ڪراچي، بي نانءُ ڀؤ ۽ وسوسن جي ڊگهي زنجير!
شيريٽن هوٽل جي بلڪل سامهون، وزير اعليٰ هائوس ۽ گورنر هائوس جي ويجھڙائيءَ ۾ ٿيل خودڪش بم ڌماڪو، جِتي پاڪستان نيوي لاءِ آبدوز تيار ڪندڙ ٻارنهن فرانسيسي ماهرن لاءِ موت جو نياپو بڻجي آيو آهي، اتي اسلام آباد ۾ ڪجهه عرصو اڳ ٿيل چرچ تي حملي ۽ ڊينيئل پرل جي قتل کانپوءِ پاڪستان جي عالمي سطح تي بدناميءَ لاءِ هڪ نئون سبب پڻ بڻجي آيو آهي. ڊاڪيا رڊ روڊ واري علائقي ۾ پاڪ نيوي جي سب ميرين تائين ان چمڪندڙ صبح جو نه پهچي سگهندڙ فرانسيسين جي عضون جا ٽڪرا، گاڏين جا ملبا، عالمي ميڊيا تي ”ڀاري مينڊيٽ يافته صدر“ جون پريشان چهري سان وضاحتون ۽ ڪراچيءَ جي شهرين جا هڪ دفعو ٻيهر بي رنگ ٿي ويل چهرا، الائي ڪيترن نون سوالن جي شاهراهه تي اچي بيٺا آهن!
سياسي تجزيه نِگار ڀلي ته هن حملي کي پاڪستان جي دفاعي سگهه تي ٿيل حملو قرار ڏين، هو ڀلي پاڪستان نيوي جي ماڊر نائيزيشن جي عمل جي رولڙي ۾ پئجي وڃڻ جي خطري جي خيالَ ۾ پريشان هجن، پر فرينچ خوشبوئن جهڙن انهن خوابن جي هميشه هميشه لاءِ رولڙي ۾ پئجي وڃڻ تي ڪير پريشان ٿيندو، جيڪي خواب ان خراب صبح جو هڪ لمحي ۾ پنهنجي مالڪ اکين سميت، غليظ سياستن جي مڪروهه مَفادن جي ملبي هيٺ دٻجي ويا؟. اڄ جيڪڏهن بالزاڪ يا موپاسان موجود هجن ها ته پنهنجي هم وطنن جي انهيءَ المناڪ موت تي گهٽ ۾ گهٽ هڪ افسانو ضرور لکن ها يا وري بودليئر جي قلم مان هڪ لڙڪن هاڻو نظم ضرور لکجي وڃي ها.
اڄ مون کي الائي ڇو موناليزا جي لازوال مرڪ، شيريٽن هوٽل جي سامهون گاڏين جي ملبي مان اٿندڙ دونهين ۽ سڙيل لاشن تي هڪ خطرناڪ طنز وانگر محسوس ٿي رهي آهي.
اهڙي صورتحال ۾ جڏهن شهر جو انتهائي اهم ۽ حساس علائقو، غير معمولي حفاظتي انتظامن جي باوجود لمحي ۾ ڇا مان ڇا بڻجي وڃي، اُتي هڪ عام شهري علائقي جي رهاڪوءَ جي زندگيءَ جي ڪهڙي ضمانت باقي بچي ٿي؟!..... ۽ ڪنهن به امڪاني دهشتگرديءَ کي انٽيليجينس نيٽ ورڪ جي مضبوطيءَ جي آڌار، اڳواٽ ئي روڪي ڇڏڻ وارو صدر جو خيال هتي پهچي محض خام خيال ئي بڻجي وڃي ٿو. ۽ هِتي پهچي ”ڪراچي“ به اها ڪراچي نه ٿي رهي، جيڪا سنڌ جي محبوب شاعر جي آڱر ۾ منڊيءَ وانگر پوري ايندي هئي ۽ جنهن جي ٻهڪندڙ صبحن ۽ مهڪندڙ راتڙين جو ذڪر هو پنهنجي ڊائريءَ ۾ پيار سان ڪري ٿو.
خُدا ڄاڻي ته هن شهر جون خوشيون ايتريون ناپائيدار ڇو ٿيون بڻجي وڃن؟ لياريءَ جي ٻاڪڙا هوٽلن تي چانهه جي پيالين ۽ ڪچهرين جي سهاري اکين ۾ راتيون ڪاٽي ڇڏيندڙ اڌڙوٽ، سئنيمائن تان ڪنهن لو اسٽوري فلم جو آخري شو ڏسي پنهنجي علائقن ڏانهن موٽندڙ نوجوان ۽ ان کان به اڳ نيرڙين شامن جو ڪي ايف سي ۽ ميڪڊونالڊ تي ”ڊيٽ“ هڻندڙ برگر فيملين جا نوجوان جوڙا، آخر پنهنجي زندگي ان ردم ۾ ڇو نه ٿا گذاري سگهن، جيڪو ردم اوچتو ئي اوچتو ڊانوا ڊول ٿي وڃي ٿو. بس دير هڪ ڌماڪي جي هُجي ٿي ۽ ان ڌماڪي کان پوءِ وارن ايندڙ صُبحن ۾ پنهنجي پنکڙين جهڙن، ٻارن کي هٿ ۾ لنچ باڪس ڏيندي ۽ اسڪول بس ۾ چاڙهيندي، مائرن جي اکين ۾ هڪ عجيب بيچيني ۽ اُلڪو جاڳي پوي ٿو، آفيسن ڏانهن ويندي ۽ مني بسن ۾ لٽڪندي هڪ بي نانءُ ڀؤ ۽ وسوسن جي هڪ ڊگهي زنجيرَ ٺهندي ٿي وڃي. ڪنهن به اوچي عمارت ۾ ڪنهن ڪم سانگي داخل ٿيڻ کان اڳ ساهن جي ترتيب بگڙجي وڃي ٿي. چؤنڪ ۽ چوراها ڇرڪيل ڇرڪيل نظر اچن ٿا. بازارون پنهنجي پنهنجي ڀَوَ جي ڀاونائن ۾ ڀڪوڙجي وڃن ٿيون. پلازائن جا پير ٺڪرين تي بيٺل محسوس ٿين ٿا.
اهڙي ئي ڪراچيءَ جي ڪربناڪ ڪيفيت کي محسوس ڪندي ڪجهه سال اڳ رولاڪ شاعر هڪ نظم لکيو هو ته:
هن شهر جا ماڻهو
پنهنجي ننڊ اسلحي جي جھنگ ۾ وڃائي آيا آهن
جڏهن گولين جا آواز ۽ انسانن جا ڪن
هڪٻئي کان مانوس ٿي وڃن
تڏهن رت جو رنگ يا ڪائي دانهن
بلڪل به عجيب ناهن لڳندا
گهرن جا دروازا بند ڪري ڇڏيو
رستن جا ڏند تمام گهڻو تيز ٿي ويا آهن
بازار ۾ وڃڻ جي ضرورت ئي نه آهي
هوا ۽ روشني گهر ويٺي ئي ملي سگهن ٿا.
هوا ۽ روشني ته گهر ويٺي ملي به وڃن، پر ”مانيءَ“ جو گهر ويٺي ملي وڃڻ ڏاڍو مشڪل هجي ٿو. ان مانيءَ جي ڳولا ۾ فرانس جي خوشبوئن کي خيرباد چئي سنڌ جي سرزمين تي پهتل مسافرن کي زندگيءَ تان هٿ کڻڻو پيو. پر هِتي آئون ذڪر ان فقيرياڻيءَ جو ڪرڻ چاهيان ٿو، جيڪا مانيءَ جي ڳولا ۾ صبح کان شامَ تائين ڪراچيءَ جي پوش علائقن جي مختلف روڊن تي پنڌ ڪندي رهندي هئي ۽ چمڪندڙ سڪن جي عيوض چمڪندڙ زندگيءَ جي ڊيگهه جون، دعائون ورهائيندي هئي. سندس زندگيءَ جي ڊگهي ڏور ته هن بم ڌماڪي سان گڏ ڪٽجي به چڪي، پر هن جو موت آءِ جي سنڌ سميت ڪنهن به انتظامي اهڪار لاءِ پريشانيءَ جو سبب نه بڻجندو ۽ نه ئي سندس زندگي ڪنهن ڪالم نِگارَ جي ڪالمَ جو موضوع بڻجندي. ”هوءَ هتان جي ”وي آءِ پي“ روڊن تي خيرات ضرور گهرندي هئي پر پاڻ ”وي آءِ پي“ هرگز نه هئي. ان ڪري پريشان نه ٿيڻ گهرجي.“ هي طنزيه جملو اڇلائڻ کان پوءِ ريما ۽ ميرا جي سر بخت جو خير گهرندڙ اسان جو هڪ دوست، سندن ”خير و عافيت“ ۽ ”سرن جي سلامتيءَ“ جي خوشيءَ ۾ ”سنگت“ کي مِٺائي ته کارائي ٿو پر پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ رٿيل آخري ٽيسٽ مئچ جو رڻ ۾ رلي وڃڻ ۽ ”ڪيويز“ جو پنهنجي وطن ڏانهن واپس هليو وڃڻ پوءِ به کيس اداس ڪري ٿو ڇڏي.
۽ هاڻوڪي ڪراچيءَ مان جڏهن وڏي تعداد ۾ پرڏيهين جي پنهنجي پنهنجي وطن ڏانهن موٽڻ جون خبرون ملن ٿيون، صرف هڪ ڏينهن ۾ ٽي سؤ کان مٿي پرڏيهين جي ڪراچيءَ کي ڇڏڻ جا اطلاع ملن ٿا، وڏين هوٽلن جا ڪمرا ويران ٿي وڃن ٿا، فرانس، جاپان، آمريڪا ۽ چين سميت برطانيه جا شهري پڻ پنهنجا ”بوريا بستر“ دونهاٽيل ڪراچيءَ مان گول ڪري وڃن ٿا، تڏهن اقتصادي ماهرن جي اڳيان، ”هن واقعي جا اسان جي اقتصاديات تي اثر“ وارا سوال اچي بيهن ٿا.
ايف بي آءِ، فرانسيسي ۽ پاڪستاني ايجنسين تي ٻڌل گڏيل انويسٽيگيشن ٽيم جيستائين هن واقعي جا پيرا ليڪي انهن جي مٿان کارا رکي وٺي، پاڻ اچو ته هڪ پرسڪون ڪراچيءَ لاءِ دُعا گهري وٺون. اهڙي ڪراچي جنهن ۾ جھرڪين جو آواز بندوقن جي آواز ۾ دٻجي نه وڃي، اهڙي ڪراچي جنهن جون شامون اڪيلي سمنڊ جي ساٿَ ۾ محبوبا جي ياد وانگر مڌم رنگن جو اهڃاڻ بڻجي وڃن.
(12 مئي 2002ع)