سچل ادبي ڪانفرنس: ڪُجهه نيون روايتون
ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون، مرد ٿئين مردانو
مروج ريتن، رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ لاءِ وري جنهن همت ۽ حوصلي جي ضرورت هجي ٿي، اها همت ۽ حوصلو اسان جي پوئين پيرين ويندڙ سماج جي ٻين شعبن ۾ هجي نه هجي، اسان جي سونهن ڀرئي ثقافت کاتي ۾ ضرور آهي، جيڪو سنڌ جي ثقافت ۽ تهذيب جي سونهن کي مختلف حوالن سان اجاگر ڪرڻ ۾ ”مصروف عمل“ آهي ۽ انهيءَ حوالي سان ”دن دوگني ۽ رات چوگني“ ترقي ڪَري رهيو آهي.
تازو قلندر شهباز جي عرس جي موقعي تي ثقافت کاتي پاران ڇپرايل ”عظيم الشان سوويينئر“ جو ذڪر هِتي موضوع کان هَٽي وڃڻ جو سبب بڻجندو، (جنهن ۾ ڊاڪٽر نواز علي شوق کي ڊاڪٽر نوازش علي شوق لکيو ويو آهي) پر پاڻ هِتي ذڪر ڪنداسون ان سچل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي محفل جو، جنهن کي سجائڻ جو ڪريڊٽ گذريل سال کان وٺي ثقافت کاتي کي وڃي ٿو ۽ جنهن ۾ ”نوان قدر“ متعارف ڪرائي، سچل سائينءَ جي صلاح ”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون“ تي دل جي گهرائيءَ سان عمل ڪري ”مردانو“ هجڻ جو ثبوت ڏنو ويو آهي.
سچل يادگار ڪاميٽي اهو تاريخي ادارو آهي. جيڪو گذريل ٽن ڏهاڪن کان به وڌيڪَ عرصي کان سچل سائينءَ جي عرس مُبارڪ جي حوالي سان مختلف تقريبون منعقد ڪندو رهندو آهي. سنڌ جو وڏو وزير سيد قائم علي شاهه هن ڪاميٽيءَ جي باني ميمبرن مان هڪ آهي. جنهن جي مڃتا طور کيس سچل يادگار ڪاميٽيءَ پاران سچل ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، پر گذريل سال پهريون دفعو درازا شريف ۾ ثقافت کاتي پاران منعقد ڪرايل ادبي ڪانفرنس جي موقعي تي، هن يادگار ڪاميٽيءَ پاران ڇپرايل تحقيقي جرنل ”سرمست“ جي اوڻٽيهين ۽ ”سچل سووينئر“ جي اوڻيهين ڪڙيءَ جو (بار بار گذارش ڪرڻ جي باوجود) مهورت نه ڪرائي، رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ جو سهڻو مثال پيش ڪيو ويو. نه صرف ايترو پر ثقافت کاتي جي وزير سسئي پليجو لاءِ آندل ”يادگار شيلڊ“ پڻ کيس پيش ڪرڻ نه ڏني وئي هئي.
زندگي مسلسل ارتقا جي عمل مان گذرندي رهي ٿي ۽ اهڙي ارتقا هيل هڪ دفعو ٻيهر سچل ادبي ڪانفرنس ۽ مشاعري جي محفل ۾ نظر آئي. سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل اديبن ۽ شاعرن جي رهائش لاءِ شاندار انتظام ٿيل هو، پر الاءِ ڇو ڪينسر جهڙي موذي مرض ۾ وڪوڙيل ثقافت کاتي جي سڏ تي ڪاڇي کان ڪهي آيل ٻڍڙي شاعر احمد خان مدهوش لانڍي نما مسافر خاني ۾ ئي رات جي پڇاڙڪن لمحن ۾ ڪجهه گهڙيون ننڊ ڪرڻ ۾ ئي آساني سمجهي ۽ مروج رواجن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ ۾ پنهنجو حصو پتي ڳنڍيو. (سندس شاعر پٽ کي سڏائي سفري خرچ نه ڏيڻ جو ذڪر هِتي اجايو لڳندو).
ادبي ڪانفرنس جي پنڊال ۾ اسٽيج سيڪريٽريءَ جو آواز، هڪ پاسي کان موت جي کوهن ۾ ڊوڙندڙ گاڏين جي لائيو ڪامنٽري، لاهوتيءَ جي شربت جا هوڪا، ”ڌو ڌڙ والا بچا ديکو“ جا اعلان، دهلن جا واڄٽ، مزار تي ويراڳ ۾ مصروف فقيرن جا ٻول ۽ ڏونگهيءَ واري مٺائي کپائيندڙ دڪاندارن جون رڙيون، هڪ ئي وقت، ثقافتي انڊلٺ جو عڪس پيش ڪَري رهيون هيون. خط لکي مقالو لکڻ جي گذارش ڪري گهرايل مقالا نِگارن کي ڊائس تي قميص ڇڪي ”مختصر پڙهو“ جون غير روايتي هدايتون ڪري ريتن ۽ رسمن کي ٽوڙڻ جو سعيو ڪيو ويو. اهڙي من موهيندڙ ۽ دلپذير ماحول ۾ آغا سليم پنهنجي صدارتي تقرير الائي ڇو اڌ ۾ ڇڏي هليو ويو؟ مان سمجهي نه سگهيس.
پنڊال ۾ موجود ثقافت کاتي پاران لڳايل سفيد ڪپڙي جي ٽڪرن تي سچل سائينءَ جا سنڌي شعر ”اردو رسم الخط“ ۾ لکيل هئا. جيڪا پڻ هڪ جدت نظر آئي ۽ انهن شعرن جي مٿان ”سوا موجود“ جو بنهه نئون، اڻ ٻڌل ۽ نڪور سلوگن پڙهي، سچ ته من سرمستيءَ جي کيپن ۾ ٻڏڻ لڳو. ثقافت کاتي پاران ٽن ڪِتابن جو مهورت ڪرايو ويو. پر اهي ڪِتاب ڪهڙا هئا؟ ان باري ۾ پنڊال ۾ ويٺل آخر تائين هڪٻئي کان پڇندا رهيا. ڪِتابن جون هڪ هٿ جي آڱرين تي ڳڻيل ڪاپيون آنديون ويون. جن کي ائين ظاهر ڪيو ويو، جيئن جادوگر رومال مان ڪبوتر ظاهر ڪندو آهي. ڪِتابَ ”نه تو ڏٺا نه مون ڏٺا“ ته ٿي ويا، پر خريد ڪرڻ جي خواهش رکندڙن لاءِ ڪو وڪري جو اسٽال نه هڻي به هڪ ٻي سهڻي روايت جو ثبوت پيش ڪيو ويو. (جڏهن ته ساڳي ئي وقت سچل يادگار ڪاميٽيءَ پاران ”سرمست“ ۽ ”سچل سووينئر“ سموري پنڊال ۾ ويٺل سنڌ جي مختلف علائقن مان آيل اديبن جي خدمت ۾ پيش ڪيا ويا).
”ٽوڙ رواج ۽ رسمون ساريون“ واري هدايت تي عمل پيرا ٿيڻ جو ثبوت ان کان وڌيڪَ ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته مشاعري جي محفل جو آغاز بغير ڪنهن صدارت ۽ خاص مهمان جي موجودگيءَ ۾ ڪيو ويو. مقصد صرف اهو هو ته جيئن انهن اجاين فارملٽين ۾ پئي، وقت وڃائڻ بجاءِ شاعرن کي ”اُڪلائي“ وٺجي ۽ شاعرن کي ائين سڏيو ويندو رهيو، جيئن ڪنهن نائِڪَ پاران ملزم کي عدالت ۾ سڏبو آهي ته: ”فلاڻو حاضر ٿئي.......“ پر اها به هڪ نئين روايت ئي هئي جو اڳواٽ اعلان ڪري ڇڏڻ باوجود ڊائس جي ڪٽهڙي ۾ ايندڙ ملزم شاعرن کي کيسي مان شعر وارو پنو ڪڍڻ ۽ اکين تي عينڪ لڳائڻ واري مهل ئي منتظمين پاران هڪلون ٿينديون رهيون ته: ”سچل تي پڙهه، شعر سچل تي پڙهه.“ (اهڙي ئي عجيب ماحول ۾ ايازگل جي وائي ”سچل ته ساهه ۾ آ“ کي الائي ڪيترن ڪنن ۽ دلين ٻڌو، مان نٿو ڄاڻان).
ريتن رسمن کي ٽوڙڻ ۽ ”مرد ٿئين مردانو“ واري سٽ تي عمل ڪرڻ جا رڪارڊ ته ان وقت پئي ٽوڙيا ويا، جڏهن شاعر شعر پڙهي، اسٽيج جي ساڄي هٿ تي موجود ثقافت کاتي جي اڪائونٽس واري شعبي جي همراهن جي ور ٿي چڙهيا، جِتي موجود هڪ ڊگهي قد واري همراهه شاعرن کان ”نالو ڇا اٿئي؟ شعر پڙهيئي؟ سچل تي شعر پڙهيئه؟! شناختي ڪارڊ ڪاٿي اٿئي؟“ جهڙا سوال ائين پڇي رهيو هو، جيئن جاچ دوران صوبيدار ڏوهاريءَ کان پڇندو آهي.
شاندار روايتن جو اهو سلسلو اتي ڪونه کٽو هو، پر ان ۾ هڪ روايت اها به وڌائي وئي ته اڌ مشاعرو گذرڻ کان پوءِ شمشير الحيدريءَ کي صدارت لاءِ مٿي سڏيو ويو (ايستائين مشاعرو بنان صدارت جي هلي رهيو هو) ۽ ڇا ته ”دل لڀائيندڙ“ منظر هو اهو، جڏهن وچ مشاعري ۾ شمشير کان شعر پڙهائي وري مٿان بشير منگيءَ کي شعر لاءِ سڏيو ويو.
بهرحال سچل سائينءَ جي سنيهي تي عمل ڪندي، مدي خارج ريتن، رسمن کي ٽوڙڻ جو اهو مشن جيڪو هٿ ۾ کنيو ويو آهي، ان جو سفر رڪڻو نه آهي ۽ اهو سلسلو ”سوا موجود“ جي نڪور سلوگن هيٺ جاري رهندو.
(19 سيپٽمبر 2009ع)