۾ بابو ٿي منڊم وٺي هنن جي هتي اچڻ کان اڳي پهچي وڃي.
ڏينهن رات آباد رهندڙ اسٽيشن تي ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو نظر ٿي آيو، خالي وسيع پليٽ فام، اداس بئنچون ۽ ويران انتظار گاهه، نه گهورڙين جا هوڪرا، نه چانهه وارن جا سڏ ۽ نه برتنن جا کڙڪا، صرف هڪڙو چانهه وارو اسٽيشن جي ڪنڊ تي نظر ٿي آيو جيڪو پنڪيون کائي رهيو هو، ديدار لاءِ دل پشوري ڪندڙ ڇوڪرن مان ڪا پهر نه هئي، نه ئي ڪو بشني مڪراني نظر ٿي آيو، انسپيڪشن بنگلي جو اجڙيل پارڪ هن پري کان ئي ٿي ڏٺو، هر شي هن کي اوپري خالي خالي ۽ کاڌل ٿي لڳي، اسٽيشن جي بلڊنگ کي ڪلر کائي ويو هو ۽ بئنچن کي اڏوهي، نوٽيس بورڊ تي مسافرن لاءِ هدايتن وارن سمورين عبارتن جا اکر ڊهي چڪا هئا، هي پنهنجو پاڻ کي اوپرو محسوس ڪرڻ لڳو، هڪ نظر اتر طرف موسميات کاتي جي بلنڊگ تي وڌائين ته کيس ايئن لڳو ڄڻ ڪنهن ڏورانهين سينيٽوريم جو منظر هجي.
ٽاور جي بتي انهي ساڳي نموني ٻري اجهامي رهي هئي، پر انهي ۾ روشني گهٽ هئي، يا اونداهيون گهريون ٿي ويون هيون، ٽاور جي گهڙيال ڪنهن ڪاڪڙي ڪريل فرد جيان بي سرا ٻه ٺڪاءُ ڪيا، هن کي محسوس ٿيو ته ڄڻ گهڙيال جا ڪانٽا ٿڪجي پيا هجن، گاڏي وسل هڻي اڳتي سرڻ شروع ڪيو هي پويان نهاريندو رهيو، ريل جو وجود هڪ ٽٻڪي ۾ تبديل ٿيندو پئي ويو هن آخري نظر انهي ٽٻڪي تي وڌي ۽ ٿيلهو بغل ۾ لٽڪائي اسٽيشن کان ٻاهر نڪري آيو.اسٽيشن تي هن کي اهڙو ڪو به ماڻهو نظر نه آيو، جيڪو کيس ڀليڪار چوي يا هي ڪنهن کي ٻانهن ۾ ڀري اداسائي جي احساس کي جهڪو ڪري سگهي،
هيڪڙ ٻيڪڙ ماڻهو ٿي ڏٺا، سي به ڄڻ اوپرا، ڄڻ گهڻو ڪجهه ٿيڻ جو سوال هر ڪنهن جي پيشاني تي نقش هو، هن سوچيو “ماسي مهرو ۽ پارسا به ڇا ائين مرجهايل ۽ اوپريون هونديون؟ ڇا ماسڙ صالح به ائين ئي انداران ڀور ڀور ٿي پيو هوندو!!” سوچ هن کي ماضيءَ جي جهروڪن ۾ ڌڪي وئي.
ماڻس جي وفات کان پوءِ ماسي ۽ ماسڙ کيس پاڻ وٽ وٺي آيا هئا. هو ماسيءِ مهرو مان ماءُ جهڙي خوشبو محسوس ڪندو هو، حالانڪه هن ماءُ کي ڏٺو ڪونه هو، سندس ماسات پارسا هن کان ڪجهه سال وڏي هئي، جنهن کيس هنج ۾ کڻي کيڏايو هو ۽ اهڙي ريت هو هڪ جيڏن بدران پاڻ کان وڏي عمر جي ٻارن ۾ نپنو هو، ماسي کيس ڏاڍو ڀائيندي هئي، آخر ته هيءُ به سندس ڀيڻ جي آخري نشاني هو، راندو روند کان ٿڪي ٽٽي يا پنڌ ڪندي ڪو ڌڪو کائيندو هو ته ماسي ڀاڪرن ۾ ڀيڪوڙي پيار ڪندي هئس، هوءِ جڏهن خشڪ چپن جون چميون هن جي نرم ڳلن تي گلابن وانگي ڦٽي پونديون هيون ۽ هي پاڻ کي بهارن ۾ محسوس ڪندو هو، ۽ خوشين جا نرم گوئنچ هن جي من ۾ ڦٽي پوندا هئا، سدورو ٻار هو، ڪنهن جو به چوڻ نه موٽائيندو هو، جڏهن به ماسي مهرو ڪنهن ڪم لاءِ چوندي هئس ته ٺري پوندو هو، کيس ماسيءَ جو آواز ڏوران ڪٿان پولارن مان آيل ٻڌڻ ۾ ايندو هو، هو ۽ پوءِ سندس ماءُ جو ميرانجهڙو چهرو سندس نظر جي افق تي اجرو ٿي بيهندو هو.
جڏهن هن کي انگريزي پڙهڻ لاءِ وڏي شهر اماڻيو ويو هو ته سندس ماسيءِ پنهنجي وت آهر هن جي وارن ۾ آڱرين جي ڦڻي ڪندي چيو هو “سانول، شهر بحر آهي، خيال ۽ هوشياري سان هلڻو پوندءِ، جيترو پورهيو ۽ محنت ڪندين لاڀ به تيڏو ئي ملندءِ”
انپيڪشن بنگلو، ڀروارو ماسڙ جو ڪوارٽر ۽ پارسا هنجي سمورين دلچسپين جو مرڪز هئا، ماسڙ صالح سدائين چوڪيداري واري ڊيوٽي ۾ اسٽيشن واري گودام تي هوندو هو، ماسي پنهنجي ڪمن ۾ پوري باقي هن جي ۽ پارسا جي پنهنجي دنيا هئي، هي ٻئي گهر ۾ يا برطانوي دور حڪومت جي ٺهيل بنگلي جي اڳيان ۽ پارڪ ۾ پيا گهمندا هئا، بنگلي جو پنهنجو ماحول هو، وڏين ڪشادين چاڙهين وارو بنگلو جنهنجي اڳيان وڏو دالان هو ۽ بنگلي جي شاهي وڪٽورين ٽائپ وڏا در ۽ دريون ڪڏهن بنگلي جو چوڪيدار ولي جڏهن صفائي ڪندو هو ته هي انهن کي ڇهي وٺندو هو، اندر وڇايل وڏا قالين ، وڏيون فراسيون ۽ انهن تي لڳل پردا، وڏا گارڊر، ٽيئر ۽ ٽائيلس، هن جي اکين ۾ الائي ڪيترا خواب ترسائي ڇڏيندا هئا، ٻاهر بنگلي اڳيان وڏو ٿلهو ۽ انهي جي آڏو پارڪ هو، جنهن ۾ ڊگها يوڪلپٽس ۽ ٽالهي جا وڻ ٻئي پاسي نمن ۽ سرنهن جون قطارون، جنهن ۾ هوا عجيب سوساٽ ڪري لنگهندي هئي، پارڪ جي وچ ۾ هڪ بهترين گول تلاءُ هو، جنهن سدائين بدڪون پيون ترنديون هيون ۽ جتي اڪثر بابو ۽ انهن جون بيگمون شام جو پسار ڪندا هئا، ٿر ۽ سنڌ جي سنگم واري شهر هئڻ ڪري هن شهر جي ماحول ۾ عجيب خنڪي هوندي هئي.
هي اسٽيشن کان ٻاهر نڪتو، گهٽي پار ڪري باغ واري گيٽ کان نڪري، بنگلي واري رستي کان ٿيندو سرونٽ ڪوارٽرن ڏانهن وڌيو، باغ ڏانهن هڪ نظر ڪيائين، باغ سمورو اجڙيل هو، ڪٿي به ڪنهن بدڪ جو آواز نه پئي آيو، پريان بنگلي مان ميرانجهڙن بلبن جي روشني ڪنهن پيرسن جي اکين جيان ٽم ٽم ڪري رهي هئي، هن جي دل کي ڏاڍو جهٽڪو آيو “ائين سڀ ڪجهه ڇو ٿيوآهي؟” هن سوچيو گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي، هي ڪهڙي اداسي واسو ڪري ويئي آهي؟ اهو سوال هن جي آڏو ڪر کنيو بيٺو هو، هن سوچيو هن پارڪ ۾ پارسا سان گڏجي ويهڻ ڪيڏو نه اجايو ۽ اوپرو محسوس ٿيندو “پارسا جيڪا هن جي جيون ۾ پرهه جي سوجهري جيئن لهي آئي هئي، ننڍپڻ کان ئي هي گڏ وڏا ٿيا هئا بلڪه هي وڏو ٿيو هو، هوءَ ته کائنس پنج ورهيه وڏي هئي، هن کي اسڪول جو ڪم ڪرائيندي هئي، باغ گهمائڻ لاءِ وٺي ويندي هئي، ڇاڪاڻ ته پارسا جي ڪا به سهيلي نه هئي، ڪڏهن ته باغ ۾ ويٺي دنيا جهان جون ڳالهيون ڪندي هنن کي رات ٿي ويندي هئي، جڏهن ڪاليج جا ٻه سال پورا ڪري يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لاءِ ٿي ويو ته انهي ڏينهن هي ۽ پارسا باغ ۾ گهمڻ ويا هئا، پارسا خاموش هئي هن محسوس ڪيو ته پارسا منهنجي وڃڻ کان پوءِ اٻاڻڪي ٿي ويندي، اڪيلايون هن جي جيءُ کي وڻ ويڙهي جيان وڪوڙي وينديون “ پارسا آئون پڙهڻ ڪونه ٿو وڃان”
“ ڇو؟”
“تون اداس ۽ اڪيلي جو ٿي ويندين، مون کان سواءِ تو سان ڪير ڳالهيون ڪندو، مون کان اها ڳالهه نٿي پڄي”
پارسا ٻنهي هٿن ۾ منهن لڪائي سڏڪي پئي هئي، هن پهريون ڀيرو پارسا جي وارن ۾ هٿ سان ڪنگي ڪندي چيو هو “آئون ڪونه ٿو وڃان”
“چريو آهين ڇا؟ ائين ڪيئن ٿيندو، تون پڙهڻ ويندي، آئون ته چري آهيان، آئون ٿورو تنهنجي تعليم ۾ رنڊڪ ٿيندس، تون پڙهڻ وڃ، پڙهي بابو ٿي اچجانءِ ۽...!” اکر پارسا جي نڙيءَ ۾ اٽڪي پيا هئا ۽ پهريون ڀيرو هن بيساختيءَ ۾ ساماڻل چپن تي پنهنجا نوخيز چپ رکي ڇڏيا هئا، وڏي عمر جي ڳل تي ننڍي عمر جي چپن جي هيءَ پهرين چمي هئي، جنهن ٻنهي جي وجود ۾ انڊلٺ جا رنگ ڀري ڇڏيا هئا.زندگي پنهنجي محور ۾ هلندي رهي، هي فائينل ڪرڻ شرط ميريٽ اسڪالرشپ تي فارين ڊاڪٽريٽ لاءِ هليو ويو، پارسا انتظار جو ڌاڳو بجاءِ ويڙهجڻ جي وڌيڪ اکلندو ۽ منجهندو ويو، موٽيندي اڃان يونيورسٽي ئي مس
جوائن ڪئي هئائين ته ماسي مهرو جو نياپو مليو هوس.
هتي هر شيءَ بدليل هئي، هن محسوس ڪيو هتي ڪجهه نه پر گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو آهي.
پارڪ وارو رستو اُڪري، هن ڪوارٽر جو ڪنڊو کڙڪايو، ڪوارٽر جي حالت ڪنهن ڊائبيٽڪ مريض جيان اڀري ٿي چُڪي هئي، انداران ڪو کنگهندي در کولڻ لاءِ اچي رهيو هو، آواز سندس ماسڙ صالح جو هو، دروازو کلڻ مهل در جي انجيسن وڏو چيڪاٽ ڪيو، انهي چيڪاٽ ۾ الائي ڪيترن انتظارن جو درد سمايل هو، جيڪو در کلڻ سان ئي هن اڳيان پلٽجي پيو هو.
“ابا ڪير؟” صالح هن ڏانهن نهاريندي پڇيو.
“آئون آهيان سانول” هن ماسڙ جي جهانوريل چهري ۾ نهاريندي چيو
“اي با تون” ٻئي لمحي هڪ نٻل جسم هن جي ڀاڪرن ۾ هو.
“آءُ پٽ، ڀلي آئين، اي مهرو، پارسا، ڏسو ته.....!!”
“امان سانول آيو آهي” پارسا هن کان وڌيڪ ڪجهه چئي نه سگهي،
“اي صدقو وڃان، منهنجو پٽ آيو آهي” مهرو هن کي سيني سان لائي نرڙ چمندي چيو. “امڙ گهور وڃي، ڪيڏو نه ٿڪجي ويو آهي، منهنجو ٻچڙو” ماسي سندس آڌرڀاءُ ڪيو.
“پٽ جڏهن تون ولايت مان هتي پهتين، ٻئي ڏينهن هتي اسلم آيو، انهي تنهنجي واپسي جو ٻڌايو، پوءِ مون نياپو ڪيو، چڱو ٿيو مهل تي آيو آهين”
“ها ماسي، نياپو برابر مليو، پر آئون ته هونئن آيس پئي”
“سانول ڪم ڪار لاهي واندو ٿي آيو آهين نه؟” ماسڙ پڇيس
“ها بابا، مونکي اتي ڪهڙيون ڪوڏريون هڻڻيون ۽ لابارا ڪرڻا آهن، پر موٽڻو سست اٿم، مڙيو ئي ڪو هلڪو سلڪو ڪم اٿم” هن پارسا ڏانهن منهن ڪندي چيو.
“پوئين خط ۾ ته، اچڻ جو ذڪر ئي نه ڪيئي؟” پارسا چيو
“ها مون توهان کي سرپرائيز ڏيڻ پئي چاهي” مرڪندي چيائين
“اهو سرڦو وري ڇا آهي؟” ماسي مهرو پڇيو
“امان سانول ٿو چوي ته توهان کي پنهنجي اچڻ جو اطلاع نه ڏئي اچرج واري خوشي ڏيڻ ٿي چاهي” پارسا وضاحت ڪئي.
“بابا هتي ته پوسٽ جو نظام ئي تباهه ٿي ويو آهي، اڳي ويچاريون ريلون هونديون هيون، جيڪي ٽپال پهچائينديون هيون، وڏي پوسٽ ماسٽر کي دانهن به ڏنم” صالح وري ڳالهايو، پوسٽ ماسٽر چوي “سانول جنهن ولايت ۾ آهي اهي لفافا اسان آڻيون ڪونه، پنجاهه روپئي جو لفافو آهي، هونئن هتي وارن جا ڪهڙا مائٽ ايڏانهن ڪو ولايتن ۾ ويٺا آهن، جو لفافا اماڻين!!”
شهر جي وڏين آبادين ۾ رهندڙ هي ننڍڙين ۽ ڳوٺاڻين آبادين ۾ اچڻ وارن جا اٻاڻڪا احساس کڻي ٻئي ڏينهن هي شهر ۾ ڪجهه دوستن سان ملڻ ويو، هن کي هر شيءِ بدليل محسوس ٿي رهي هئي، ڪي واقفڪار مليا پر انهن ۾ اڳوڻي ڳالهه نه هئي، شهر به اجڙيل ۽ ويران لڳي رهيو هو، هي واپس موٽي گهر آيو.
“ابا جلدي موٽي آئين؟” ماسي پڇيس
“ها ماسي شهر کي الائي ڇا ٿي ويو آهي، دوست به ڪي مليا پر اها ڳالهه اڳوڻي نه آهي هر ڪنهن جو منهن لٿو پيو آهي”
“ها، پٽ مهانگائي هر ڪنهن کي ماري وڌو آهي، هر ڪو پنهنجي پيٽ پالڻ ۾ پورو آهي”
“ماسي، مهنگائي جي معنيٰ اها ٿوري آهي جو ماڻهو وڙان وڃي!!”
“هتي گهڻو ڪجهه بدلجي ويو آهي” پارسا چيو
“ها اهو آئون به محسوس ڪيان پيو، ڪجهه ٿي چڪو آهي، شهر ۾ ترقي ته نه، پر ويراني وڌيڪ ٿي آهي”
“امان ڀاءُ لاءِ هلي ماني ٺاهه” ماسي مهرو چيو.
پارسا رڌڻي ڏانهن هلي وئي، ايتري ۾ ڪنهن ايندڙ ٽرين جي وسل هن جي ڪنن تي پئي، ته هن جي اکين ۾ اسٽيشن جي سڄي ويراني تري آئي، “ماسي ٻيو ته ٺيو پر اسٽيشن به تباهه ٿي وئي آهي، آئون رات لٿس ڪا پهر ئي ڪانه هئي”
“ها پٽ اڳي ماڻهو سفر ڪندا هئا ريل ۾، هاڻي گهر گهر بس بيٺي آهي، انهن بسن ئي هن ويچاري کي تباهه ڪيو آهي، ماڻهو جو موت انهي بسن ۾ پيڇو پيو ڪري، روز ٿا ٻڌون ته اڄ هتي بس ڪلٽي ٿي، اڄ هتي حادثو ٿيو، پوءِ به ماڻهو ته ڏس! هر بس ڀري پئي آهي، ماڻهو الائي ڪيڏانهن ٿا وڃن؟”
“پر ماسي هنن ريل گاڏين جو ڪو وقت آهي ڪونه، رات پورا ٻه ڪلاڪ انتظار ڪيم، تڏهن ٽرين آئي، اڳي ته ائين ڪونه هوندو هو”
“ها پٽ دنيا جو ڦڪو ئي ڦري ويو آهي، هاڻي ته ريلون به ايتريون ڪونه آهن” ماسي مهرو ماضي جي جهروڪن ۾ گم ٿي وئي.
“تنهنجو ماسو جڏهن هتي نئون نئون آيو هو، ته جوڌپور مان “راجه جي ريل” ايندي هئي پوري ٽائيم تي، آئون سمجهي ويندي هئس ته ٻارنهن ٿيا آهن، هاڻي ته گاڏيون به ختم ٿي ويون، پارسا جي پيءُ جي به نوڪري اچي پينشن کي لڳي آهي خيرن سان پراسا کي شينهن ڪلهه چاڙهيون” ماسي ڳالهه پوري ڪئي ته اسٽيشن کان ٽرين رواني ٿيڻ لاءِ وسل هنئي.“ها پٽ توسان ڳالهه ڪرڻي هئي، پارسا جو منڱڻو، پارسا جي پيءُ جي ڀائٽي محب سان ڪيو آهي” ماسي چيو، ڄڻ هن جي مٿي ۾ ڪنهن هٿوڙو هڻي ڪڍيو هجي، ايندڙ ٽرين ڄڻ هن جي مٿي مٿان گذري وئي هجي، هي اکيون ڦاڙي ماسي مهرو جي جي اکين ۾ نهاريندو
رهجي ويو.
“ سو پٽ ڇوڪري آهي چري، ويٺي ڪري چرين واريون ڳالهيون ته ڇوڪرو ههڙو آهي، مائٽ ههڙا آهن، منهنجا ڪن کائي ڏنا اٿس، ديوارن کي به ڪن آهن، جي ڪهن ٻڌي ورتو ته اسين لوڪ ۾ ڪهڙو منهن کڻي هلنداسين، تون سمجهائينس، تنهنجو چوڻ ڪندي، مون توڏي نياپو جلدي انهي ڪري هلايو هو” هن کي سڄو گهر ڦرندي محسوس ٿيو، مهرو جنهن هن کي پاليو هو، جنهن جو هر لفظ هن لاءِ حڪم جو درجو رکندو هو، اڄ هن کي اهڙي آزمائش ۾ وجهي ڇڏيو هو، جتان هن جو سوڀارو ٿي نڪرڻ محال هو، هن ڪنڌ مٿي کنيو ته پويان در جي اوٽ ۾ پارسا بيٺي هئي جنهن جا ٻئي نيڻ آبشار ٿي پيا هئا.
“ها ماسي محب سريلو جوان آهي، آئون.... آئون سمجهائيندوسانس” هن هٻڪي هٻڪي جملو پورو ڪيو.
“ماني کائي هي پارسا جي ڪمري ۾ هليو آيو، پهرين ته هڪ ٻئي کي چپ چاپ نهاريندا رهيا، ڪجهه ڪونه ڪڇيا “پارسا هي سڀ ڪجهه؟” هي ڀڻڪيو “تون بابو ٿي ته آئين، پر اچڻ ۾ به دير ڪيئي سانول” پارسا چيو “آئون تو کان سواءِ ٻي ڪنهن جي ٿيڻ جو سوچي به نٿي سگهان، تون ئي منهنجو سڀ ڪجهه آهين”
“ها پارسا پر ماسي وارا ته هٿ ڪپائي چڪا آهن”
“پر سانول مون ته پنهنجا هٿ ڪونه ڪپايا آهن”
“پارسا آئون ماسي جو چوڻ ڪيئن موٽايان، ماسي ته مونکي پاليو نپايو آهي، اڄ انهي کي آئون ڪيئن چوان ته پارسا مونکي چاهي ٿي، آئون هن سان شادي ڪرڻ چاهيان ٿو” سانول ڳالهائيندو رهيو “پارسا اسان کي ماسي وارن جي خوشين تي پنهنجيون خوشيون قربان ڪرڻيون پونديون”
“ڇا انهي جو نالو زندگي آهي؟” پارسا هن کان سوال پڇيو
“پارسا زندگي خواهشن جي تڪميل جو نالو آهي پر اسان جون خواهشون اهڙيون آهن جو هر خواهش جي تڪميل تي اسين جيڪر سڪي سڪي مري وينداسين”
“ ته پوءِ انهي جو مطلب ته اسين هميشه جي لاءِ انهن يادن جي اذيتن جو ڪنڊو دل ۾ پيهندي محسوس ڪندا رهون”
“جي نه ته سڀني جي ورهين جو ڀرم کي ٽوڙيون، اهو پارسا مون لاءِ ڏاڍو ڏکيو آهي، هونئن بابا ته ماسي وارن سان خدا ڪارڻ ڪاوڙيو وتي، اها ته ماسي وارن جي نيڪي ۽ ڀلائي آهي، جن مونکي هن منزل تي آندو، اڄ انهن جي فيصلي کي آئون ڪيئن آڏي زبان ڏيان؟ پليز پارسا تون مونکي وساري ڇڏ، ماسي مهرو ۽ بابا صالح وارن جي عزت کي ڏس ٻيون ڳالهيون ڇڏي ڏي”
سانول هن جي اڳيان وسندڙ اکين سان هٿ ٻڌي بيٺو هو.
“سانول تون هي ڇا ٿو چوين، مون کي جيئري مارين ٿو؟”
“جيئري مرڻ جو ئي نانءُ زندگي آهي”
پارسا مونن ۾ منهن وجهي روئيندي رهي، هن کي ڪجهه به ڪونه چيائين، جڏهن هن موڪلائڻ چاهيو ته پارسا ڀڻڪيو “سانول تنهنجي مون وٽ هڪ امانت آهي” پوءِ پارسا جا ڦڙڪندڙ چپ هن جي ڳلن تائين آيا “مونکي تنهنجي ڏنل پهرين چمي واپس ڪرڻي هئي”
سانول جڏهن پڪي عمر جي چپن سان نوجوان ڳلن تي پهرين چميءِ جو احساس واپس وٺي رات واري ريل ۾ روانو ٿيڻ جي لاءِ اسٽيشن تي آيو، ته اسٽيشن جو ماحول بدلجڻ سان گڏ گهڻو ڪجهه بدلجي چڪو هو، هن کي ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ جو جيڪو اُلڪو هو، اهو حقيقت ۾ بدلجي چڪو هو.