سنڌ جا اَديبَ ۽ سانت جو ڊگهو سفر
شيخ ايازچوندو هو ته: ”اديب جو ڪم اتان کان شروع ٿئي ٿو، جِتي سياستدان جو ڪم ختم ٿئي ٿو“. اديب کي سياستن جي سرواڻي ڪرڻ وارو به اياز ئي سڏيو هو. ڇو ته هڪ سچي اديب جي ائپروچ پنهنجي ڌرتيءَ جي مسئلن ڏانهن، ڪڏهن به مصلحتن جي ملبي هيٺان دٻيل نه هوندي آهي. سندس پيرن ۾ ”پارٽي گائيڊ لائين“ جي نالي واري ڪا به زنجير نه هوندي آهي ۽ سندس روين ۾ ڪا به ”پوليٽيڪل پاليوشن“ نه هوندي آهي، پر ڇا اسان وٽ اڄوڪي سنڌُ ۾ اهڙا آئيڊيل اديب آهن به سهي، جن کي پيار سان پئبلو نرودا جي ڀرسان بيهاري سگهجي؟!
ڪنهن به سائي، ڳاڙهي، نيري، پيلي جھنڊي جي ڇانوَ کان پرڀرو ٿي ۽ ڪنهن به سياسي نظرئي جي نوڪري ڏيڻ کان هَٽي، صرف ۽ صرف ڌرتيءَ جي ڌوڙ ڌوڙ راهُن ۾ زندگيءَ جو پاسو وٺي بيهڻ وارن اديبن جي ڳولا، هڪ نئين رستي جو نِشان بڻجي سگهي ٿي. ”ادب براءِ ادب“ ۽ ”ادب براءِ زندگي“ وارا بحث ته پراڻا به ٿي چُڪا ۽ جڏهن قومن لاءِ جياپي جا رستا ئي سوڙها ڪيا وڃن، ته اهڙي قسم جا بحث محض ”مشڪري“ ئي بڻجي سگهن ٿا.
سنڌ جي عوام کي ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت جي اعلان کان پوءِ رستن ڏانهن ڌڪي اچڻ ۽ احتجاج جي هڪ ڊگهي تپندڙ اُسَ ۾ ساڙڻ کانپوءِ، ساڻو ۽ بي حال ڪري ڇڏڻ کانپوءِ، ٿل ڪئنال جي تعمير جي رد عمل ۾ ساڳي عوام جي خاموشي ۽ انٽيليڪچوئل سطح تي ڪنهن به وزنائِتي رد عمل جي سامهون نه اچڻ تي ڪيتريون ئي سوال جون نشانيون اڳيان اچي ٿيون وڃن. سنڌ جي حقن جي لاءِ جيئڻ ۽ مرڻ جون دعوائون، قسم ۽ ساکون، ۽ پوءِ ساڳي تنظيم پاران وڏي واڪ ٿل ڪئنال ۽ ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جو اعلان ڪندڙ صدر جي ريفرنڊم ۾ حمايت ۽ وري ان ساڳي تنظيم جي اسٽيجن تي اسان جي اديبن جو بيهي ”پاڻ ملهائڻ“ آخر ڪهڙي بادشاهه جي ڳالهه جو حصو آهن؟. ڳالهيون ڪاغذي گلن جهڙيون، ڳالهيون هوائي فائرنگ جهڙيون ۽ ڳالهيون دٻي ۾ ٺڪرين جهڙيون. ڳالهين جي ڳاهٽ مان پاڻ ڇڏائي، جيڪڏهن هڪ پل شيخ اياز وٽ هلجي ته اُتي هيءَ ڳالهه ڀريل اکين سان ڳراٽڙي پائي ملي ٿي ته:
روز سياست تي به گهڻو ئي
تن جي گفت وشنيد ٿئي ٿي
پوءِ به اهي نابين، انهن جي
ديد بظاهر ديد ٿئي ٿي!
ماڻهو ڪيڏو ڳالهائين ٿا!
پوءِ به ڪنهن آمر جي اڳتان
سچ چوڻ کان لهرائين ٿا
”ڪو آهي، جو سچ چئي ڏي!“
هڪٻئي ڏي هو واجھائين ٿا
ماڻهو ڪيڏو ڳالهائين ٿا!
سکر بئراج وٽ پهچندي پهچندي سڪي ويندڙ سنڌوءَ جي ڪنڌيءَ تي ۽ ان کان پوءِ ترتيب سان مختلف شهرن ۾ صدر جا ٿل ڪئنال ٺاهڻ جا اعلان ته ٿي به چڪا ۽ ريفرنڊم به خيرن سان پورو ٿي چڪو، پر پاڻيءَ وارو سوال پراڻو ٿيڻو ئي نه آهي. پاڻ وٽ ڪي ”ارونڌتيون“ پيدا ٿيڻ کان ته رهيون ۽ هن صورتحال ۾ ادل سومري جا سنڌي ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان ڪرايل ”خاموش مظاهرا“ ۽ احتجاجي ايڊيٽوريلن سان ڀريل نيوز ليٽر، ٿل ڪئنال جو بگاڙي به ڇا ٿا سگهن؟!
”اهل قلم ڪانفرنسن“ جا قصا ته ماضيءَ جي مِٽيءَ ۾ دٻجي به ويا ۽ ”عالمي ادبي ڪانفرنس“ ۾ ڪنهن ڪانگل جي هٿان سنيهو نه ملڻ تي پنهنجي اخباري ڪالمن جا ڪهاڙا تکا ڪري نڪري پوندڙ چوٽيءَ جي اديبن کان ڪير پڇي ته سندن قلم هينئر ڪهڙي ڪنڊ ۾ رکيا آهن؟! هاڻي ته اسان جي اديبن جو ڪم ڇا اهو وڃي بچيو آهي ته هڪ شامَ جو ڪنهن پروگرام (پوءِ کڻي اها ڪڪڙن جي ميل ئي ڇو نه هجي) جي صدارت ڪري، ٻي ڏينهن صبح جو نيراني اخبار ۾ پنهنجي ڪيل صدارتي تقريرَ جي هيڊنگ جي فٽ پٽيءَ سان ڊيگهه ۽ ويڪر ماپجي؟! هِتي شاعر جي ان شعر کي ياد ڪري سگهجي ٿو ته:
شعر ريڙهيءَ تي هئن ۽ وڏا هوڪا هئا
جن کي شاعر پئي سڏيئون، سي ته گهورڙيا هئا
شعر ريڙهيءَ تي رکي گهورڙين وانگر در در تي هوڪا ڏيڻ وارن کي ڪير چئي ته ڌرتيءَ ۽ ان جي مسئلن لاءِ جاکوڙ واسطي جنهن ڪميٽمينٽ جي ضرورت آهي، ان ڪميٽمينٽ جي رستي ۾ نه صرف پيرن لاءِ پر اکين لاءِ پڻ ڪنڊا وڇايل هوندا آهن. لفظن جي لنڊا بازارن ۾ پراڻن جورابن ۽ انڊرويئرز جهڙيون ڳالهيون ۽ سينوارجي ويل ڊبل روٽيءَ جهڙيون دانشوريون ڌرتيءَ جي مسئلن کان ڪٽجي صرف آلودگي ئي ڦلهائي سگهن ٿيون، اهڙي آلودگي، جيڪا روحن جي گهرائين تائين لهي ويندي آهي ۽ پوءِ هڪ اهڙي ناسور کي جنم ڏيندي آهي، جيڪو صدين تائين سمندو ئي رهندو آهي.
سنڌ جي ننڍي کان ننڍي مسئلي تي سنڌي پريس جو اسٽينڊ وٺي بيهڻ ساهه کي ٽيڪَ ته ڏئي ٿو، پر پريس پوءِ به ان معاملي ۾ اخلاقاً پابند نه آهي ۽ جيڪڏهن پابند آهن ته اهي اديب، جن جو ڪم اياز جي لفظن ۾ اتان کان شروع ٿئي ٿو جِتي سياست جو ڪَمُ ختم ٿئي ٿو، ۽ اهو اديب جنهن جي سر تي سياستن جي سرواڻيءَ جو سهرو سجايل آهي.
”سنڌي ادبي بورڊ جا مسئلا ۽ ريڊيو حيدرآباد تان سنڌي ٽرانسميشن جو وقت گهٽائي ڇڏڻ وارا معاملا ته ننڍڙا زخم آهن، انهيءَ ناسور جي اڳيان جيڪو ٿل ڪئنال جي صورت ۾ تيزيءَ سان صرف سنڌ جي جسم ۾ ئي ڦهلجي رهيو آهي.“ فريئر هال جي سامهون لان تي سبز چانهه پيئندي منهنجي هڪ ئي وقت ڊاڪٽر ۽ ڪهاڻيڪار دوست جا جملا ڇا ان ناسور جي علاجَ لاءِ ڪو رستو ڳولي وٺندا؟.
(16 اپريل 2002ع)