ڪالم / مضمون

گل گل هٻڪار

رئوف نظاماڻي صاحبَ جو شُمار سنڌُ جي اُنهن سنجيده ۽ گهڻَ ـــ پڙهين ليکڪن ۾ ٿئي ٿو جيڪي سنڌي اَدبَ ۽ سماجَ ڏانهن هِڪَ گهري ۽ تنقيدي نِگاههَ واري پهچَ رَکن ٿا. هُو هِڪَ ڊگهي عَرصي کان سنڌي اَدبَ سان لاڳاپيلَ مختلف موضوعن، شخصيتن ۽ ڪِتابن تي پنهنجا تنقيدي ۽ اڀياسي مضمونَ لکندو پيو اَچي، جيڪي هِنَ کان اَڳُ مُختلف اخبارن ۽ رسالن جي صفحن ۾ وکريا پيا هُيا، هِنَ ڪِتابَ ۾ اُنهن مڙني مضمونن مان ڪجُهه چونڊَ شامل ڪَئي وَئي آهي. هِنَ اهم ۽ سَنجيده نوعيت جي ڪِتابَ ۾ شامل مَضمونَ، موضوعن جي وِرائِٽي ۽ نظاماڻي صاحبَ جي مخصوص ڳوڙهي ۽ فڪري اندازَ سبب يقيناً وڏي اهميتَ وارا آهن.
Title Cover of book گل گل هٻڪار

خالي بينچَ ۽ اڻپورو پيارُ

خالي بينچ، اسحاق انصاريءَ جو پهريون ناول آهي. ناول لاءِ عام طور تي اهو چيو ويندو آهي ته اهو پنهنجي ماحولَ جو عڪاس هوندو آهي، پر اهو ماحول ناول جي ڪردارن جي حوالي سان ئي ٺهندو آهي جِتي ناول نگار انهن ڪردارن کان پنهنجي زبان ڳالهارائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ته اتي نه رڳو اهي ڪردار پنهنجو پاڻَ کان اوپرا ٿي ويندا آهن پر ناول، فڪشن کان هَٽي مضمون ۽ تقرير جي دائري ۾ داخل ٿي ويندو آهي. ان ڪري ليکڪ جيڪي ڪردار چونڊي ٿو انهن جي ماحول ۾ ئي کين رهڻو پئي ٿو.
ناول جي لکجڻ ۽ ڇپجڻ ۾ اٽڪل ڏهن سالن جو وقفو آهي. ليکڪ کي اها وضاحت ڏيڻ جي ضرورت ان ڪري پيش آئي آهي ته جيئن پڙهندڙ ان وقت جي حالتن جي تناظر ۾ ناول کي ڏسي ۽ پرکي. منهنجي خيالَ ۾ اهڙي ڪنهن به وضاحت جي ضرورت نه هئي. ڇاڪاڻ ته ناول نگار ڪو تاريخدان يا محقق ناهي جنهن تي اهو فرض عائد ٿيندو هجي ته هو صورتحال کي جيئن جو تيئن پيش ڪري. هِتي ناول نگار جو تصور، ڪهاڻيءَ جو سٽاءُ ۽ حالتن ۽ ڪردارن جي تخليق وڌيڪَ اهميت جي حامل هوندي آهي. دراصل ناول نگار جو فن نين حقيقتن کي جنم ڏيندو آهي جن کي ڏسڻ کان وڌيڪَ محسوس ڪري سگهبو آهي. اهڙي ريت هن ناول ۾ جيڪڏهن اهڙي ڪا وضاحت نه به ٿئي ها ته ڪو فرق نه پئي ها.
ناول ۾ ٻه مُک ڪردار آهن، ثاقب ۽ ساحره، ائين چوڻ وڌيڪَ مناسب ٿيندو ته هڪ ئي ڪردار، ثاقب ان وارتا کي بيان ڪري ٿو جيڪا ٻنهي ڪردارن تي گذري ٿي. ان بيان جو مک ذريعو اهي خط آهن جيڪي انهن ٻنهي ڪردارن هڪ ٻئي ڏانهن لکيا آهن جن کي ڳنڍڻ لاءِ ثاقب ان وارتا کي بيان ڪري ٿو جيڪا ٻنهي ڪردارن تي گذري ٿي. ان بيان جڪو مک ذريعي اهي خط آهن جيڪي انهن ٻنهي ڪردارن هڪ ٻئي ڏانهن لکيا آهن جن کي ڳنڍڻ لاءِ ثاقب مختلف هنڌن تي بيانيه انداز اختيار ڪري ٿو. موضوع جي لحاظ جيتوڻيڪ اهو رومانس ۽ پيار جي وڌيڪَ ويجھو آهي پر ان کي هڪ پيار ڪهاڻي نه ٿو چئي سگهجي. ڇاڪاڻ ته پيار ذهني هم آهنگيءَ سان گڏ ٻن انسانن جي وچ ۾ هڪ برابريءَ واري ناتي جو نالو آهي. اها برابري احساسن، جذبن ۽ خيالن جي هوندي آهي. جِتي به ٻنهي مان ڪو ٻئي تي حاوي ٿيڻ ۽ بليڪ ميل ڪرڻ شروع ڪندو آهي اتي ان رشتي جي پڄاڻي ٿي ويندي آهي ۽ هڪ نئون رشتو جنم وٺندو آهي جيڪو بجاـءِ ٻن پريمين جي وچ ۾ هجڻ جي آقا ۽ غلام ۽ ديوتا ۽ پڄاريءَ جي وچ ۾ هوندو آهي. ان لحاظ کان هن ناول ۾ ثاقب ۽ ساحره جي وچ ۾ پريم جو ناتو ته ڪڏهن به نه قائم ٿي سگهيو آهي. ثاقب هڪ انوکو ڪردار آهي. عورت سان تعلق متعلق سندس پنهنجو هڪ مخصوص نظريو ۽ انداز آهي، هو دوستيءَ ۾ يقين رکي ٿو ۽ پيار ۽ شاديءَ وغيره جهڙين ڳالهين کي بلڪل بيڪار سمجھي ٿو. جيتوڻيڪ هو سمجھي ٿو ته جسماني لحاظ کان هو هڪ رواجي ڇوڪرو آهي پر منجھس عورتن کي متاثر ڪرڻ ۽ کين پنهنجو گرويده ٺاهڻ جي بيپناهه صلاحيت موجود آهي. پڙهائي، راندين ۽ ٻين مشغولين ۾ سندن مدد ڪرڻ ڪري هو، سندس ويجھو رهڻ چاهين ٿيون. اهڙو ڪردار جيڪو بجاءِ محبت ڏيڻ جي ان ڳالهه جي گهر ڪري ٿو ته کيس نه رڳو چاهيو وڃي پر کيس پوڄڻ جي حد تائين سندس نخرا کنيا وڃن. هو جيتوڻيڪ ڌيري ڌيري ساحره جي ويجھو به ٿئي ٿو ۽ ساڻس Involve به ٿئي ٿو پر نه ته هو ان کي پيار جو نالو ڏيڻ چاهي ٿو ۽ نه ئي شادي ڪرڻ جي مرضي ڏيکاري ٿو. هڪ لمحي لاءِ اهو سوال اٿي ٿو ته ڇا اهڙو ڪردار حقيقي ٿي سگهي ٿو جيڪو پيار جي ايترو ويجھو هوندي به ايترو پري ۽ لا تعلق نظر اچي. پر سنڌ جي پس منظر ۾ ڏسندي اهڙي ڪردار لاءِ ٻه سمجھاڻيون ٿي سگهن ٿيون. ان ۾ هڪ ته اها آهي ته سنڌي سماج ۾ عورت ۽ مردَ جي ويجھڙائي هڪ ڏکيو عمل آهي، خاص طور تي سنڌ جي ننڍن شهرن ۽ ٻهراڙيءَ ۾ ته اهو اٽڪل هڪ ناممڪن عمل آهي، ان صورتحال ۾ هڪ نوجوان لاءِ تصوراتي دنيا جوڙڻ جنهن ۾ هو لا تعداد ڇوڪرين لاءِ نِگاهن جو مرڪز هجي ناممڪن ڳالهه ناهي ۽ خاص طور تي اهڙي نوجوان لاءِ جيڪو پنهنجو تعارف ڪرائيندي چوي ٿو ته ”مان ڪو خوبصورت ناهيان، سانورو، ٿلها چپ، نڪ بينو ۽ ننڍيون اکيون....“ ان ڳالهه جا امڪان وڌيڪَ آهن ته اهڙو نوجوان احساس ڪمتري/برتريءَ جو شڪار رهي ٿو ۽ پيار جي لطيف احساسن کي سمجھڻ کان محروم رهي ٿو. ان جي ٻي وضاحت هن سماج ۾ مردَ جي مٿڀرائپ واري روايت آهي جنهن جي ڪري سندس لاءِ عورت سان پيار واري سطح تائين لهي اچڻ بيعزتي ۽ هتڪ واري ڳالهه آهي. ناول جي پڄاڻيءَ ۾ ساحره جي شاديءَ کان پوءِ سندس رويي مان جيتوڻيڪ لڳي ٿو ته هن ڪجهه وڃايو آهي پر هو ممڪن حد تائين پنهنجن جذبن ۽ احساسن کي ضابطي ۾ رکي ٿو.
فڪشن ۾ استشنائون ٿينديون آهن ۽ تخليقڪار کي اهو حق حاصل آهي ته هو انهن جو استعمال ڪري. شايد ناول ۾ به ليکڪ پنهنجي ان حق کي استعمال ڪيو آهي. اها ڳالهه خاص طور تي ان وقت گهڻو محسوس ٿئي ٿي جڏهن ثاقب نه رڳو ساحره سان ساحره جي گهر ۾ ملي ٿو پر ساڻس پيار به ونڊي ٿو. عام طور تي سنڌي سماج ۾ ۽ اهو به خيرپور جي ماحولَ ۾ اهو ممڪن ناهي پر اهو ٿي سگهي ٿو ته ڪجهه خاندانن ۾ ائين ٿيندو به هجي ۽ ليکڪ اتان ئي ان صورتحال کي جھٽيو هُجي.
سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج سياسي لحاظ کان نهايت سرگرم رهيا آهن. خاص طور تي ان دور ۾ جڏهن اهو ناول لکجي رهيو هو اها سرگرمي عروجَ تي هئي. اهو بلڪل ممڪن آهي ته ناول جي مُک ڪردارن جي ان سڀ ڪجهه ۾ دلچسپي بس نالي ماتر هجي يا ماڳهين هڪ بيزاري واري ڪيفيت هجي جيئن اهي مختلف جاين تي اظهار به ڪن ٿا ته ”شعور جي اوسر تي زبردست پابندي وجھڻ خاطر شاگرد تنظيم جي واڳ سنڌ جي مشهور ڏوهارين ۽ ڌاڙيلن جي سپرد ڪئي وئي آهي. استادن تي ذهني ۽ جسماني تشدد ڪيو وڃي ٿو “. يا ”شاگردن جي ڪا به مؤثر تنظيم ناهي. هو ٿوري ٿوري ڳالهه تي پنهنجن جي رت سان هٿ رڱيو ويٺا آهن.“ انهن ڪمينٽس کان سواءِ چوڌاري جيڪو وهي واپرجي رهيو هيو ان تي وڌيڪَ تفصيل نه ٿا ملن. شارٽ اسٽوري ۾ ته اهڙي ڪنهن تفصيل کان گريز کي نظر انداز ڪري سگهجي ٿو پر ناول جي حوالي سان ليکڪ کان اها توقع به رکي سگهجي ٿي ۽ گُهرَ به ڪري سگهجي ٿي.
نثر لاءِ ليکڪ ۽ پڙهندڙ جي وچ ۾ Communication نهايت اهميت رکندڙ آهي. جيڪڏهن ٻنهي جي وچ ۾ اهو لاڳاپو ڪمزور يا ختم ٿي وڃي ٿو اتي ان نثر جي اهميت گهٽجي وڃي ٿي ۽ اهو خود ڪلامي ۾ بدلجي وڃي ٿو. ان هڪ خاصيت کانسواءِ فڪشن لاءِ ٻه شيون ٻيون به اهميت رکن ٿيون. انهن ۾ هڪ خود روي ۽ ٻي زبان جي سونهن آهي. فڪشن بنيادي طور تي ماڻهوءَ جي اندر يعني سندس احساسن ۽ جذبن جو ترجمان هوندو آهي. اهي ٻه شيون ان لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿيون. ٻوليءَ جي سونهن، تشبيهن ۽ استعارن جو مناسب استعمال، بيان جي رواني ۽ ڪردارن سان پنهنجائپ محسوس ڪرڻ وغيره سان ان شيءِ جي اهميت ۽ عمر وڌي وڃي ٿي. ان لحاظ کان جيڪڏهن ذڪر هيٺ ناول کي پرکيو وڃي ته ان ۾ اها ڳالهه نهايت واضح نظر ايندي ته ليکڪ جو انداز داستان گوئيءَ وارو آهي. جيتوڻيڪ ان ناول جي جيڪا نوعيت آهي ان ۾ ان ڳالهه جي ڪافي گنجائش هئي ته ليکڪ اڻ پورن جذبن/احساسن کي بيان ڪرڻ لاءِ اڻ پورن جملن جو استعمال ڪري ها ۽ جملن کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪري ها. جيڪڏهن ان انداز ۾ به هڪ خود رويت هجي ته ان ۾ پڻ ساڳي سونهن پيدا ٿي وڃي ٿي پر هٿراڌو طور تي انهن جو استعمال ان تخليقَ جي سونهنَ کي متاثر ڪري ٿو. اهڙي ريت ليکڪ ڄڻ پنهنجي فطري انداز کي برقرار رکيو آهي جنهن جي ڪري پڙهندڙ ڪٿي به پاڻ کي ناول کان الڳ محسوس نه ٿو ڪري. ساڳي طرح ٻوليءَ جي سونهن کي پڻ برقرار رکڻ لاءِ تشبيهن ۽ استعارن جو مناسب استعمال ڪيو ويو آهي. خاص طور تي ان قسم جي ناول ۾ جنهن جو موضوع عشق ۽ محبت هجي ان ڳالهه جي ضرورت گهڻي هوندي آهي. ان ضرورت کي گهڻي حد تائين پورو ڪيو ويو آهي ۽ ڪٿي ڪٿي ته ايئن محسوس ٿئي ٿو ته ڄڻ نثر شاعريءَ جو روپُ وٺي ويو آهي.
موضوع، ماحول ۽ ڪردارن ۽ ورتاءُ وغيره جي لحاظَ کان اهو چئي سگهجي ٿو ته اسحاق انصاريءَ جو نثر سنڌي ادب ۾ هڪ اهم حيثيت والاري ٿو.